ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

شهباز شريف لاءِ اتحادين جو نئون چيلينج

Editorial-Article- Shahzeb Adil

اها ڳالهه صحيح آهي ته حڪومت کي انهن ڏکين فيصلن جي سياسي قيمت ادا ڪرڻي پوندي، پر سخت فيصلن جي اصل قيمت مهانگائيءَ جي لهر جا اثر ظاهر ٿيڻ کان پوُءِ عوام ئي ادا ڪندو.
چيلينج هاڻي به اهو آهي ته عين ان وقت جڏهن سيپٽمبر – آڪٽوبر ۾ آرمي چيف جي مقرريءَ لاءِ اهم صلاح مشورو ۽ فيصلو ٿي رهيو هوندو، حڪومت کي ساڳي وقت اتحادين کي راضي رکڻ ۽ سخت معاشي فيصلن جي اثرن جي لڙڪندڙ تلوار کي منهن ڏيڻو پوندو.
شهباز شريف ڊليور ڪرڻ جو جيڪو ٽريڪ رڪارڊ رکي ٿو، انهيءَ کي پرکڻ جي ضرورت ڪانهي، پر اهو هڪ مسئلو حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته ٻيو مسئلو سسي کڻي بيٺو هوندو آهي.
هڪ پاسي آءِ ايم ايف جي ڪڙين شرطن تي عمل ڪرڻ باوجود اڃا تائين اسٽاف سطح تي معاهدي تي صحيح ڪانه پئي ٿي ته ٻئي پاسي ناراض اتحادين به اعتراض وارڻ شروع ڪيو آهي.
مينگل صاحب جو معاملو “گم ٿيل ماڻهو” ڪجهه ٻيو آهي، بلوچستان عوامي پارٽيءَ جا مسئلا ڪجهه ٻيا، ايم ڪيو ايم جي هزيمت ته گهڻي مختلف آهي، اهڙي حالت ۾ وزير اعظم کي ترت مولانا جي تيمارداريءَ کان سواءِ سمورن اتحادين وٽ ڊوڙي وڃڻو پيو پوي. اهو هڪ اهڙي وقت ۾ جڏهن معاشي ۽ توانائي سيڪٽر ۾ هڪدم فيصلا ڪرڻ ملڪ جي مجبوري آهي.
هڪ ٻي اتحادي جماعت عوامي نشينل پارٽي، پي ٽي آءِ جي ايترو ويجهو ٿي چڪي آهي جو ايمل ولي هاڻ اهو چئي رهيو آهي ته پي ٽي آءِ سان چونڊ اتحاد جي امڪان کي رد نٿو ڪري سگهجي.
پهرين به پنهنجي ڪالم وسيلي شهباز شريف صاحب کي اهو ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪري چڪو آهيان ته توهان جو مقابلو عمران سان گهٽ ۽ درپيش چيلينجن سان وڌيڪ آهي. اتحادين کي خوش رکڻ سان گڏوگڏ هاڻ وزير اعظم صاحب کي پنجاب جي ننڍي چونڊ کي منهن ڏيڻو آهي ۽ هڪ وڏو چيلينج ڊسڪه جي ننڍي چونڊ جهڙن معاملن کي روڪڻ به آهي.
پنجاب جي ضمني چونڊ ۾ 20 سيٽن تي مقابلو ٿيڻو آهي، گهٽ ۾ گهٽ 10 اليڪٽيبلز اهڙا آهن، جيڪي آزاد حيثيت سان پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيا ۽ اهي سمورا هن وقت (ن) ليگ جي ٽڪيٽ تي ميدان ۾ آهن. پيپلز پارٽي به سپورٽ ڪري رهي آهي، پنجاب جي وڏ وزارت به برقرار آهي. پر نتيجن جو ڪهڙُو اعتبار، ان ڳالهه جا امڪان گهٽ ئي سهي، پر جيڪڏهن نتيجا وري به پسند جي ابتڙ اچي ويا ته لائحه عمل ڪهڙُو هوندو.
معاشي طور اڻ ٽر جيترا مشڪل فيصلا (ن) ليگ جي اتحادي حڪومت ڪري چڪي آهي، ان کي پڪ سان ان ڳالهه جو اندازو به هجڻ گهرجي ته هن وقت روڊن ۽ گهٽين پاڙن ۾ اوهان جي مقبوليت ڪٿي بيٺي آهي.
ڪجهه مهينا جيڪڏهن فاسٽ فارورڊ ڪري به معاملن کي پرکڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ته حالتون اتحادي حڪومت لاءِ ڪجهه وڌيڪ بهتر نٿيون لڳن. نئين آرمي چيف جي مقرري يا مدي ۾ واڌ هڪ وڏو چيلينج هوندو، جنهن ۾ سڀني جو هڪ پيج تي هجڻ ضروري ۽ لازمي آهي.
ملڪي معيشت کي ڏسندي هڪ ڳالهه ته پڪ سان چئي سگهجي ٿي ته حڪومت جو ڪو اتحادي في الحال ان کي ڇڏڻ جي پوزيشن ۾ ڪونهي، نه ئي في الحال ائين ٿي سگهي ٿو. پر شهباز شريف کي درپيش چيلينجز جنهن رفتار سان وڌي رهيا آهن، بلڪل اهڙي رفتار سان ان جي مسئلن ۾ وڌيڪ اضافو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عمران خان صاحب ڪنهن ٻئي پيچري تي هلي رهيو آهي. هڪ پاسي کليل مزاحمت ته ٻئي پاسي بيڪ ڊور مفاهمت. هن جو اهو سلسلو ڪيتري عرصي تائين هلندو، اهو ايندڙ ڪجهه عرصي ۾ سامهون ايندڙ حقيقتون وڌيڪ واضح ڪري ڇڏيندو. هو جيترو جلدي چونڊون چاهي ٿو، ايتريون جلدي هاڻُوڪين حالتن ۾ چونڊون ممڪن ئي ڪونه آهن. نه ئي هاڻوڪي معاشي حالتن ۾ ملڪ نئين چونڊن جي سٽ سهي سگهي ٿو.
آءِ ايم ايف جو گرين سگنل شهباز شريف حڪومت لاءِ نئين لائيف لائين هوندي، جنهن کان پوءِ ملڪ، عالمي بينڪ ۽ اي ڊي بي اڳيان ايندا، پر ان جي هوندي به ڪجهه سببن جي ڪري اتحادي حڪومت جي ٻيڙي لڏندي لمندي رهندي.
هڪ وسيع سوچ اها آهي ته پاڪستان جي لڏندڙ لمندڙ ٻيڙي شايد وري به پار پئجي وڃي، خان صاحب کي ان ٻيڙيءَ ۾ نه رڳو متبادل ڳولڻو آهي، بلڪه اهو عتماد به بحال ڪرائڻو آهي ته هو ئي پاڪستان کي بچائي سگهي ٿو. ڇا خان صاحب ائين ڪري سگهندو. هن وقت ظاهري طور ائين ٿيڻ جا امڪان نه هئڻ برابر آهن.


انڊپينڊنٽ اردو جي ٿورن سان

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button