سنڌ

ڪشمور ۾ 5 مهينا اڳ اغوا ٿيل جي بازيابي لاءِ احتجاج

ڪشمور ڪالوني ون جي رھواسي صادق لاشاري جي بازيابي لاءِ غلام جيلاني منگي، عيسي لاشاري، اسلم لاشاري، فتح محمد لاشاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب ڪشمور آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو. هنن چيو ته صادق لاشاري کي 5 مھينا اڳ شڪارپور ضلعي جي ناپرڪوٽ ٿاڻي جي حد مان ٽرڪ کان لاھي اغوا ڪيو ويو هو، جنهن کي شڪارپور پوليس ھن وقت تائين بازياب ناھي ڪرائي سگھي، هنن جو چوڻ ھو ته مغوي يتيم آھي، روز ڪمائي گھر وارن جو گذر سفر ڪندو ھو، هن جي اغوا بعد سندس گھر ۾ فاقاڪشي آھي. هنن چيو ته ساڳي ٿاڻي جي حد مان صادق لاشاري جي اغوا بعد ڪيترن ئي بااثر ماڻهن کي اغوا ڪيو ويو ته انهن کي ڪجهه ئي ڏينهن ۾ بازياب ڪرايو ويو آھي پر اسان جي مغوي صادق لاشاري کي ھن وقت تائين عملدار بازياب ناھن ڪرائي سگھيا. هنن چيو ته صادق لاشاري کي فوري بازياب ڪرايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button