ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

حيدرآباد جي ليڊي ڊوفرن اسپتال

Editorial-Article-Ishaq Mangrio

حيدرآباد جي ليڊي ڊوفرن (Lady Dufferin) اسپتال شهر جر مصروف علائقي گاڏي کاتي ريشم گهٽي ويجهو يعقوب ڪاسائيءَ جي پڙ وٽ آهي. (جتي تاريخ ۾ درج آهي ته ڪلهوڙا شاعر حڪمران سرفراز ڪلهوڙي کي قتل ڪيو ويو هو) ريلوي اسٽيشن ڏانهن ويندڙ هن روڊ تي فور سيٽر، رڪشا ۽ ٻي ٽريفڪ جو گوڙ ۽ عوامي ماڻهن جي وڏي آمدرفت رهي ٿي. اتي روڊ جي سامهون اوڀر طرف قديم ۽ جديد طرز جي ميٽائين رنگ واري عمارت ۾ ليڊي ڊوفرن اسپتال واقع آهي. ان عمارت جي اڳيان قديم نمن جا وڻ بيٺل آهن، جيڪي اسپتال جي ابتدائي دور جا شاهد آهن. هيءَ اسپتال هندستان جي وائسراءِ ايلگن (Lord Elgin) جي بيگم ليڊي ايلگن 1884ع ۾ مقامي سرندي وارن ماڻهن جي چندي سان ماءُ ۽ ٻار لاءِ جوڙائي هئي. (لارڊ ايلگن جميڪا ۽ ڪئنيڊا جو گورنر به رهيو ۽ انڊيا ۾ وائسراءِ طور رهندي 1860ع ۾ ٻي آفيم واري جنگ ۾ چين جي ناياب تعمير واري قديم نوادرات اولڊ ثمر پيلس کي باهه ڏئي ساڙايو هو، جنهن کان پوءِ برطانيا پاران لارڊ ايلگن چين جي بادشاهه سان 24 آڪٽوبر 1860ع تي بيجنگ ڪنوينشن تي صحيحون ڪيون. جنهن جي بنياد تي هانگ ڪانگ ۽ جزيري جهڙو ڪولون برطانيا جي حوالي ڪيو ويو هو. هن ثمر پيلس کي باهه ڏئي ساڙڻ ۽ چين سان ڏاڍائي واري ٺاهه کان پوءِ پنهنجي زال کي خط ۾ لکيو هو. “مون پنهنجي زندگيءَ ۾ پنهنجي پاڻ کي ايڏو شرمندو ڪڏهن به محسوس نه ڪيو هو.”
(ليڊي ڊوفرن اسپتال واري سوچ کان متاثر ٿي، ٽنڊي باگي ۾ مير غلام محمد ٽالپر پهرين ماءُ ۽ ٻار واري نجي فلاحي اسپتال جوڙائي هئي.)
حيدرآباد جي ليڊي ڊوفرن اسپتال جي جيتري عمارت خوبصورت آهي ۽ ان جو شمار حيدرآباد جي قديم ۽ ناياب عمارتن ۾ ٿئي ٿو. انگريز دور جي خوبصورت عمارت واري اسپتال اڄ به عورتن جي ويم ۽ ٻارڙن جي سنڀال واري حيدرآباد جي وڏي اسپتال ۾ شمار ٿئي ٿي. هيءَ اسپتال هن وقت مخدوم بلاول ميڊيڪل ڪاليج ڄامشورو لاءِ ٽيچنگ اسپتال پڻ آهي.
ليڊي ڊوفرن اسپتال جي تاريخ:
هن اسپتال جي ڪهاڻي انگريز دور ۾ ان وقت شروع ٿئي، جڏهن راڻي وڪٽوريا کي هندستان ۾ ويم دوران فوت ٿي ويندڙ عورتن ٻارڙن جون ڪئين ڪهاڻيون پهچڻ لڳيون.
