دنيا جي وجود ۾ اچڻ کان وٺي موجوده دور تائين انسان مختلف شعبن ۾ ترقي ماڻڻ لاءِ ننهن چوٽيءَ جا زور لڳائي رهيو آھي، ڪاميابيءَ لاءِ ڪوشش هڪ انساني فطري عمل آھي ۽ هي انساني فطري عمل ڪو برو عمل قطعي نه آھي ۽ ڪاميابي ماڻڻ انتهائي حساس ۽ نازڪ مرحلو هوندو آھي. ان عمل ۾ هر قدم سوچي سمجھي ۽ بلڪل تياريءَ سان کڻبو آھي ۽ تر جيتري غلطيءَ جي گنجائش نه هوندي آهي ۽ اها نه نظر ايندڙ يا ننڍي کان ننڍي مطلب تر جيتري غلطي سمورن سالن جي محنت ضايع ڪرڻ لاءِ ڪافي هوندي آھي پاڻ کي هڪ ٻئي کان مختلف ۽ مٿي ڪري پيش ڪرڻ ۽ ٻين کي هيٺ ڏيکارڻ جي مقابلي ڌرتيءَ جي هر شعبي کي پنهجي وڪڙ ۾ آڻي ڇڏيو آھي.
ڪو ماڻهو دنيا جي ڪنهن به خطي، سماج يا مذھب سان تعلق رکندڙ ڇو نه هجي پر پاڻ کي ان ڊوڙ کان پري رکي نٿو سگهي ۽ هو سڌي يا اڻ سڌي ريت ان مقابلي جو حصو هوندو آھي. هتي هر ماڻهو ٻئي مانهوءَ کان پاڻ کي هڪ قدم اڳتي ٿو رهڻ چاهي پر هو ڪاميابيءَ جي واضح تشريح کان بلڪل اڻ ڄاڻ آھي ۽ بي انتها دولت، آسائشن، عياشين، سهولتن ۽ آرام واري زندگي گذارڻ کي ڪاميابي سمجهڻ لڳو آھي. اڳتي وڌڻ جو شوق ان ۾ جنونيت جي شڪل اختيار ڪري ويو آھي ۽ اڳتي وڌڻ جي حوس ۾ ٻين کي نقصان ڏيڻ، ٻين جا حق کائڻ روز جو معمول بڻجي ويو آھي. ڇا صحيح آھي ڇا غلط آھي؟ ان سان ڪابه غرض نٿو رکي. ڪاميابيءَ جي ڀڄ ڀڄان ۾ اڪثر پنهجا اخلاقي فرض به وساري ڇڏيا آھن ۽ سماج ۾ بي حسي ۽ بگاڙ جو ڪارڻ آھي.
گهڻا ماڻهو پاڻ سان جڙيل قيمتي شين، ملڪيت، اثاثن، اولاد، ڪاروبار جي سار سنڀال لاءِ سنجيده ڪوششون ڪندا آھن ۽ انسان ان عمل کي پنهنجي زندگيءَ جو اصل حصو ۽ ذميواري سمجهي پنهنجي هر فرض کان غافل ٿي ويهي رهيو آھي، جيڪو انسان ذات لاءِ نهايت خطرناڪ عمل ٿي سگهي ٿو ۽ اهڙي عمل سان دنيا ۾ ذھني مرض ۾ به اضافو اڻٽر آھي. فڪري ۽ اخلاقي پستي ۽ خود غرضي وارا لاڙا وڌي رهيا آھن ۽ ان خودغرضي ۽ نالي ماتر ڪاميابيءَ جي ڊوڙ ۾ پنهنجي هٿن سان پنهنجي اولاد ٻارن کي ان جهنمي باهه ۾ اڇلي ڪاميابيءَ جي سفر جي شروعات سمجهن ٿا. شروعاتي تعليم دوران ئي شاگردن کي ننڍڙي ذھنن ۾ ڪاميابيءَ جي چاٻي ڀري هڪ ٻئي کان اڳتي وڌڻ لاءِ ڀڄائي شروعات ڪئي وڃي ٿي ۽ آخر ۾ ان کي رزلٽ جي رسيد ڏئي روانو ڪيو وڃي ٿو ۽ ڪاميابيءَ جي ڊوڙ ان ٻار جي ذھن ۾ تخليقي صلاحيتن کي مسمار ڪري چڪي هوندي آھي ۽ والدين جي ردعمل مان پيدا ٿيندڙ ڇڪتاڻ ٻارن جي ذھني تخليقي سوچ جو ٻيڙو غرق ڪري منفي سوچ ڏي مائل ڪري ٿو ۽ نام نهاد ڪاميابي لاءِ ٻار جي معصوميت به کسجي وڃي ٿي ۽ ان ڊوڙ ۾ شامل ٿيڻ سان سماج بگڙجڻ جي شروعات ٿئي ٿي.
