سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ سنڌي پورهيت سنگت پاران ڌارين آبادڪاري خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي ۾ سنڌي پورهيت سنگت ضلعي طرفان سنڌ ۾ افغانين ۽ ٻين ڌارين جي ڪچين آبادين کي مستقل ڪرڻ، پاڻي کوٽ ۽ سنڌ دشمن منصوبن خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن سراج ڪلهوڙو، محمد هاشم مڪول، ممتاز جويو ۽ ٻين چيو ته گذريل مني صدي کان سنڌ ۽ سنڌين کي چيڀاٽڻ ۽ سنڌ جا وسيلا ڌارين کي ڏيڻ جو سلسلو جاري آهي. پيپلزپارٽي ان سموري عرصي ۾ سنڌ سان سڌي ۽ اڻ سڌي دشمني ڪندي رهي آهي ۽ سنڌ جي نام نهاد نمائندن جي آڙ ۾ ڌارين جي والار ڪندي رهي آهي. هنن چيو ته هڪ پاسي سنڌ جي گادي واري هنڌ ڪراچي ۾ سنڌي وسندين کي ڊاهي پٽ ڪري ڌرتي ڌڻين کي بي گهر ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي ته ٻئي طرف لکين افغانين، پنجابين، برمين، بنگالين ۽ ٻين ڌارين کي سهولتون ڏئي کين ريگيولر ڪيو پيو وڃي. هنن چيو ته ته حيرت جي ڳالهه آهي ته ڌاريا هر دور ۾ پي پي جي سنڌي قيادت کي بڇڙو ڪندا رهيا آهن پر پوءِ به پ پ جون سموريون ڪوششون ڌارين کي آباد ڪرڻ لاءِ آهن. هنن چيو ته سنڌ ۾ هن وقت پاڻي جي سخت کوٽ آهي پر آبادگارن کي پاڻي فراهم نه ڪري سندن معاشي قتل عام ڪيو پيو وڃي. هنن مطالبو ڪيو ته ڌارين کي نيڪالي ڏئي سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ڏئي سنڌ دشمن منصوبا بند ڪيا وڃن ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button