سنڌ

ڳڙهي ياسين ڪاليج جي چوديواري برسات ۾ ڪري پئي

ڳڙھي ياسين شھر جي ڊگري ڪاليج جنھن جي تعمير کي ھڪ سال ٿيو آهي جي تعمير ٿيل بائونڊري وال واري ديوار برسات پوڻ سبب ڪري پئي. ان سلسلي ۾ سماجي اتحاد جي اڳواڻن وفا عباسي ۽ خاڪي فيصل جي اڳواڻي ۾ سماجي اتحاد جي ڪارڪنن ۽ شھرين ڊگري ڪاليج پھچي ٺيڪيدار سومر مھر خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو. ان موقعي تي وفا عباسي، خاڪي فيصل، اياز شاهھ ۽ بھادر سومرو صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته ھڪ سال اڳ شھر لا ڊگري ڪاليج تعمير ڪيو ويو، ٺيڪيدار سومر مھر لاڳاپيل آفيسرن سان ملي ڀڳت ڪري ڪاليج جي تعمير ۾ ناقص مٽيريل استعمال ڪيو، جنھن جي نتيجي ۾ ڪاليج جي چوديوار معمولي برسات سبب ڪري پئي، ڪاليج جي گٽر لائين به لکيل آھي، جنهن تي ڪو به ڍڪ نه لڳايو ويو آھي، اسان ڪرپٽ ٺيڪيدار خلاف ڀرپور احتجاج ڪنداسين. ھنن آغا سراج دراني کان گھر ڪئي ته ڊگري ڪاليج جي تعمير ۾ ناقص مٽيرل استعمال ڪندڙ ٺيڪيدار سومر مھر ۽ راشي آفيسرن خلاف سخت نوٽيس وٺي ڪارروائي ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button