ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

مٺي ڀرسان شڪار ٿيل اڻلڀ هرڻ

Editorial

دنيا ۾ هر ساهواري جيوَ کي جيئڻ جو اوترو ئي حق آهي، جيترو ڪنهن انسان کي آهي. ملڪ ۾ جانورن، پکين ۽ ٻين جيون لاءِ ماحول سازگار ناهي، ڇاڪاڻ ته هتي جانورن کي بيدرديءَ سان ماريو ويندو آهي. ان کان سواءِ اهي جانور جيڪي هاڻ ملڪ ۾ اڻ لڀ ٿي رهيا آهن، انهن خلاف ماڻهن رڻ ٻاري ڏنو آهي، جنهن جو تازو مثال مٺيءَ ۾ شڪار ڪيل 9 هرڻ ۽ هڪ سهو آهي. سنڌ ۾ هرڻ اڻ لڀ آهن ۽ ننگرپارڪر واري پاسي انهن جي شڪار کان پاسو ڪيو ويندو آهي ته جيئن انهن جي نسل ڪشي نه ٿي سگهي. پر تنهن هوندي به وقفي وقفي سان اهڙا واقعا پيش ايندا رهندا آهن، ڪالهه جيڪي ڪجهه مٺي ۾ ٿيو آهي، اهو هڪ اهم واقعو آهي، اتان جي شهرين شڪارين آڏو مزاحمت ڪئي ۽ انهن کي سوگهو ڪري پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايو.
خبر موجب مٺي تعلقي جي ڳوٺ رنگيلو ڀرسان ٻن گاڏين ۾ سوار هٿياربند شڪارين ناياب نسل جي هرڻن جي غيرقانوني شڪار لاءِ ھٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا، شڪارين جي فائرنگ ۾ ناياب نسل جا 9 هرڻ گولين جو کاڄ بڻجي ويا جن کي شڪارين ذبع ڪري کڻي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي ته فائرنگ جي آواز تي هڪڙي پاسي علائقي ۾ خوف ۽ حراس پکڙجي ويو ته ٻئي پاسي مختلف ڳوٺن رنگيلو، گوڌيار، هريار. لوٻار، ڀارو جو تڙ ۽ ٻين ڳوٺن جي رهواسين شڪارين کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو ۽ کين پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي ته شڪارين ڳوٺاڻن مٿان سڌي فائرنگ ڪري ڏني جنهن دوران ڳوٺاڻن جوابي فائرنگ ڪري سخت مزاحمت کان پوءِ ٽي شڪارين کي شڪار ڪيل 7 هرڻن ۽ هٿيارن سوڌو سوگهو ڪري ورتو ۽ ٻه شڪاري شڪار ڪيل 2 هرڻ پاڻ سان گڏ کڻي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. ڳوٺاڻن هٿان پڪڙيل شڪارين ۾ احمد علي منڱريو ۽ سلام باري پنجابيءِ جو تعلق عمرڪوٽ ضلعي سان آھي ۽ هڪ شڪاري عبدالغني نهڙيو جو تعلق ٿر جي شھر ڪانٽيو سان آھي، جڏهن ته ڳوٺاڻن جي التجائن باوجود وائلڊ لائف کاتي جي ڪامورن توڙي پوليس فرار ٿيل شڪارين کي پڪڙڻ لاءِ رستا روڪ ڪرڻ جي زحمت نه ڪئي، هوڏانهن ڳوٺاڻن مقامي انتظاميه ۽ وائلڊ لائيف کاتي جي عدم دلچسپي کان پو پڪڙيل شڪارين ۽ مارجي ويل ذبع ٿيل هرڻن سميت رنگيلو کان ريلي ڪڍي مٺيءَ جي ڪشمير چوڪ تي ڌرڻو هڻي ڇڏيو، جيڪو سڄو ڏينهن جاري رهيو ۽ ڳوٺاڻن سوگهو ڪيل شڪارين ۽ سندن غيرقانوني هٿيارن کي مٺي پوليس حوالي ڪيو ۽ مارجي ويل هرڻ چوڪ تي ڌرڻي آڏو رکي سخت احتجاج ڪيو ۽ وائلڊ لائيف کاتي خلاف سخت نعري بازي ڪئي. احتجاج دوران پ پ پ، ايس ٽي پي، جماعت اسلامي، جي يو آءِ، ايس يو پي، قومي عوامي تحريڪ، عوامي تحريڪ، سميت مختلف تنظيمن ۽ سول سوسائٽي جا اڳواڻ پڻ احتجاج ۾ شامل ٿي ويا.
ٿرپارڪر واري پاسي ناياب هرڻ جو شڪار اڃا به جاري آهي پر سوال اهو آهي ته وائلڊ لائيف کاتو ڇا ڪري رهيو آهي، ڇا ان جي اها ذميواري ناهي ته اهو اهڙي قسم جي شڪار کان ماڻهن کي روڪي ۽ جيڪڏهن هرڻن جو شڪار ٿئي ٿو ته انهن ماڻهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. اتان جي شهرين پنهنجي مدد پاڻ تحت احتجاج ڪيو ۽ شڪارين کي سوگهو ڪري ورتو پر اهو ڪم شهرين جو ناهي، اهو ڪم اتان جي انتظاميه ۽ وائلڊ لائيف کاتي جو آهي پر هيستائين وائلڊ لائيف کاتو ڄڻ انهن شڪارين جو سهولتڪار بڻيل آهي، جنهن جي ڪري انهن شڪارين جو من ايترو وڌي ويو آهي جو اهي جڏهن به چاهين ناياب جانور مارڻ ۾ دير نٿا ڪن. اسين سمجهون ٿا ته هرڻ جي شڪار ۾ جيڪي به شڪاري ملوث آهن، انهن کي گرفتار ڪيو وڃي ۽ قانون موجب سخت کان سخت سزا ڏني وڃي. ان کان سواِ جتي جتي به اهي هرڻ موجود آهن، انهن جو نسل وڌائڻ جو بندوبست ڪيو وڃي. ان لاءِ وائلڊ لائيف کاتو پنهنجي ذميواري محسوس ڪري.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button