جنهن تي راڻي وڪٽوريا ان وقت جي هندستان جي وائسراءِ لارڊ ايلگن جي گهر واري ليڊي ايلگن، جنهن پنهنجي پاڻ تي مشهور آئرش شاعره، ليکڪه، ڳائڻي ۽ رقاصه (جنهن آئرش جي ڏڪار تي گيت لکي ۽ درديلي انداز ۾ ڳايا.) ليڊي ڊوفرن جي نالي سان منسوب ڪيو هو. راڻي وڪٽوريا ان جو ترت تدارڪ ڪرڻ لاءِ وائسراءِ جي گهرواريءَ کي چيو. ليڊي ڊوفرن خصوصي طور تي عورتن جي ويم ۽ نون ڄمندڙ ٻارڙن جي سنڀال لاءِ ابتدائي طور هندستان جي ستن شهرن ۾ ليڊي ڊوفرن گروپ واريون اسپتالون قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. جنهن ۾ اڄ واري پاڪستان ۾ ڪراچي، ڪوئيٽا، شڪارپور ۽ حيدرآباد ۽ هندستان ۾ دهلي، امرا وتي (ناگپور) ۽ ڪلڪتي ۾ اهڙيون اسپتالون قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. اسپتالن جي تعمير لاءِ هندستان جي لاڳاپيل شهرن جي مقامي سرندي وارن ماڻهن کي ڊوفرن اسپتال جي مد ۾ چندو ڏيڻ جي اپيل ڪئي وئي. (اڳتي هلي شڪارپور واري اسپتال پهرين سکر ۽ پوءِ لاڙڪاڻي ۾ منتقل ڪئي وئي). ليڊي ڊوفرن اسپتالن جي سلسلي ۾ رڳو ڪراچيءَ جي اسپتال جي بنياد رکڻ واري ڏينهن پنجاهه هزار رپين جو عطيو ڪراچيءَ جي وڏي واپاري ۽ ڪينٽومينٽ جي ٺيڪيدار ايڊلجي ڊنشا ڏنو. هڪ لک رپين جي لاڳت سان 1894ع ۾ اسپتال جو ڪم شروع ٿيو ۽ چئن سالن جي عرصي ۾ 12 نومبر 1898ع ۾ ليڊي ايلگن ۽ ڪنڪارڊائن هڪ چيريٽيبل اسپتال جي ايڊلجي ڊنشا ونگ جو افتتاح ڪيو. اهڙي ريت سنڌ ۾ شڪارپور ۽ حيدرآباد جي اسپتالن جو ڪم پڻ مقامي سرندي وارن جي مدد سان هٿ ۾ کڻي مڪمل ڪيو ويو. جيتوڻيڪ ورهاڱي کان پوءِ نئين قائم ٿيندڙ ملڪ پاڪستان ۾ ليڊي ڊوفرن اسپتالن لاءِ مسئلا به سامهون آيا. پر مقامي سطح تي هر اسپتال لاءِ سرندي ۽ سماجي ماڻهن جي ڪميٽي جوڙي اسپتالن جو انتظام سنڀاليو ويو.
حيدرآباد ۾ سرندي وارن ۽ سماجي ڀلائيءَ جي ڪمن ۾ هندو برادري سدائين اڳيان اڳيان رهي. پر ورهاڱي کان پوءِ هندو آباديءَ جي لڏپلاڻ کان پوءِ حيدرآباد جي مقامي سماجي ماڻهن اسپتال جي فلاح بهبود لاءِ دل کولي ڪم ڪيو ۽ اڄ به حيدرآباد ۾ ليڊي ڊوفرن اسپتال عورتن جي ويم ۽ نون ڄمندڙ ٻارڙن جي سنڀال واري مثالي اسپتال بنيل آهي.
حيدرآباد ڊوفرن اسپتال جي موجوده صورتحال:
اسپتال جي ورتل رڪارڊ موجب هتي هن وقت 130 بسترن جي اسپتال هلندڙ آهي. جنهن ۾ 50 بيڊ نون ڄمندڙ ٻارڙن لاءِ مخصوص ڪيل آهن. جڏهن ته 80 گائني جون مريض داخل ڪيون وڃن ٿيون. هن اسپتال ۾ ٻه جديد آپريشن ٿيٽر، وقت کان اڳ ۾ ڄمندڙ ٻارڙن ۽ وقت تي ڄمندڙ جا وارڊ موجود آهن. جديد الٽرا سائونڊ ڊپارٽمينٽ، انٽينسيو ڪيئر يونٽ، ليبر روم، ڪنسلٽنگ رومز، او پي ڊي، خانداني منصوبا بنديءَ جي شعبو، ويڪسين وارو شعبو، جديد گهرجن واري ليب، ريڊيولاجي ۽ فارميسي وارا شعبا موجود آهن. جتي 24 ڪلاڪ سروس ملي ٿي. ويم جي حوالي سان سنڌ جي هيءَ عورتن جي مخصوص اڪيلي وڏي اسپتال آهي. جتي عورتن جو گائني کان سواءِ عورتن ۽ ٻارڙن جو جنرل علاج به ڪيو وڃي ٿو. حيدرآباد جي هن اسپتال جو شمار سنڌ جي وڏين اسپتال ۾ ٿئي ٿو. جتي وقت کان اڳ ۾ ڄمندڙ ٻارڙن جي سنڀال لاءِ ست انڪيوبيٽر موجود آهن، ٻارڙن کي هٿرادو طور روشني يا گرمي وارا جديد 3 هيٽر موجود آهن. جتي مفت علاج ٿئي ٿو. (جڏهن ته نجي اسپتالن ۾ هڪ انڪيبيوٽر جو 30 هزار رپيا روزاني جو ڪرايو آهي.) جديد گهرجن وارو ٽيچنگ هال موجود آهي، ساڳي ريت ڪميونٽي مڊوائفري اسڪول ۽ جديد گهرجن وارو مڊوائفري ٽيچنگ هال پڻ موجود آهي.
اسپتال جا ايندڙ نوان منصوبا:
هن اسپتال ۾ بريسٽ ڪينسر جي چڪاس لاءِ هيموگرافيءَ جو شعبو جڙي راس ٿي چڪو آهي، جيڪو جولاءِ جي آخري هفتي ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪندو.
