سنڌ

ميروخان ۾ چور 11 هزار وولٽيج جون تارون لاهي ويا، 15 ڳوٺن جي بجلي بند

. ميروخان ويجهو نامعلوم چور بجلي جي 5 ٿنڀن تان 11 هزار وولٽيج جون تارون لاهي کڻي ويا، گرڊ اسٽيشن مان نڪرندڙ لاشاري فيڊر مان ڳوٺ صابن چنا ڀرسان بجلي لائين جي پنجن پولن تان گذريل رات دير سان نامعلوم چورن پاران 11 هزار وولٽيج جون لکين رپين جي ماليت جون تارون لاهي چوري ڪري کڻي ويا. جنهن سبب ڳوٺ پراڻو ٺارو، واحد بخش خاصخيلي، امداد جي وانڍ، پليو خان عمراڻي، اوڀايو خاصخيلي، صابن چنو سميت 15 کان وڌيڪ مختلف ڳوٺن جي بجلي بند ٿي وئي، متاثر ڳوٺن جي ڳوٺاڻن غلام نبي خاصخيلي، حذب الله ٽاٽڙي، غلام عباس ٻاراچ، گل حسن بروهي جي اڳواڻي ۾ ميروخان ٿاڻي ڀرسان حسيني چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي. ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته سيپڪو ميروخان پاران بجلي جي سپلاءِ بند هجڻ ڪري گذريل رات نامعلوم چور 5 پولن تان بجلي جون 11 هزار وولٽيج جون تارون لاهي چوري کڻي ويا آهن، جنهن سبب 15 کان وڌيڪ ڳوٺن جي بجلي اچڻ جو آسرو ئي ختم ٿي ويو آهي، جڏهن ته عيد ۽ سخت گرمي هجڻ سبب جيئڻ جنجال بڻجي ويو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته بجلي جون تارون لڳائي بجلي بحال ڪرائي وڃي ته جيئن عيد جي ڀلاري ڏينهن تڪليف کان بچي سگهون. ٻئي پاسي واپڊا هائڊرو يونين سب ڊويزن ميروخان جي چيئرمين محمد اعظم چانڊيو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته بجليءَ جون تارو چوري ڪرڻ واري واقعي بابت ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪرائي آهي. ڳوٺاڻن کي چيو آهي ته عارضي طور تي بجلي بحال ڪرايو پر ان باوجود ڳوٺاڻن احتجاج ڪيو آهي، جيڪو انهن جو حق آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button