پاڪستانپنجاب

وزيراعظم شهباز شريف جي چوڌري شجاعت سان ملاقات

لاهور: وزيراعظم شهباز شريف لاهور ۾ ق ليگ صدر چوڌري شجاعت حسين سان ملاقات ڪئي آهي. وزيراعظم شهباز شريف لاهور ۾ ق ليگ جي صدر چوڌري شجاعت حسين سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي ۽ سندس خيريت دريافت ڪئي. ٻنهي اڳواڻن موجوده سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، جڏهن ته ملاقات ۾ وفاقي وزير سالڪ حسين، صوبائي وزير ملڪ احمد خان ۽ چوڌري شافع حسين به موجود هئا. ذريعن مطابق پنجاب جو وڏو وزير حمزا شهباز ملاقات ۾ ٿيل انتهائي اهم اڳڀرائي جي حوالي سان اڄ اهم پريس ڪانفرنس به ڪندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button