ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڀٽن منجھه ڀونچال -V

Editorial-Article- Noor Bajeer

ٿر جي عورت:
چوندا آھن تھ جتي پسماندگي ھوندي آھي، اتي ڪمزور طبقا وڌيڪ متاثر ٿيندا آھن. ھن مرداڻي سماج ۾ عورت کي بھ ڪمزور طبقي ۾ ڳڻيو وڃي ٿو. ايمانداريءَ سان تجزيو ڪجي تھ غلاميءَ جا انيڪ ڦندا عورت جي ڳچيءَ ۾ طوق وانگر پيل آھن. سماجي رسمن توڙي عقيدن جي اوزارن سان عورت جي زندگي عذاب بنائي وڃي ٿي. رسمون توڙي عقيدا طاقتور ڌرين يعني مردن جي تخليق آھن ۽ عورت انھن ھٿڪنڊن جو شڪار ٿئي ٿي.
ٿر جي سماجي ڍانچي ۾ عورت جو اھم ڪردار آھي، پورھئي ڪرڻ ۾ مرد کان اڳڀري آھي، مال جي سار سنڀال، ٻني ٻاري جو ڪم توڙي گهر جا سمورا ڪم عورت جي ذميواريءَ ۾ شامل ھوندا آھن. ھوءَ صبح ساجهر اٿي ٿي ۽ رات دير تائين ھڪ پل لاءِ بھ آرام ڪري نھ سگهندي آھي. پيئڻ جو پاڻي، ٻارڻ لاءِ ڪاٺين جو بندوبست ڪرڻ، گھر ٺاھڻ، توڙي سماجي رابطن کي بحال رکڻ جو ڪم عورت جي حوالي ھوندو آھي.
صدين جي غلاميءَ جي تسلسل ۾ ھاڻي ھن اھو ذھني طور قبول ڪري ورتو آھي تھ کيس مليل ڪردار فطري آھن ۽ مرد جي حڪمرانيءَ کي ٻنھي اکين سان قبول ڪرڻو آھي. ھن جي سوچ جا دائرا پڻ محدود ٿي ويا آھن ۽ ھوءَ ھڪ مخصوص دائري ۾ پنھنجي زندگيءَ جي باري ۾ سوچي ٿي. مثال طور والدين جي مرضي آھي تھ ھو جڏھن ۽ جتي بھ شادي ڪرائين، ڪپڙو پائڻ توڙي کاڌي کائڻ جو سليقو پڻ والدين ۽ شادي کان پوءِ مڙس جي مرضي مطابق ھوندو.
اھا ھڪ پڌري حقيقت آھي تھ ھر مصيبت ۽ تڪليف جي ڏينھن ۾ ڪمزور طبقا وڌيڪ متاثر ٿين ٿا. انھن طبقن لاءِ خاندان توڙي رياست پاران گهٽ ڌيان ھوندو آھي. ٿر ۾ موجود صحت ۽ تعليم جي سھوليتن جو جائزو وٺون تھ انگن اکرن مان ئي خبر پوندي تھ عورت لاءِ سھوليتون مردن جي ڀيٽ ۾ ڪيتريون آھن. اسڪول ۽ استادن جو انگ، ھلندڙ ۽ بند ٿيل اسڪول، ماءُ ۽ ٻار جي صحت جا سينٽر، ٿر ۾ موجود ڪل عورتون ۽ ٿر ۾ مقرر ڪيل ليڊي ڊاڪٽرس جي معلومات گڏ ڪري ايمانداريءَ سان تجزيو ڪري ڏسجي تھ حقيقت سامھون اچي ويندي.
