سنڌ

وارهه ڪئنال ۾ پاڻي جي لاڳيتي کوٽ خلاف آبادگارن جو احتجاجي مظاهرو

وارهه ڪئنال ۾ ٻن مهينن کان پاڻي جي مسلسل کوٽ خلاف عمران تونيو، عبدالمالڪ گوپانگ، شعيب چنو ، ممتاز علي گوپانگ، هوشو چانڊيو، عظيم قريشي، غلام نبي خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ وارهه ڪئنال پل تي نٽهڻ اُس ۾ شاميانا هڻي 3 ڪلاڪ ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن دانهيندي چيو ته وارهه ڪئنال کي 15 مئي تائين پاڻي ڏنو ويندو آهي پر هن سال جولائي مهينو شروع ٿيڻ باوجود اڃا تائين پاڻي ناهي ڏنو ويو، جنهن سبب ساريالي فصل جو ٻيجارو به پوکجي ناهي سگهيو ۽ ساريالي فصل جي مند چڙهي وڃڻ ۾ باقي ڪجھه ڏينھن بچيا آهن جنهن ڪري خدشو آهي ته ساريالو فصل نه ٿي سگهندو، جيڪڏهن ساريالو فصل نه ٿيو ته آبادگار، هاري ۽ مزدور طبقي سميت مقامي معشيت تباهه ٿي ويندي ۽ هزارن ماڻهو معاشي بدحالي جو شڪار ٿي ويندا. خودڪشي ۽ بدامني جي واقعن ۾ اضافو ٿي ويندو. هنن چيو ته هڪ پاسي ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي ۽ بيروزگاري سبب ماڻهو سخت پريشان آهن ۽ جيڪڏهن فصل نه ٿيو ته علائقو تباهه ٿي ويندو. هنن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن هڪ هفتي اندر وارهه ڪئنال کي پورو پاڻي نه ڏنو ويو ته احتجاج جو دائرو ويندو. ٻئي طرف پ پ اڳواڻ قمرالدين گوپانگ ڳالهائيندي ٻڌايو ته وارهه ڪئنال ۾ پاڻي کوٽ واري مسئلي تي صوبائي وزير ڄام خان شورو سان ڳالهايو آهي، جنهن هڪ هفتي اندر وارهه ڪئنال کي مڪمل ۽ پورو پاڻي ڏيڻ جي خاطري ڪرائي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button