ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عيد جي خوشين سان گڏ قرباني جي فلسفي جي اهميت

Editorial

اڄ عيدالاضحيٰ جي خوشين ڀري ڏهاڙي تي اسين پنهنجن سڀني پڙهندڙن کي دل جي گهرائين سان واڌايون ڏيون ٿا. هي عيد جنهن ۾ قرباني جو فلسفو اجاگر ٿيل آهي تنهن ڏهاڙي تي اسان وٽ عالم انسانيت کي آڇڻ لا کوڙ ساريون واڌايون، محبت، خلوص ۽ امن سان رهڻ جو پيغام آهي، ڀائيچاري ۽ برداشت توڙي مذهبي تنگ نظري کان نجات جو سنيهو آهي. ڇاڪاڻ ته اهو ئي هن مقدس فرض جي ادائيگي لا مقرر ڏينهن جو اصل روح پڻ آهي ته اسين پنهنجي اندر ايثار کي سگهارو ڪريون. اهو ته آهي هن ڀلاري ڏينهن جو اصل پيغام پر ان ڏينهن کي ملهائڻ مهل اسان کي اهو به نه وسارڻ گهرجي ته هر خوشي پاڻ سان گڏ ڪجهه ذميواريون به کڻي ايندي آهي. هن عيد جي موقعي تي اسان جون وڏيون ۽ اهم ذميواريون ٿين ٿيون، جن ۾ سڀ کان اهم امن امان کي قائم رکڻ واري ذميواري آهي. تنهن ڪري سنڌ جي سمورن ماڻهن کي عيد جي هن موقعي تي اسين ويڇا وسارڻ جي اپيل ڪريون ٿا. تنهن کان پو امن امان جي ذميواري سڀ کان وڌيڪ لاڳاپيل ادارن تي لاڳو ٿئي ٿي. اهي ادارا هونئن ته سال جا سمورا ڏينهن امن قائم ڪرڻ لا پابند آهن، پر خاص طور تي هنن خوشين جي ڏينهن تي کين پنهنجي ذميواري جو احساس وڌيڪ ڪرڻ گهرجي. اسان جو الميو آهي ته اسان جا شهر سيڪيورٽي جي حوالي سان سالن کان ٽارگيٽ تي رهيا آهن، ان ڪري اسان جي سمورن ادارن کي وڏي ذميواري سان عوام جي جان ۽ مال کي محفوظ بڻائڻ جي ذميواري ادا ڪرڻي آهي.
امن امان جي صورتحال کي يقيني بڻائڻ کان پو اسان سڀني جي بنيادي ۽ وڏي ۾ وڏي ذميواري هي آهي ته پنهنجي شهرن کي صاف سٿرو، رهڻ لائق، خوشگوار فضا ۾ ساهه کڻڻ جهڙو بڻايون. ڇو ته هن عيد جي موقعي تي هميشه قرباني جي جانورن جي بچيل گند سان سڀئي ننڍا وڏا شهر هنڌين ماڳين ڀريل نظر ايندا آهن ۽ اسان جي سڀني شهرن اندر قرباني جي جانورن جو اهو بچيل ڪچرو صاف ڪرڻ واسطي ڪو خاص ۽ موثر نظام موجود ڪونه هوندو آهي. نتيجي ۾ شهرن جون گهٽيون، روڊ رستا، جانورن جي رت توڙي باقي ڪچري سان ڀريا پيا هوندا آهن. اها ڳالهه نه صرف گدلاڻ جو سبب بڻجي ٿي، پر ڪيتريون ئي بيماريون پڻ پيدا ڪري ٿي. تنهن ڪري ان ڪچري کي بنادير صاف ڪرڻ جي ذميواري نه صرف شهري انتظاميا مٿان لاڳو ٿئي ٿي ته اُُهي عيد جا ٽئي ڏينهن پنهنجن شهرن کي صاف سٿرو رکن پر خود قرباني ڪندڙ شهرين جي به اها ذميواري ٿي بيهي ته اُُهي جانورن جي واڌو گدلاڻ کي مناسب هنڌ تي اڇلائين. جيڪڏهن اسين ٿورو پوئتي ڏسنداسين ته ماضي ۾ عيدالاضحيٰ جي موقعي تي شهرن اندر صفائي جو مناسب نظام هوندو هو پر بعد ۾ شهر گدلاڻ جي ڍيرن ۾ تبديل ٿيندا ويا.
عيدالاضحيٰ نه صرف مسلمانن جي لا قرباني جو پيغام کڻي اچي ٿي پر عالم انسانيت لا پڻ قرباني جو فلسفو پاڻ ۾ سمائي ٿي. اڄوڪي ڏينهن تي اسان کي اها ڳالهه ڪڏهن به نه وسارڻ گهرجي ته اسلام تشدد جو دين ڪونهي، دهشتگردي ۽ انتهاپسندي هن آفاقي دين جي سلامتي واري پيغام جي ابتڙ آهن. اسان سمورن پڙهندڙن کي هڪ ڀيرو ٻيهر عيد جون واڌايون ڏيندي اها اميد ڪريون ٿا ته اسين سڀ هن ڏينهن تي قرباني جي عظيم فلسفي کي سمجهندي پنهنجيون ذميواريون به نڀائينداسين. اهو ئي هن مقدس فريضي جي سرانجام ڏيڻ جو اصل حاصل آهي ته اسين پنهنجي زندگي ۾ ايثار ۽ ذميواري جي اها واٽ وٺي هلندا رهون، جنهن سان هڪ صحتمند ۽ فرض شناس معاشري جي اڏاوت جا بنياد پئجي سگهن. اسين هن وقت جنهن انتشار جو شڪار آهيون ان مان آجپو ماڻڻ جو به اهو ئي اول آخر طريقو آهي. اسين اميد ڪريون ٿا ته هي ڏينهن سڀني ديس واسين لا خوشين جو ڏينهن ثابت ٿيندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button