پاڪستان

عمران خان ڊونلڊ لو ۽ آمريڪي حڪومت کان معافي ورتي آهي: خواجا آصف

اسلام آباد: بچاء واري وزير خواجا آصف دعويٰ ڪئي آهي ته تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان آمريڪي نائب سيڪريٽري ڊونلڊ لو ۽ آمريڪي حڪومت کان پنهنجن الزامن تي معافي گهري ورتي آهي، جنهن جو سمورو رڪارڊ اسان وٽ موجود آهي. هن دعويٰ ڪئي ته تحريڪ انصاف جي هڪ اڳواڻ آمريڪا جي نائب سيڪريٽري ڊونلڊ لو سان ملاقات ڪئي ۽ آمريڪي حڪومت کان معافي وٺي سلسلو اتان کان شروع ڪرڻ جي درخواست ڪئي جتان ٽٽو هو. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي آمريڪي حڪومت کان معافي تلافي جا سمورا تفصيل ۽ شاهديون اسان وٽ اچي چڪيون آهن. هن چيو ته پاڪستان ۾ آمريڪا خلاف نعرا هڻندڙ جي هوا نڪري وئي آهي ۽ هو آمريڪا جا پير جهلي رهيو آهي، عمران خان پيغام ڏنو آهي ته اسان کان غلطي ٿي وئي آهي، سلسلو اتان کان شروع ڪيو وڃي جتان ٽٽو هو. خواجه آصف چيو ته عمران خان آمريڪي سفارتڪار کي پيغام ڏنو ته هو آمريڪا سان معاملا ٺيڪ ڪرڻ چاهي ٿو. وزير دفاع وڌيڪ چيو ته آمريڪا جي معاملي تي عمران خان جي هوا نڪري وئي آهي ۽ هاڻي پي ٽي آءِ طرفان ڊونلڊ لو کي منٿون ڪيون پيون وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button