سنڌي ادب ۾ ناول گذري ويل ڏهاڪي کان وڏي انگ ۾ ڇپجڻ شروع ٿيو آهي. ان دوران اسان کي نون ناول نگارن جو انگ به ملي ٿو ۽ اهي ڪهاڻيڪار به ناول جهڙي اهم صنف ڏانهن واپس موٽي آيا، جن جو ناول نگاريءَ ۾ تجربا ڪرڻ ضروري هو. اڪبر سومري کان وٺي منظور ڪوهيار، ممتاز بخاري، رسول ميمڻ ۽ ٻين ناول کي هڪ سنجيده صنف طور ڏسندي پنهنجو حصو پتي شامل ڪيو آهي. ان کان سواءِ ڪجهه نوجوان ۽ نئين ٽهيءَ ناول نگار به سنڌي ناول کي بهتر ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، جن ۾ ڪليم ٻٽ، نور جوڻيجو ۽ ٻيا شامل آهن.
ڪجهه ڏينهن اڳ رسول ميمڻ جو ناول “ڪتا” پڙهڻ جو اتفاق ٿيو، جيڪو ابابيل جي پرچي 7/6 ۾ ڇپيو آهي. رسول ميمڻ نه رڳو هڪ سٺو ڪهاڻيڪار آهي، پر ناول نگاريءَ تي به هن کي سٺي گرفت آهي. جيتوڻيڪ هو وڏي وقت کان ڪهاڻيون ۽ ناول لکندو رهيو پر کيس مڃتا ويجهڙ وارن سالن ۾ ملي، هن جي لکڻ جي رفتار به گهڻي تيز هئي، ان ڪري هڪٻئي پويان هن جا ناول ايندا رهندا هئا. جيڪڏهن هو حياتي هجي ها ته اڃا به نوان ناول سنڌي ادب ۾ شامل ٿي وڃن ها. هن پنهنجن ناولن ۽ ڪهاڻين ۾ سرريئلزم ۽ علامت نگاريءَ وارن لاڙن کي وڌيڪ جاءِ ڏني آهي. جن ۾ هو فليش بيڪ واري ٽيڪنڪ به استعمال ڪندو رهيو آهي.
سندس ناول “ڪتا” آتم ڪٿائي ناول لڳي ٿو. ناول جو مک ڪردار مختلف وقتن تي ڪتا پاليندو رهندو آهي، جن جو گهر ڀاتي خيال رکندا آهن. اهي ڪتا جن کي مختلف نالا ڏنل هوندا آهن، اهي ڪنهن وقت گهرڀاتين کي گهڻا پيارا هوندا آهن پر ڪنهن مهل انهن جي اهميت صفا گهٽجي ويندي آهي. ڇاڪاڻ ته زندگيءَ جي ڪاروهنوار جا معاملا تبديل ٿيندا رهندا آهن. مک ڪردار پنهنجو گهر ٺهرائڻ چاهي ٿو، هن کي اهو ڊپ هوندو آهي ته هن جي نئين گهر لاءِ گهرايل سامان چوري ٿي سگهي ٿو، ان ڪري سامان جي حفاظت لاءِ هڪ ڪتو ضروري آهي. سندس پٽ ڪتو هٿ ڪري ٿو ۽ پوءِ ان ڪتي کي گهر جي حفاظت لاءِ رکيو وڃي ٿو. تنهن هوندي به گهر جو ڪم نارمل طريقي سان پورو نٿو ٿئي پر ان ۾ ڪئين رنڊڪون اچي وينديون آهن. ڪڏهن گهر جو سامان چوري ٿي ويندو آهي ته ڪڏهن وري ڪو واچوڙو اڌ اڏيل گهر کي ڊاهي ٿو ڇڏي ۽ ڪڏهن وري گهر جا ڪي ٻيا مسئلا پيدا ٿي پوندا آهن. سندس پٽ راڪو نالي ڪتي سان ايترو هري مري وڃي ٿو جو پنهنجي صحت جي معاملي ۾ لاپرواهه ٿي وڃي ٿو ۽ هن کي نڙيءَ ۾ نڪري آيل ڳوڙهيون ڪينسر طور ظاهر ٿين ٿيون. جنهن سبب هو گذاري ٿو وڃي ۽ ان کان پوءِ هڪ ٻي ڪتي پالي ٿي وڃي، جنهن کي گهڻو ئي پيار ملي ٿو، ان کان پوءِ هڪ ٻيو ڪتو به ان ڪٽنب حصو ٿئي ٿو. اهڙي ريت ڪتن ۽ انسان جي چوڌاري گهمندڙ ڪهاڻي هلندي رهي ٿي. ناول جو مک ڪردار نه رڳو اڪيلائي ۽ ويڳاڻپ جو شڪار ٿئي ٿو پر هو انهن رشتن جي ڀڃ ڊاهه جو شڪار به ٿئي ٿو، جيڪي هن کي اڪيلائيءَ جي ڪن حوالي ڪن ٿا. سندس وڏو پٽ هن کي ڇڏي پرڏيهه هليو ٿو وڃي ۽ ان کان پوءِ هو ڪتي سان اڪيلو رهجي ٿو وڃي.
