ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

‘اهي ڏينهن، اهي شينهن’ ڪتاب جو تنقيدي اڀياس

Editorial-Article- Uzair Abid

اسان وٽ سنڌي ٻولي ۾ ورهاڱي کان اڳ توڙي پو تخليقي ادب معيار توڙي مقدار جي نسبت سان جام ملي ٿو. ساڳي وقت تنقيدي ادب توڙي ادب جي ٻين کوڙ سارن پهلوئن تي ڪافي مواد ملي ٿو. پر سنڌي ٻولي ۾ سياسي ادب ۽ تحقيقي، تاريخي ڪم گهٽ ملي ٿو. ڪجهه ڪتاب جيڪي اسان وٽ موجود آهن اُهي به گهڻو ڪري يادگيرين يا آتم ڪٿا جي صورت ۾ ملن ٿا.
اهڙن ڪتاب منجهان هڪڙو اهم ڪتاب ‘اهي ڏينهن اهي شينهن’ به آهي، هي ڪتاب ڪجهه ڏهاڪن کان سنڌ ۾ جام پڙهيو به ويو آهي ته هن ڪتاب کي ڪافي پذيرائي به ملي آهي.
ڪتاب جو ليکڪ علي محمد راشدي آهي. راشدي صاحب ورهاڱي کان اڳ ٿيندڙ سياست ۾ مختلف وقتن تي اهم سياسي ڪردار ادا ڪندو رهيو. هي صاحب ورهاڱي کان اڳ توڙي پو سنڌي، اردو توڙي انگريزي اخبارن ۾ ڪم ڪندو رهيو. هن پنهنجي زندگي جو گهڻو عرصو ادب، سياست ۽ صحافت کي ڏنو. راشدي صاحب وڏو عالمُ ماڻهو هيو. هُو پنهنجي دور ۾ ادب، سياست توڙي صحافت تي ڪافي اثرانداز رهيو. اهي “ڏينهن، اهي شينهن” راشدي صاحب جي آتم ڪٿا جو ڪتاب آهي. هي ڪتاب انتهائي ضخيم آهي ۽ ٽن جلدن تي مشتمل آهي.
ڪتاب جو پهريون جلد 1965ع ۾ لکيو ويو آهي، جڏهن ته ٽيون ۽ آخري جلد 1984ع جو لکيل آهي. ٻيو جلد 65ع کان 84ع جي وچ واري عرصي ۾ لکيو ويو آهي.
هن ڪتاب کي گهڻي پذيرائي ملڻ جو هڪڙو سبب هن ڪتاب جي ليکڪ جي شخصيت آهي، جيڪو وڏو عالم، اديب به آهي، ته پاڪستان ٺهڻ کان پو چين ۽ فلپين ۾ سفير به رهيو. هن ڪتاب جو پهريون حصو، هن مختلف ملڪن جو سفير رهڻ دوران 1956ع کان 1965ع ٽائين جي وچ واري عرصي ۾ لکيو آهي.
ڪتاب کي پذيرائي ملڻ جو ٻيو سبب ڪتاب جو موضوع ۽ مواد آهي. سنڌ جي سياست تي ويهين صدي جي پهرين اڌ ۾ ڪهڙيون شخصيتون قابض رهيون ۽ ان دور جي سياست ڪيئن رهي، تنهن کي سمجهڻ لا اردو ۽ انگريزي ۾ جام ڪتاب آهن، پر سنڌي ۾ سائين جي ايم سيد جو ڪتاب ‘جنب، گذاريم جن سين’ ۽ راشدي صاحب جو ڪتاب ‘اهي ڏينهن، اهي شينهن’ انتهائي اهم آهن. ڪتاب ۾ موجود مواد ۽ اندازِ تحرير، ڪتاب ۾ لکيل يادگيريون، ويهين صدي جي سنڌ ۽ ڪٿي ڪٿي قديم سنڌ بابت لکيلَ احوالَ ڪتاب کي جاندار بڻائڻ ٿا.