ٿر جي عورت مقامي سطح تي صحت جون سھوليتون، پيئڻ جي پاڻي، کاڌ خوراڪ توڙي نياڻين لاءِ اڻپوريون تعليمي سھوليتون ھجڻ جي ڪري وڌ کان وڌ متاثر ٿي آھي. ٿر جي عورت غذائيت جي ڪميءَ جو شڪار ھوندي آھي، نتيجي ۾ نئون ڄمندڙ ٻار پڻ ڪمزور ڄمي ٿو، انھيءَ ڪري ٻار توڙي ماءُ کي موت کان بچائڻ مشڪل ٿي پوي ٿو. ڪجھه سالن کان ٿر ۾ موجود ميڊيا جي دوستن ٿر ۾ ٻارڙن جي موت ۽ موجود سھوليتن کي بيباڪيءَ سان رپورٽ ڪيو، نتيجي ۾ سنڌ جي ٻين ضلعن جي ڀيٽ ۾ ٿر جي اسپتالن ۾ بھتري آئي آھي. پر اڃا بھ ٿر جي عورت کي مقامي سطح تي مناسب اعلاج جون سھوليتون نھ ھجڻ جي ڪري حيدرآباد يا ڪراچي وڃڻو پوي ٿو ۽ انھي ڊگهي پنڌ جي ڪري ڪافي عورتن جا موت اسپتال پھچڻ کان اڳ ۾ ئي ٿي وڃن ٿا.
ٿر جي پورھيت عورت جي ڪم ۾ اضافو ٿيو آھي پر ساڳئي وقت کاڌ خوراڪ ۾ گهٽتائي آئي آھي. اڳ ۾ کير وڪرو نھ ٿيندو ھو ۽ نج گيھه، مکڻ، ڌونئرو، لسي وغيره کائڻ سان غذائيت سان ڀرپور خوراڪ ملي ويندي ھئي ۽ سخت قسم جي پورھئي جو صحت تي گهڻو اثر نھ پوندو ھو پر ھاڻي جڏھن کان کير وڪرو ٿيڻ شروع ٿيو آھي تھ ٿر جي عورت جي صحت متاثر ٿي آھي.
عورت جي صحت متاثر ٿيڻ جو ھڪ ٻيو اھم سبب ننڍي عمر جون بي جوڙ شاديون آھن. صدين کان ھلندڙ ريتن ۽ رواجن عورتن جي زندگي برباد ڪري ڇڏي آھي. بدي واري ريت ۽ مخصوص ذات، ڪڙم ۽ قبيلي جي اندر ئي شادي ڪرائڻ واري رواج عورت جي پنھنجي مرضي ۽ آزاديءَ سان شادي ڪرڻ جو فيصلو ڪرڻ واري واٽ بند ڪري ڇڏي آھي. ھزارين ارمان مٽيءَ ۾ ملي ويندا آھن ۽ زندگي بي رنگ ٿي وڃي ٿي.
گذريل ڪجھه سالن کان ٿر ۾ خودڪشين جو لاڙو وڌيو آھي، خودڪشي ڪندڙن ۾ عورت جو تناسب وڌيڪ آھي. سال 2021ع جي انگن اکرن موجب ٿر ۾ ڪل خودڪشيون 115 ٿيون آھن جنھن ۾ 68 عورتن آپگھات ڪيو آھي. شادي شده عورتن پنھنجن معصوم ٻارن سميت اجتماعي خودڪشيون ڪيون آھن. خودڪشيءَ جي سببن ۾ مردن جا رويا، گهريلو تشدد، علاج نھ ٿيڻ، خوراڪ جو پورائو يعني گهر ھلائڻ لاءِ مناسب خرچ نھ ھجڻ شامل آھن. ٿر ۾ عورت ڪارو ڪاري واري رسم جو کاڄ نھ ٿينديون آھن پر جنسي ڏاڍائي يا ڪنھن ويجھي رشتيدار سان جنسي تعلق ھجڻ جي خبر ڦھلجڻ سان غيرت يا ماڻھن جي طعنن کان تنگ اچي پنھنجو پاڻ مارڻ جو لاڙو وڌي ويو آھي. اھڙي قسم جي آپگهات ۾ مڙس، ڀاءُ يا پيءُ پنھنجي حياتيءَ جو انت آپگهات جي صورت ۾ آڻيندا آھن.