ساڳي ريت آءِ وي ايف واري ڊليوري، جديد ترين هسٽروسڪوپي، ليبر وسڪويڪ سرجري، سنڍ پڻ(بشمول يونٽ) پڻ اسپتال جي ايندڙ منصوبن ۾ شامل آهي. جڏهن ته گهٽ وزن وارن ٻارڙن جي ڪينگرو جي انداز ۾ ماءُ جي ڇاتيءَ سان لڳائي رکڻ واري ماءُ کي تربيت جو منصوبو ۽ ذهني ۽ معزور ڄمندڙ ٻارڙن جي نگهداشت وارو يونٽ پڻ اسپتال جي ايندڙ منصوبي ۾ شامل آهي. اسپتال جو ايم ايس ڊاڪٽر سيد نور محمد شاهه جديد گهرجن وارن نون منصوبن کي ويجهڙائيءَ ۾ شروع ٿيڻ لاءِ انتهائي پراميد آهي. ايم ايس ڊاڪٽر شاه تيزيءَ سان وڌندڙ مهانگائيءَ جي باوجود اسپتال ۾ داخل مريضن کي ٽي ڀيرا معياري کاڌو فراهم ڪرڻ ۾ پڻ هر وقت ڪوشان رهي ٿو. کاڌي ۾ هفتي ۾ ٽي ڀيرا ٻاڪرو گوشت، هڪ ڀيرو مڇي، ٽي ڀيرا ڪڪڙ ۽ هڪ ڀيرو چڪن برياني کارائي وڃي ٿي. جڏهن ته نيرن ۾ آنو، چانهه ۽ جوس پڻ ڏنا وڃن ٿا.
جيتوڻيڪ اسان جو ملڪ ڊليوري دوران عورتن ۽ نون ڄمندڙ ٻارڙن جو پهرين سالگره کان اڳ فوتگيءَ جي وڏي لسٽ رکڻ واري ملڪ ۾ شامل آهي، پر ايڏي وڏي جنگ ۾ حيدرآباد جي ليڊي ڊوفرن اسپتال جو بي لوث اسٽاف 24 ڪلاڪ پنهنجون بي مثال خدمتون پيش ڪري، ليڊي ڊوفرن اسپتال جي بانين جي پوري اميد تي لهي ٿو. جتي مريض جي معاشي صورتحال جي فرق کان سواءِ بنا ڪنهن نسل، ذات ۽ مذهب جي متڀيد تحت ماءُ ۽ ٻار جو علاج ٿئي ٿو. جتي فيملي پلاننگ جي اصول ۽ ماءُ ٻار کي تندرستيءَ جا اصول پڻ سيکاريا وڃن ٿا ۽ مستقبل ۾ بيمارين کان ٻارڙن کي محفوظ رکڻ لاءِ ويڪسين به ڪئي وڃي ٿي.
ليڊي ڊوفرن گروپ جي تاريخ جو ڏکائتو واقعو:
ليڊي ڊوفرن گروپ جي اسپتالن جي سلسلي ۾ هيءَ ڏک واري ڳالهه اسپتالن جي گروپ واري تاريخ جي رڪارڊ ۾ موجود آهي. 1915ع ۾ ڊاڪٽر الزبيٿ سٽيفنز امپري هن گروپ جي نئين سربراهه مقرر ٿي. هوءَ هندستان جي اسپتالن جي نگرانيءَ لاءِ لنڊن مان بحري جهاز جي فرسٽ ڪلاس ۾ سفر ڪري ڪراچيءَ لاءِ رواني ٿي، پر هن جو بحري جهاز ڪراچيءَ ۾ پهچڻ کان اڳ ۾ 30 ڊسمبر تي جرمنيءَ جي ويجهو ڪريٽ جي ساحل تي جرمنيءَ جي آبدوز جي زد ۾ اچي ٻوڙي تباهه ڪيو ويو. بحري جهاز ۾ 519 مسافر سوار هئا. جن مان 59 مسافرن کي بچايو ويو هو. هوءَ بحري جهاز جي مسافرن کي زندگي بچائڻ واري جيڪٽ پارائڻ ۾ مصروف هئي ته ڊيڪ تان پير ترڪي پوڻ سبب اونهي سمنڊ ۾ ٻڏي وئي. حادثي ۾ فوت ٿيندڙ مسافرن سميت ڊاڪٽر امپري پڻ فوت ٿي وئي. هن کي لنڊن ۾ پهرين مهاڀاري جنگ جي شهيد طور ڪوفٽن هيٽ چرچ جي يارڊ ۾ دفنايو ويو.
ليڊي ڊوفرن گروپ جي اسپتالن جي اهميت جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي، ٿو ته محترمه بينظير ڀٽو 1988ع ۾ بلاول ڀٽو زرداريءَ کي پڻ ليڊي ڊفرن اسپتال ڪراچيءَ ۾ جنم ڏنو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button