سنڌ

عوام خوشي جي گهڙي ۾ ڪشميري ڀائرن کي ياد رکي: بلاول ڀٽو

پرڏيهي معاملن واري وفاقي وزير، پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ملڪ سميت پوري دنيا جي مسلمانن کي قرباني واري عيد جي مبارڪ ڏيندي چيو آهي ته خوشين جو هي ڏڻ پوري دنيا جي مسلمانن کي هڪ لڙي ۾ ٻڌندو آهي، آفريڪا کان وٺي برصغير تائين دنيا جا سڀ مسلمان هڪ آهيون ۽ جڏهن اسان سڀ گڏجي هڪ ٿي ڪنهن مقصد جي ڪوشش ڪنداسين ته پوري دنيا ۾ اسلام کان وڌيڪ ڪا طاقت به نه ٿي سگهندي. پ پ ميڊيا سيل پاران جاري ڪيل هڪ بيان ۾ پ پ چيئرمين چيو آهي ته هي عيد اسان کي ياد ڏياريندي آهي ته نيڪ مقصد لا وڏي کان وڏي قرباني ڏيڻ کان به نه ڪيٻايو، هن چيو ته ڪابه قوم ۽ معاشرو ايثار ۽ قرباني جي جذبي کان بنا اخلاقي سربلندي حاصل نه ٿو ڪري سگهي. بلاول ڀٽو چيو ته ملڪ پيش آيل مسئلن کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لا ذاتي مفادن ۽ انا کي پٺتي رکي صرف ملڪ جي مفاد ۾ ڪم ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته عوام خوشي جي هن گهڙي ۾ ڪشميري ڀائرن کي ضرور ياد رکن، جيڪي آزادي جي حق لا ڀارتي ظلم ۽ تشدد جو شڪار آهن، جيستائين ڪشمير جو مسئلو نه ٿو ٿئي تيستائين پاڪستان ڪشميرين جي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري قرباني جي عيد جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ عيد جي موقعي تي ڪرونا وائرس کان بچاءُ لا احتياطي تدبيرون اپنائڻ جي اپيل پڻ ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button