“ٿر بدليندو پاڪستان” جي نعري ھيٺ ٿر جي عورت کي ڊمپر ڊرائيور طور متعارف ڪرايو آھي. دنيا ۾ اھو مثال پيش ڪرڻ سان ٿري عورت جي مجموعي طور سماجي توڙي معاشي حالت کي بيان نٿو ڪري سگهجي پر انھيءَ مثال مان اھو ثابت ڪري سگهجي ٿو تھ سماج پاران عورتن لاءِ طئي ڪيل مخصوص روزگار جي ذريعن کان ھٽي مردن وانگر مختلف ڌنڌن ۾ پڻ پنھنجو پاڻ مڃرائي سگھن ٿيون.
ٿر جي عورت جي ترقي لاءِ ڪجهھ تجويزون عرض رکجن ٿيون.

  1. ٿر ۾ نياڻين جي تعليم لاءِ تعليم کاتي پاران فيميل ٽيچر کي روزانو ٻھراڙيءَ جي اسڪولن ۾ ڊراپ ڪرڻ ۽ شام جو واپس پنھنجي گهر تائين پھچائڻ جو بندوبست ڪيو وڃي.
  2. ھاءِ اسڪول ۽ ڪاليج جي تعليم لاءِ ڳوٺن مان شاگردياڻين کي وٺي اچڻ ۽ شام جو واپس ڳوٺ تائين پھچائڻ لاءِ بس سروس شروع ڪئي وڃي.
  3. ھر تعلقي ۾ گرلس ھاسٽل تعمير ڪئي وڃي ۽ شاگردياڻين جي رھائش جو مڪمل بندوبست ڪيو وڃي.
  4. ھر تعلقي ۾ گرلس ڪاليج ۽ ضلعي ھيڊڪوارٽر ۾ نياڻين لاءِ يونيورسٽيءَ جو قيام عمل ۾ آندو وڃي جنھن ۾ جديد تعليم حاصل ڪرڻ جو سموريون سھوليتون فراھم ڪيون وڃن.
  5. ٿر جي عورت کي گهر ويٺي روزگار حاصل ڪرڻ لاءِ گهريلو صنعت شروع ڪرڻ جو موقعا فراھم ڪيا وڃن.
  6. ٿر ۾ عورت ڪاروباري مرڪز تعمير ڪيو وڃي ۽ انھي ڪاروباري مرڪز ۾ ڪاروبار ھلائڻ لاءِ عورتن جي مالي ۽ فني مدد فراھم ڪئي وڃي.
  7. ٿر جي ھر تعلقي ھيڊڪوارٽر ۾ ماءُ ۽ ٻار صحت مرڪز قائم ڪيو وڃي، انھي مرڪز ۾ ويم گهر لاءِ سموريون جديد قسم جون سھوليتون فراھم ڪري ڏنيون وڃن.
  8. ھر ڳورھاري عورت جي صحت مرڪز ۾ رجسٽريشن لازمي قرار ڏني وڃي ۽ حمل دوران حڪومت پاران نيوٽريشن جي پورائي لاءِ کاڌ خوراڪ جو بندوبست ڪري ڏنو وڃي.
  9. ٿر جي ھر تعلقي ھيڊڪوارٽر ۾ نفسياتي ماھر مقرر ڪيو وڃي، جيڪو نفسياتي بيمارين جي حوالي سان ماڻھن کي صلاحون ۽ علاج جي سھوليت فراھم ڪري.
  10. ٿر ۾ موجود سماجي ادارا ماحولياتي گدلاڻ توڙي موسمي تبديلين جي حوالي سان آگاھي مھم شروع ڪن.
  11. گھريلو سطح تي اڻبرابريءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ سماج جي باشعور طبقن کي مھم جوئي شروع ڪري سماج ۾ برابري وارا نوان لاڙا متعارف ڪرائڻ گهرجن.
  12. نياڻين جي تعليم کي انتھائي لازمي قرار ڏنو وڃي، ڀڃڪڙي ڪندڙ ڪٽنب تي قانوني ڪارروائي ڪرڻ گهرجي.
  13. عورت کي وراثت جو حق ڏيارڻ لاءِ نئين سر قانون سازي ڪرڻ گهرجي، مائٽن پاران ملڪيت ۾ حصو بخش ڪرائڻ وارو آپشن ختم ڪرڻ گهرجي.
    (ھلندڙ)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button