ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

5 جولاءِ، قومي ڪيلينڊر جو ڪارو ڏينهن

Editorial-Article-Amanat Jalbani

ڀٽي خاندان، قوم، رياست ۽ سياست جي خوب خدمت ڪئي آهي، ايتري تائين جو پنھنجي جان جا نذرانا به پيش ڪري نه ٿڪيا آهن. اهڙي ئي خاندان ۾ شھيد ذوالفقار علي ڀٽي جو جنم ٿيو. 5 جنوري 1928ع تي سر شاهنواز خان ڀٽو جي گهر ۾ روشن ڏيئو ذوالفقار علي ڀٽو پيدا ٿيو، جنھن سان خورشيد بيگم جي جهولي سائي ٿي. ڀٽي صاحب جي شروعاتي زندگي تعليم جي مشغلي ۾ رهي جيڪا بنيادي طور تي هر انسان جي ورثي ۾ اچي ٿي.
پنجين جولاءِ قومي ڪيلينڊر جو ڪارو ترين ڏينهن آهي، ان ڏينهن جمهوريت تي راتاهو هنيو ويو. ان ڏينهن جنرل ضياءُ الحق چونڊيل وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو هو.
7 مارچ 1977ع تي ملڪ اندر چونڊون ڪرايون ويون، ان چونڊن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي کي ڪاميابي حاصل ٿي پر مخالف ڌر سان تعلق رکندڙ جماعتن 1977ع واري چونڊن جي نتيجي کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪيو، 9 جماعتن تي ٻڌل پاڪستان قومي اتحاد عرف “9 ستارن” ڌانڌلين جا الزام هڻي شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي چونڊيل حڪومت خلاف احتجاجي تحريڪ شروع ڪري ڇڏي. ان دوران پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت ۽ مخالف ڌر جي وچ ۾ ڳالهيون ٿيون، جيڪي تقريبن ڪامياب به ٿي چڪيون هيون، جنهن ۾ ملڪ اندر نين چونڊن ڪرائڻ تي اتفاق ٿي ويو هو. 4 جولاءِ 1977ع تي ٻنهي ڌرين پاران هڪ ڊرافٽ به تيار ٿي ويو هو پر بدقسمتي سان جنرل ضياءُ جنهن اڳواٽ سامراجي قوتن جي اشاري تي اقتدار تي قبضو ڪرڻ لاءِ منصوبو جوڙي ڇڏيو هو، تنهن 5 جولاءِ 1977ع تي رات جي آخري پهرن ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي جمهوري حڪومت جو تختو اونڌو ڪري چونڊيل وزيراعظم ۽ اسلامي سربراهي ڪانفرنس جي چيئرمين شهيد ڀٽي کي حراست ۾ وٺي ڪوهه مري ۾ نظربند ڪري ڇڏيو. جنرل ضياءَ قومي اسيمبلي کي ٽوڙي ڇڏيو ۽ 1973ع جي متفقه آئين کي به معطل ڪري ڇڏيو. اهڙي طرح پاڪستان اندر 5 جولاءِ 1977ع تي آمريت جي دور جو آغاز ٿيو، اها آمريت ملڪ جي تاريخ جي طويل ترين آمريت هئي. جنرل ضياءَ چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر جي حيثِيت ۾ ملڪ اندر 18 آڪٽوبر 1977ع تي اليڪشن ڪرائڻ جو اعلان ڪيو. پر هن پهرين آڪٽوبر 1977ع تي چونڊن کي اڻ ڄايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو. بهرحال 5 جولاءِ 1977ع پاڪستان جي تاريخ جو بدترين ڏينهن هو، ان ڪاري ڏينهن تي هڪ آمر ۽ جابر جنرل ضياءَ ملڪي تاريخ ۾ پهرين چونڊيل حڪومت کي ختم ڪري ملڪ اندر مارشل لا نافذ ڪري ڇڏيو. جنرل ضياءَ رات جي اونداهي ۾ هڪ ڌاڙيل ۽ رهزن جيان واردات ڪري پاڪستان کي هڪ ڌٻڻ ۾ ڦاسائي ڇڏيو. جمهوريت تي راتاهو هڻندڙ جنرل ضِياءَ واعدو ڪيو هو ته ملڪ اندر ٽن مهينن اندر چونڊون ڪرائي اقتدار عوام جي چونڊيل نمائندن حوالي ڪيو ويندو، پر جنرل ضياءَ جيڪو پاڻ کي مرد مومن ۽ مرد حق سڏائيندو هو تنهن واعدي خلافي ڪري پنهنجي اقتدار کي ڊيگهه ڏني. جنرل ضياءَ اقتدار جي حوس ۽ شهيد ڀٽي جي دشمني ۾ ملڪ اندر مڪروهه ڪردار ادا ڪندي پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن مٿان ظلم جا پهاڙ ٽوڙي ڇڏيا. جنرل ضياءَ جي دور ۾ پ پ پ جي هزارين ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو، سون جي تعداد ۾ ڪارڪنن کي ڪوڙا هنيا ويا ۽ ڪيترن ئي سياسي ڪارڪنن کي گولين سان اڏايو ويو. ان جي باوجود به پيپلز پارٽي جا ڪارڪن “جيئي ڀٽو سدا جيئي” ڀٽو جا نعره هڻندا رهيا. ضيائي آمريت واري دور ۾ پ پ جي ڪارڪنن کان علاوه صحافين، دانشورن ۽ سياستدانن کي به ڪوڙا هنيا ويا ۽ جيل اندر بند ڪري اذيتون ڏنيون ويون. جنرل ضياءَ حق ۽ سچ لکڻ تي ڪيترن ئي اخبارن مٿان سينسرشپ جو قانون مڙهي ڇڏيو.