مقابلو هڪ مثبت عمل آھي ۽ اڳينا وڌڻ جي خواهش ان تي منفي اثر وجهي ڇڏيا آھن. ٻار جي بنيادي تربيت ۽ قابليت کي وڌائڻ بدران ان کي انفرادي سطح تي ڳوليو وڃي ٿو، جيڪو عمل به سماج کي بگاڙڻ جي شروعات آھي. اهو ٻار خودغرض ٿي وڃي ٿو ۽ خود غرض ٻين جي حق تلفين جو بنياد آھي ۽ هن سان انسان حوس پرستيءَ جي راهه جو مسافر ٿي وڃي ٿو ۽ پوءِ احساس برتريءَ جو شڪار ٿي، ٻين کان پاڻ کي برتر ۽ بهتر سمجهڻ جو لاڙو ذھني مريض بڻائي ڇڏي ٿو. اسين جيڪڏهن ڪو ٻوٽو پوکيون ٿا ته ان کي اسان جي ڌيان جي ضرورت هوندي آھي. ان کان پوءِ ماحول آبھوا، مٽي ۽ موسم جي حساب سان سار سنڀال جو خيال رکڻو پوندو آھي. جنهن کان پوءِ ئي واڌ ويجھه جو عمل شروع ٿيندو آھي ۽ ان پرورش ۾ اسان جو ڪو خاص ڪردار ناهي هوندو.
اسين پنهنجي ٻارن کي خالص صحتمند ۽ فطري ماحول ڏيڻ ۾ بلڪل ناڪام ويا آھيون جنهن جي نتيجي ۾ شروعات ۾ ئي منفي ڪردار شروع ٿي وڃي ٿو ۽ اهوئي سبب آھي جو دنيا جا طاقتور ملڪ ڪمزور ملڪن کي لتاڙيندا پيا هلن ۽ اخلاقي برائي ۽ سماج جي بگڙجندڙ ماحول کي نه ٿا سمجهن. ملڪن کي حڪومتون هلائينديون آھن ۽ حڪومتون حڪمران ھلائيندا آھن ۽ حڪمران انسان کي چيو ويندو آھي ۽ اهو حڪمران خودغرض ٿي فيصلا ڪري عدم توازن جو شڪار ٿي وڃي ٿو، اهي پڻ حڪومتن، ملڪن ۽ قومن لاءِ هاڃيڪار آھن. هڪ ٻئي جو هٿ پڪڙي ترقي ڪرڻ بدران هڪ ٻئي جا پير ڪڍيا پيا وڃن. خودغرضيءَ تي ٻڌل ڪاميابي عالمي سطح تي بي چيني ۽ مايوسيءَ کي جنم ڏنو آھي.
اسين پنهنجي ان اوگڻ يا بدترين دشمن کي سڃاڻي نه سگهيا آھيون، جنهن کان اسان کي پنهنجا نسل بچائڻا آھن. موجوده حالتن ۾ ڏٺو وڃي ته سياست جا ماهر اسان جا اڳواڻ هڪ ٻئي سان هٿ هٿ ۾ ڏئي اڳتي وڌي ترقي ڪرڻ بدران هڪ ٻئي جا پير ڪڍڻ ۾ سرگرم لڳا پيا آھن ۽ اها سرگرمي جيڪڏهن پنهنجو ملڪ پنهجا صوبا هلائڻ ۾ ڪن ۽ اميدوارن جي خريد ۽ وڪري بدران عوامي اصلاح ۽ ترقيءَ جا پروگرام متعارف ڪرائين ته ملڪ جي اسڪولن ۾ اخلاقي ذميوارين جا سبجيڪٽ شروع ڪرائين، ملڪي بجيٽ جو صحيح استعمال ڪن ۽ ادارن کي ٻين ادارن مٿان مسلط ڪرڻ بدران ادارن پنهنجا ڪم ايمانداريءَ سان ڪرڻ ڏين. ملڪ ۾ قانون جي رٽ بحال ڪري غيرملڪين کي ملڪ ۾ ملڪيتن وٺڻ تي پابندي مڙھي ۽ اجازت بنا ڪاروبار ڪرڻ تي بندش ۽ ڪاروبار ڪرڻ تي ٻين ملڪن وانگر وطن جي ماڻھن جو حصو رکي اجازت نامون ڏنو وڃي، ته ان سان ملڪ ۽ قوم ترقي ڪري سگهن ٿا ۽ ڊالر جي اڏام جي به رستا روڪ ڪري ملڪ ۾ نواڻ آڻي سگهجي ٿي، جنهن لاءِ پنهنجي منفي سوچ کي دفن ڪري حقيقي انساني حقن جي پاسداريءَ جو علم بلند ڪري سگهجي ٿو.
ايندڙ نسلن کي محفوظ ڪري مثبت مقابلي جو ماحول پيدا ڪري خودپرستي ۽ خودغرضيءَ جي رستا روڪ ڪرڻي پوندي. ٻي صورت ۾ ٻين لاءِ ته مفيد ڪو نه ٿي سگهبو پر پنهنجن لاءِ به ڪارائتا ثابت ڪونه ٿينداسين.