هن ناول جا ڪردار جتي انسان آهن، اتي گلين ۽ گهرن ۾ رهندڙ ڪتا به آهن، جيڪي انسانن سان رلي ملي پنهنجي حياتي انهن تي قربان ڪرڻ لاءِ تيار هوندا آهن ۽ ڪٿي اهي انساني تشدد جو شڪار ٿي مارجي وڃن ٿا. اسين انساني جبلتن ۽ ان جي نفسيات جو ذڪر ته ڪندا آهيون پر جانورن جي نفسيات ۽ انهن سان لاڳاپيل جبلتن جو ذڪر ڪهاڻين يا ناولن ۾ گهٽ ئي ملندو آهي. رسول ميمڻ ڪتن جي روين ۽ انساني نفسيات کي بيان ڪيو آهي. هو لکي ٿو ته:
“مون کي ڪتن سان پيدائشي پيار جي بيماري آهي، شايد ڪتن سان پيار جي اهڙي موروثي بيماري منهنجي ٻارن ۾منتقل ٿي.”
انساني سماج گهڻي ڀاڱي منافقين ۽ ٻهروپن ۾ ورتل آهي، جتي انساني رويا انسان دشمن نظر اچن ٿا پر اهي هن ڌرتيءَ تي وسندڙ هر جيو لاءِ خطرناڪ آهن. انسان انسان کي ته ماري ٿو پر هو هر جيو کي ماري ٿو. اهو پکي پکڻ ۽ جانورن کي به نٿو ڇڏي، ان ڪري انسان پنهنجو پاڻ کي محفوظ ڪيو آهي پر جانور ۽ پکي پکڻ ان جي هوندي محفوظ نه آهن. ان کي پنهنجي حفاظت لاءِ ڪتو ڌارڻو پوندو آهي پر ڪتي جي حفاظت لاءِ انسان پنهنجون خدمتون آڇڻ لاءِ تيار نه هوندو آهي. ناول ۾ سماجي روين کان وٺي انسان جي اڪيلائي ۽ ان کان سواءِ ان جي وجود سان لاڳاپيل جيڪي مسئلا آهن، انهن کي چڱي ريت بيان ڪيو ويو آهي.
رسول ميمڻ جي لکڻ جي اسلوب جي هڪ خاص ڳالهه به آهي ته هن وٽ ڪهاڻي بيان ڪرڻ جو انداز بهترين آهي. هو ڪابه ڪهاڻي بيان ڪرڻ وقت پنهنجي ڀرپاسي موجود شين ۽ لقائن جو ذڪر وڏي سهڻي نموني ڪري ٿو، جيڪڏهن ڪهاڻيءَ ۾ ڪٿي وقت جو ذڪر اچي ٿو ته اهو وقت بابت بيان ڪندو آهي، جيڪڏهن اڪيلائيءَ جو ذڪر اچي ٿو ته اهو اڪيلائيءَ جو ذڪر ڪري ٿو. ائين ئي وڻ يا ڪنهن ٻئي اسم جو ذڪر اچي ٿو ته هو ان جو ذڪر تفصيل سان ڪندو آهي. هن ناول ۾ به هو ڪيترن ئي معاملن بابت لکي ويو آهي پر ناول جي ڪهاڻي ڪٿي بيهي نٿي اها پنهنجي رفتار سان هلندي رهي ٿي، ڪردار اچن، گم ٿين، وري نوان ڪردار شامل ٿين ۽ انهن جا قصا هلندا رهن ٿا. هڪ سٺي ناول جو گڻ اهو آهي ته ان ۾ قصو هلندو رهي ۽ پڙهندڙ کي اهو احساس نه ٿئي ته ڪهاڻيءَ ۾ ڪا اڳڀرائي ڪانه پئي ٿئي.
هيءَ ناول رڳو ڪتن جي باري ۾ ڪونهي، پر هڪ انسان جي اڪيلائي ۽ ويڳاڻپ جي باري ۾ به آهي، جنهن جي چوڌاري ڪتا آهن، انسان آهن، سماج آهي پر تنهن هوندي به هو ان اڪيلائيءَ کي روڪي نٿو سگهي، جيڪا آهستي آهستي هن کي پاڻ ڏانهن ڇڪيندي رهندي آهي. ويڳاڻپ جو اهو احساس ان ڪردار کي وري به اهو ئي احساس ڏياري ٿو ته هن جي اڪيلائيءَ جو ساٿي وري به اهو ڪتو آهي، جنهن کي مالڪ ڪڏهن ڪنهن ليکي ۾ نٿو آڻي يا وري ان کان بيزاريءَ جو اظهار ڪندي، ان کي ٿڏيندو رهي ٿو.
هيءَ ناول سنڌيءَ ۾ ويجهڙ ۾ آيل ڪجهه سٺن ناولن مان آهي. رسول ميمڻ هن وقت به سنڌي ناول نگارن ۾ سڀني کان اڳڀرو نظر اچي ٿو. ان ڪري جو هن سنجيدگيءَ سان ناول جهڙي صنف تي ڪم ڪيو ۽ ان کي پارٽ ٽائيم ڪم نه سمجهيو. تنهنڪري هن جي ڪيل پورهيي کي پڙهندڙ ساراهڻ کان سواءِ نٿو رهي سگهي. ناول ۾ ڊائيلاگ بنهه گهٽ آهي ڇاڪاڻ ته ليکڪ رڳو بيانيه انداز وسيلي ڪهاڻي بيان ڪري ٿو ۽ ان جي پڄاڻي به ان انداز سان ڪري ٿو، جتي خالي گهر ۾ هو ۽ سندس ڪتو آهي.