سنڌ

ميان صاحب ۾ صفائي نه ٿي، گندو پاڻي گهٽين ۾ بيٺل

ميان صاحب جي مختلف علائقن ۾ صفائي نه ٿي سگهي، عيد جو ڏينهن به شهري گندگي ۾ گذاريندا، شهر جي اڪثر پاڙن سميت عيد گاهه، جامع مسجد، درگاھه حضرت آخوند خير محمد پنهيار ۽ درگاھه حضرت ميان تاج محمد مهر ڏانهن ويندڙ مين رستن ۽ گهٽين ۾ بيٺل نالين جو گندو پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي، جنهن سبب گندو پاڻي شهر جي مين گهٽين ۽ رستن تي بيهڻ سبب شهري اچ وڃ ۾ مشڪلات جو شڪار ٿيڻ لڳا آهن، گندو پاڻي گهٽين ۾ بيهڻ سبب مڇرن ۽ مکين جو آزار وڌي ويو آهي. شهرين علي بخش شر، اشفاق ٽانوري، عبدالوهاب سومرو، جاويد رائو، بشير رند، عبدالشڪور سولنگي، ميان رضوان مهر سميت ٻين مطالبو ڪندي چيو ته عيدگاهه ۽ درگاھه ڏانهن ويندڙ رستن تي گندو پاڻي تلا جي صورت ۾ بيٺل آهي جيڪو جلد نيڪال ڪرايو وڃي ته جيئن شهري عيد جي ڏينهن نوان ويس وڳا پائي عيد نماز پڙهڻ لاءِ وڃي سگهن. هنن ڊي سي شڪارپور سميت يوسي انتظاميا کان عملو مقرر ڪرائي گندو پاڻي نيڪال ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button