راشدي صاحب جي ٻولي انتهائي باڪمال آهي، سندس مطالعي ۽ سمجهه جي وسعت ڪهڙين حدن کي ڇهي ٿي، تنهن جو به اندازو ڪتاب پڙهڻ دوران ٿئي ٿو.
هي ڪتاب سنڌ جي ثقافتي ۽ سماجي تاريخ جو عام طرح ۽ سنڌ جي سياسي تاريخ جو خاص طرح ڪلاسيڪل دستاويز آهي.
راشدي صاحب پنهنجي زندگي ۾ کوڙ سارا ڪم ڪيا ۽ ڪافي ڪجھه لکيو به سهي. اها دلچسپ ڳالهه آهي ته هن ايوب کهڙي، عبدالله هارون ۽ ٻين ماڻهن جي نالن سان ڪتاب ۽ مضمون لکيا. پر اڄ هن جي سڃاڻپ هي ڪتاب ئي آهي.
سائين جي ايم سيد پنهنجي ڪتاب ‘جنب گذاريم جن سين’ ۾ هن لا لکيو آهي ته هي ڪم ڪندو آهي ته ڏينهن رات ڪم ڪندو آهي ۽ جڏهن ننڊ ڪندو آهي ته ڏينهنِِ جا ڏينهنَ ننڊ ڪندو آهي.’
سنڌ اندر 1937ع کانپو سياست ڪيئن رهي، ان ۾ جاگيردارن ۽ وڏيرن ڪهڙي قسم جون ڪاروايون ۽ چالاڪيون ڪيون ان جو احوال هن ڪتاب ۾ ملي ٿو. هي هن ڪتاب جا مثبت پہلو آهن، ڪتاب جا ڪجهه منفي پاسا به هيٺ بحث هيٺ آڻجن ٿا.
ڪتاب ۾ ربط ۽ ترتيب ناهي. راشدي صاحب پنهنجي ساٿين تي خاڪا لکندي، پاڻ لکي ٿو ته هن ڪتاب لکڻ جو مقصد ڪنهن جي سوانح حيات لکڻ ناهي، تنهنڪري جيڪي، جيڪي واقعا مونکي ذهن تي اچڻ ٿا، لکندو ٿو وڃان. جيڪڏهن راشدي صاحب واقعن کي ترتيب ڏئي، لکي ها، ته هي ڪتاب تاريخي اعتبار کان وڌيڪ اهم بڻجي وڃي ها. ڇاڪاڻ ته هي لکيل يادگيريون گهڻو ڪري، ليکڪ جي شخصيت جي چوگرد ئي گهمن ٿيون. اهو ماڻهو جيڪو ان دور جي سياست ۾ فعال ڪردار ادا ڪندو رهيو، جيڪڏهن اهو ان دور جي سياسي تاريخ تي لکي ٿو ته لکيل مواد، پڙهندڙن لا بنيادي ماخذ بڻجي پوي ٿو.
ٻيو ته هن ڪتاب جو گهڻو ۽ اهم حصو ان دور جو لکيل آهي، جڏهن فاضل مصنف پاڪستان جو مختلف ملڪن ۾ سفير هيو. جڏهن ته اهو دور مارشل لا جو دور پڻ هيو. اهو ماڻهو جيڪو مارشل لا جي دور ۾ ملڪي سفير هجي ۽ ان دوران هو پنهنجون سياسي يادگيريون لکي، ڇا اهو رياستي موقف کان علاوه ٻي ڪا ڳالهھ لکي سگهي ٿو.
