سنڌ

ڪوشش آهي ته هيل برسات رحمت بڻجي: سعيد غني

محنت ۽ افرادي قوت جي صوبائي وزير ۽ سنڌ جي وڏي وزير جي رين ايمرجنسي لاءِ جوڙيل خاص ٽيم ۾ ضلعي ايسٽ جي فوڪل پرسن سعيد غني چيو آهي ته ڊسٽرڪٽ ايسٽ ۾ جتي جتي ماضي ۾برسات جو پاڻي بيهندو رهيو آهي، اتان ان جي مستقل نيڪال لاءِ انتظام ڪيا وڃن. گلستان جوهر ۾ رابعه سٽي طرف ويندڙ نالي سميت ڪنٽومينٽ بورڊ جي احاطي ۾ ايندڙ نالن جي صفائي لاءِ ڪي ايم سي، ڊي ايم سي، ڪي ڊي اي ۽ لاڳاپيل ڪنڊومينٽ بورڊز گڏجي فوري ان کي ڪليئر ڪرائين ۽ جن جن نالن تي قبضا آهن، انهن جي خاتمي لاءِ ڊپٽي ڪمشنر بنا دير قدم کڻن، رين ايمرجنسي جي سلسلي ۾ ڊي سي ايسٽ آفيس ۾ ڪنٽرول روم قائم ڪيو وڃي، جنهن ۾ ٽريفڪ پوليس، ڊي ايم سي، ڪي ايم سي، واٽر بورڊ، سنڌ سولڊ مئنجمينٽ سميت سمورا ادارا 24 ڪلاڪ رابطي ۾ رهندا. اسان جون ڀرپور ڪوششون هئڻ گهرجن ته هن سال چوماسي جون برساتون عوام لاءِ رحمت بڻجي وسن. اهڙن خيالن جو اظهار هن آچر ڏينهن ڊپٽي ڪمشنر ايسٽ جي آفيس ۾ ڪوٺايل اعليٰ سطح جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ڊپٽي ڪمشنر ايسٽ طارق چانڊيو، ايڊمنسٽريٽر ايسٽ رحمت الله شيخ، اي سي ون اسما بتول، ايس سي ٽو عميمه سولنگي، محمد آصف خان، ڪي ايم سي، ڪي ڊي اي، ڊسٽرڪٽ ايسٽ، سولڊ ويسٽ واٽر بورڊ، پوليس ۽ ٻين ادارن جا اعليٰ آفيسر موجود هئا. اجلاس ۾ ڊسٽرڪٽ ايسٽ ۾ برساتن کان اڳ ٿيندڙ قدم خاص ڪري نالن جي صفائي، چوڪنگ پوائنٽ مين شرائن سميت ڊي ايم سي جا اهي سمورا هيٺانهان علائقا شامل آهن انهن تي انتظامن جي حوالي سان تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سعيد غني چيو ته جتي جتي ماضي ۾ برسات جو پاڻي گڏ ٿيندو رهيو آهي، اتان ان جي مستقل نيڪال لاءِ قدم کنيا وڃن. اجلاس کان پوءِ صوبائي وزير ڊي سي ايسٽ ۽ ايدمنسٽريٽر ايسٽ رحمت الله شيخ سان گڏ ڊسٽرڪٽ ايسٽ جي علائقن گلستان جوهر، گلشان اقبال، شاهراه فيصل، اردو يونيورسٽي، گلشن، نيپا، يونيورسٽي روڊ، نرسري، محمود آباد سميت ٻين علائقن ۾پاڻي جي نيڪال جي حوالي سان قدمن جو جائزو ورتو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button