سنڌ

تاج محمد ڊومڪي خاندان جو فرد تصور ٿيندو هو: جونيئر ذوالفقار

شهيد مير مرتضى ڀٽو جي پڳدار پٽ جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو، پارٽي اڳواڻن عنايت عمراڻي، عبدالحئي ساوند، پيرل مجيداڻو، دلمراد جتوئي، نورمحمد گگو، جمن شيخ، عيدن جتوئي، جاويد حاجاڻو، ۽ ٻين سان گڏ ڊومڪي هائوس ڪنڌڪوٽ پهچي تاج محمد ڊومڪي جي وفات تي وارثن ڪوهدل خان ڊومڪي، سخدل خان ڊومڪي، محمد علي ڊومڪي، مير شيراز خان ڊومڪي ۽ ٻين سان تعزيت ڪئي. ان موقعي تي جونيئر ذوالفقار ڀٽو جو چوڻ هو ته تاج محمد ڊومڪي اسانجي خاندان جو فرد تصور ڪيو ويندو هو، ننڍپڻ کان وٺي هن کي پنهنجي اوسي پاسي ۾ ئي ڏسندو هئس، تاج محمد ڊومڪي هڪ آدرش انسان هو، سندس جو وڇوڙو وڏو سانحو آهي، هوڏانهن وفاقي وزير احسان الرحمان مزاري، صوبائي وزير شبير علي خان بجاراڻي، ايم پي اي عابد سندراڻي، ايم پي اي عبدالرئوف کوسو، محبوب علي بجاراڻي، تيغو خان تيغاڻي، غالب حسين ڊومڪي، غلام حسين مهر، احمد علي ملڪ، نصير جان مينگل، پروفيسر اڪبر سرڪي، سيد جمال شاهه، عبدالمجيد بنگوار، ڪامريڊ عباس باجڪاڻي ۽ ٻين تڏي تي پهچي تاج محمد ڊومڪي جي وفات تي تعزيت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button