“وارن بينس” سياست ۽ ليڊرشپ جي حوالي سان پنھنجا خيال پيش ڪيا آهن ته،”ليڊرشپ چئجي ٿو، صلاحيتن جي صحيح استعمال ڪرڻ کي، صلاحيت اها لياقت آهي جا پنھنجي مقصد کي سچائي ۽ بقا ڏانھن تبديل ڪري ٿي.” اها ئي تبديلي ڀٽي صاحب جي ذهن ۾ هئي، ان دوران پاڪستان ملڪ ٺاهڻ لاءِ ٿيندڙ ڪوشش زور شور سان جاري هيون ان دوران ذلفي ڀٽو تحريڪ پاڪستان جي باني قائد اعظم محمد علي جناح جي ڪوششن کي ساراهيندي ڏانھس هڪ خط لکي پنھنجن جذبن جو هن طرح اظھار ڪيائين، “جيئن ته مان هينئر اسڪولنگ ڪري رهيو آهيان ۽ پاڪستان ٺاهڻ ۾ مان ڪابه مدد ڪري نٿو سگهان، پر ايندڙ وقت ۾ مان پنھنجي ملڪ لاءِ جان به قربان ڪندس.” واقعي ذلفي ڀٽي پنھنجي لکيل خط سان پاڻ ملهائي ڏيکاريو.
دنيا جي ذهين انسانن مان ذوالفقار علي ڀٽو به هڪ هو جنھن جون ملڪ ۽ قوم لاءِ انيڪ خوبيون تاريخ پاڻ پسائي رهي آهي، جنھن ۾ مزدورن جي حقن لاءِ جاکوڙ، اسپتالن جو قيام، شملا معاهدي تي دستخط، مارشل لا ختم ڪرڻ جو اعلان، 90 هزار پاڪستاني فوجين کي هندستان جي قيد مان آزادي وٺائڻ، پاڪستان جي وڏي نيوڪليئر پاور پلانٽ جو افتتاح، قائد اعظم يونيورسٽيءَ جو قيام، قاسم پورٽ اٿارٽيءَ جو بنياد، لاهور ۾ اسلامي سربراهي ڪانفرنس سڏائڻ، پاڪستان ۾ پھرين سيرت ڪانفرنس جو بنياد وجهڻ، 1974ع تي ڊاڪٽر قدير خان کي ايٽمي پروگرام تيار ڪرڻ لاءِ اتساهڻ ۽ همٿائڻ. سلوار قميص کي قومي لباس جو درجو ڏيارڻ ۽ تعليمي ادارن ۾ سنڌي ٻوليءَ کي لازمي پڙهائڻ سميت ڪافي اهڙا ادارا ۽ قانون پاس ڪيائين جن مان اڄ تائين ملڪ جو عوام فائدو کڻي ۽ وٺي رهيو آهي.
