عالمي

سريلنڪا ۾ وزيراعظم جي گهر کي باهه، مظاهرين صدارتي محل ۾ به داخل

ڪولمبو: سياسي ۽ معاشي بحران سبب ڏيوالو نڪتل سريلنڪا ۾ مڇريل ماڻهن وزيراعظم رنيل وڪرمي سنگهي جي رهائشگاهه کي باهه ڏئي ڇڏي آهي، جڏهن ته مظاهرين صدارتي محل ۾ پڻ داخل ٿي ويا آهن. رپورٽ مطابق سريلنڪا ۾ معاشي ۽ سياسي بحران سبب مڇريل ماڻهن وزيراعظم رنيل وڪرمي سنگهي جي رهائشگاهه کي باهه ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم آفيس طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته مڇريل مظاهرين وزيراعظم رنيل وڪرمي سنگهي جي خانگي رهائشگاهه ۾ داخل ٿي ان کي باهه ڏئي ڇڏي. رنيل وڪرمي سنگهي جنهن کي مئي ۾ سريلنڪا جو وزيراعظم مقرر ڪيو ويو هو، پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو آهي ته حڪومت جي تسلسل کي يقيني بڻائڻ ۽ سمورن شهرين جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لا پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندو. جڏهن ته سريلنڪا جي تخت گاهه ڪولمبو سميت مختلف شهرن ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهو احتجاجي مظاهرا ڪري رهيا آهن. ميڊيا رپورٽن موجب ڪولمبو ۾ هزارين ماڻهو صدارتي محل سامهون بيهاريل رنڊڪون ٽوڙي صدارتي محل ۾ داخل ٿي ويا، ان دوران هنن جون پوليس سان چڪريون به ٿيون. پوليس مڇريل ماڻهن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ هوائي فائرنگ ڪئي، واٽر ڪينن جو استعمال ڪيو ويو ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گئس جي شيلنگ به ڪئي وئي، جنهن ۾ تقريب 34 ماڻهو زخمي ٿي پيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button