پاڪستان

وزيراعظم طرفان بجلي بحران گهٽائڻ لاءِ بند پاور پلانٽس بحال ڪرڻ جو حڪم

لاهور: وزيراعظم بجلي بحران ۾ گهٽتائي لاءِ بند پاور پلانٽن کي فوري طور بحال ڪرڻ ۽ بجلي جي لوڊشيڊنگ جا سبب واضح ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ملڪ ۾ جاري بجلي جي لوڊشيڊنگ بابت وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ احسن اقبال، مصدق ملڪ، مفتاح اسماعيل، خرم دستگير، مريم اورنگزيب، شاهد خاقان عباسي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ توانائي بابت اعليٰ سرڪاري آفيسر به موجود هئا، اجلاس ۾ ملڪ ۾ جاري بجلي بحران تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جنهن ۾ وزيراعظم بند پاور پلانٽن جي فوري طور بحالي جو حڪم ڏنو. هن هدايت ڪئي ته بجلي لوڊشيڊنگ جي حوالي سان فوري طور رپورٽ پيش ڪئي وڃي، جنهن ۾ لوڊشيڊنگ جا سبب واضح ڪيا وڃن. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته صوبن کي پيئڻ جي پاڻي ۽ زرعي سهولتن جي فراهمي بابت معاملا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا وڃن ۽ ان سلسلي ۾ ارسا صوبن سان گڏيل مشاورت ۽ آزادي سان فيصلو ڪري.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button