بهرحال 5 جولاءِ ملڪ جي تاريخ جو هڪ ڪارو ڏينهن آهي. ان منحوس ڏينهن تي قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت کي هڪ سازش ۽ منصوبي هيٺ ختم ڪيو ويو، پاڪستان قومي اتحاد جا اڳواڻ شهيد ڀٽي تي ڌانڌلين جا الزام هڻي روڊن تي نڪري آيا هئا، انهن جنرل ضياءَ جي ڪابينا ۾ شموليت ڪري عوام سان دوکي ۽ منافقت جي انتها ڪري ڇڏي. اصل ۾ پي اين اي جي تحريڪ پٺيان آمريڪا جو هٿ هو، ان ڪري پي اين اي تحريڪ کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ آمريڪي ڊالرن جا ڍير لڳي ويا. اهڙي طرح جنرل ضياءَ مخالف ڌر جي احتجاجي تحريڪ ۽ ملڪ اندر امن امان جي صورتحال کي جواز بڻائي 5 جولاءِ 1977ع تي هڪ جمهوري حڪومت کي ختم ڪري ملڪ اندر آمريت جو بنياد وجهي ڇڏيو، جنرل ضياءَ مذهبي نظام جو ڪوڙو نعرو هڻي ملڪ اندر 11 سالن تائين اقتدار تي قابض رهيو. ان دوران شهيد ذوالفقار علي ڀٽي کي هڪ ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسائي عدالتي قتل ڪري ڇڏيو.
جنرل ضياءَ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي کي ڦاهي جي تختي تي چاڙهي وڏو ظلم ڪيو پر سڀ کان وڌيڪ ظلم اهو ڪيو ويو جو ڀٽي صاحب جي وارثن يعني بيگم نصرت ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو شهيد سميت ڀٽو خاندان جي ڪنهن به فرد کي ڀٽي صاحب جو آخري ديدار نه ڪرايو ويو. بهرحال الله تعاليٰ وٽ به انصاف آهي. جڏهن 17 آگسٽ 1988ع تي جنرل ضياءُ جو جهاز تباهه ٿيو ته هن جا هڏا به مالڪن کي نه مليا.
جنرل ضياءَ جي تابوت کي ان جي گهر وارن جي سامهون رکيو ويو ته ان جا وارث فقط روئيندا ۽ پٽيندا رهيا، پر ان جو آخري ديدار ڪري نه سگهيا. ڇاڪاڻ ته قدرت ان جو اهڙو حشر ڪري ڇڏيو جو ڪوبه شخص ان جي “ميت” کي ڏسڻ لاءِ تيار نه هو.
ذوالفقار علي ڀٽي پنھنجي زندگيءَ ۾ پھريون ڀيرو 12-نومبر 1968ع تي گرفتار ڪيو ويو انهيءَ ڏوهه ۾ ته عوام کي حڪومت خلاف ڀڙڪائي رهيو هو. 5 جولاءِ 1977ع تي ملڪ ۾ جنرل ضياءَ مارشل لا نافذ ڪئي ۽ ڀٽي کي گرفتار ڪرايو. 28- جولاءِ 1977ع تي کيس آزاد ڪيو ويو. 3 سيپٽمبر 1977ع تي کيس ڪراچيءَ مان سندس رهائشگاهه تان گرفتار ڪيو ويو. 10 ڏينھن کانپوءِ وري ٻيھر کيس آزاد ڪيو ويو. گرفتارين جو سلسلو هلندو رهيو. 9- آڪٽوبر 1977ع تي ذوالفقار علي ڀٽو جي ضمانتي درخواست رد ڪئي وئي. سپريم ڪورٽ جي فُل بئنچ جو سربراهه مولوي مشتاق کي بڻايو ويو، اهڙي عوامي ليڊر کي 18- مارچ 1978ع تي ڦاسيءَ جي سزا ٻڌائي وئي، گهٽين ڪوششن کانپوءِ به ڀٽي صاحب کي ڪٿان به مدد نه ملي، چونڊيل وزيراعظم کي 24-فيبروري 1979ع کان 4-اپريل 1979ع تائين ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ رکيو ويو. زندگيءَ جي آخري ملاقات 3-اپريل 1979ع تي ذلفي ڀٽي سان سندس شريڪِ حيات بيگم نصرت ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو ڪئي، انھيءَ ملاقات ۾ ڀٽي صاحب نصرت ڀٽو کي چيو ته،”اڄ توهان ٻئي گڏ آهيو ڇا منھنجي آخري ملاقات آهي ڇا؟” انهيءَ ملاقات ۾ بلڪل ماٺار ڇانيل هئي، 4- اپريل 1979ع جو واقعو جنرل (ر) ڪي ايم عارف به تفصيلي لکيو آهي پر ملڪ جي هيرو مقتل گاهه ۾ قوم کان موڪلايو ۽ ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ آرامي ٿي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button