سنڌ

قمبر ۾ ڌرتي ڌڻي تحريڪ جي چيئرمين جي گرفتاري خلاف احتجاج

قمبر ۾ ڌرتي ڌڻي تحريڪ جي چيئرمين قادر چانڊيو ۽ سندس ساٿين جي بنا جواز گرفتارين خلاف ڪارڪنن پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي اڳواڻن غلام قادر چانڊيو، مسعود چانڊيو، انعام سومرو ۽ ٻين دانهيندي چيو آهي ته ڄامشورو پوليس ڌرتي ڌڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻن مٿان جڙتو ۽ ڪوڙا ڪيس داخل ڪري کين حراسان ڪري رهي آهي، جيڪا سندس منشا ڪڏهن به پوري ٿيڻ نه ڏبي. هنن عدالتن کان گهر ڪئي ته سندس اڳواڻ مٿان داخل ڪوڙيون ايف آ آر ختم ڪرائي کيس فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button