هن ڪتاب جي اهميت انڪري ضرور آهي، جو ڪتاب ۾ پوري هڪڙي سياسي دور ۽ سماجي/ثقافتي زندگي کي قلمبند ڪيو ويو آهي. پر هن ڪتاب ۾ لکيل سمورو موقف مسلم ليگي ۽ رياستي آهي. هي ڪتاب ڪنهن تاريخدان يا محقق جو ناهي لکيل بلڪي اهڙي ماڻهي جو لکيل آهي جنهن جو شمار سنڌ جي غدارن ۾ ڪيو ويندو آهي. هن ڪتاب ۾ ايوب کهڙي تي لکيل مقالي ۾ ون يونٽ جي اسڪيم کي جسٽيفا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. يعني راشدي صاحب پنهنجي ان گناھه کي آخر تائين درست سمجهندو رهيو. راشدي صاحب اهو ماڻهو هيو، جيڪو پاڪستان ٺهڻ کانپو اقتدار کي ڪنهن به جائز، ناجائز طريقي سان رسڻ واري ڊوڙ جو حصو رهيو، ڇا اهڙي ماڻهو جي لکيل مواد تي مڪمل طرح اعتبار ڪري سگهجي ٿو، اهو ماڻهو جنهن ايوب خان کي خط لکي شهنشاهه ٿيڻ جي صلاح ڏني هجي، ٻيو ته پنهنجي سياسي يادگيريون ۾ هن هڪڙي سٽ به پنهنجي سياست تي ملامت يا پڇتا ۾ نه لکي آهي، ڇا ان ماڻهو پنهنجي دور جون اهم ڳالهيون جيڪي سندس ڪردار متعلق منفي هجن، انهن کي هضف نه ڪيو هوندو. هن ڪتاب ۾ وڏيرن جي خلاف به لکيو ويو آهي، ته نائومل جهڙن غدارن کي به غدار ڪري لکيو ويو آهي. پر راشدي صاحب ڪٿي به اهو تاثر نه ڏنو آهي، هن به ڪو سنڌي عوام جي مفادن سان ڪٿي غداري ڪئي آهي.
راشدي ورهاڱي کان اڳ توڙي پو سياسي راند ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو رهيو. جيڪڏهن هو، ايوب خان جي دور جي سياست، سڪندر مرزا جي محلاتي سازشن يا ورهاڱي کان اڳ جي صورتحال تي مضمون جي صورت ۾ يا ڪتابي شڪل ۾ لکي ها، ته پڙهندڙن کي تنهن دور بابت بنيادي ڄاڻ ملي سگهي ها. پر هن يادگيرين جي صورت ۾ لکيو آهي، تنهنڪري هن ڪتاب ۾ سياسي، سماجي ۽ ثقافتي تاريخ هڪ هنڌ ڪٺي ٿيل ملي ٿي.
راشدي صاحب ڪو ترقي پسند، روشن خيال ماڻهو نه هيو، هي ڪنهن مخصوص نظرئي/فڪر جو پوئلڳ نه هيو، هن جا پنهنجا ڪي اصول نه هئا، هن جي سموري سياست طاقت جي پوڄا واري رهي. ساڳي طرح هن ماڻهو تاريخَ کي ترقي پسند نقطئه نظر تحت ناهي لکيو، راشدي عام مغالطي جيئن ڪميونزم کي ڪو سياسي نظريو نٿو سمجهي پر ڪميونسٽن کي ‘ڪافر’ لکي مخاطب ٿو ٿئي.
هي تاريخَ کي هيرو ۽ ولين جي صورت ۾ ڏسي ٿو، صرف شخصيتن کي ئي واقعن ۽ عملن جو محرڪ ٿو سمجهي، ان بنياد تي هيروز ٿو ٺاهي پر تاريخي حالتن ۽ ضرورتن کي مڪمل نظرانداز ٿو ڪري.
راشدي صاحب جٿي غلام حسين هدايت الله جهڙي رجعت پسند جي تعريف جا ڍُڪَ ٿو ڀري اتي ئي شهيد الهه بخش کي به هيرو ڪري پيش ٿو ڪري.
بنيادي طور هي ڪتاب تحقيق واسطي ماخذ طور استعمال ڪري سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته ويهين صدي جي سنڌ جي سياسي، سماجي، معاشي توڙي ثقافتي تاريخَ جو ڪافي احوال ڪتاب ۾ ملي ٿو. پر هن ڪتاب جي ليکڪ جي ويچارن ۾ ڪافي مونجهارا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button