پي ڊي ايم جي حڪومت اچڻ کان پوءِ پنجاب ۾ سياسي بحران پهرين ڏينهن کان وٺي جاري آهي. اهو بحران هاڻ وڌيڪ تيز ٿي ويو آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشنيءَ ۾ پنجاب اسيمبليءَ ۾ وڏي وزير جي چونڊ لاءِ ووٽ وڌا ويا. جنهن ۾ پي ٽي آءِ چوڌري پرويز الاهيءَ کي پنهنجو اميدوار طور نامزد ڪيو ۽ حڪومتي ڌر پاران حمزه شهباز هو. حمزه شهباز کي 179 ووٽ مليا، جڏهن ته پرويز الاهيءَ کي 186 ووٽ مليا پر اوچتو پنجاب اسيمبليءَ جي ڊپٽي اسپيڪر مزاري چوڌري شجاعت جو هڪ خط پڙهيو، جنهن ۾ اها هدايت ڪئي وئي هئي ته سندس پارٽي ميمبر حمزه شهباز کي ووٽ ڏين. جنهن کان پوءِ هن حمزه شهباز کي وڏي وزير طور بحال ڪري ڇڏيو. پر پي ڊي ايم جي خوشي ان وقت ڌوڙ ٿي وئي، جڏهن پي ٽي آءِ ان فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ وڃڻ جو فيصلو ڪيو، هڪ ڀيرو وري رات جو عدالت لڳي ۽ حمزه شهباز جا اختيار محدود ڪيا ويا.
ملڪ ۾ ڪجهه وقت کان خط ظاهر ٿيڻ ۽ خطن وسيلي پارلياماني معاملا هلائڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. جڏهن عمران خان نيازي خلاف عدم اعتماد واري رٿ آندي وئي هئي ته ان وقت به قاسم سوري هڪ خط کڻي آيو هو، جنهن عدم اعتماد واري رٿ کي هلڻ نه ڏنو پر پوءِ جڏهن بحران وڌي ويو ته نيٺ عمران خان نيازيءَ کي گهر وڃڻو پيو. سپريم ڪورٽ جي مداخلت کان پوءِ پارليامينٽ کي ڪارروائي کي غير آئيني قرار ڏنو ويو. جنهن جي ڪري پي ڊي ايم پنهنجي حڪومت جوڙڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي. پر سازشي خط جي حقيقت اها آهي ته ان خط جو ڪو وجود ئي ڪونهي. جيڪڏهن ائين هجي ها ته ان کي سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪيو وڃي ها. جنهن لاءِ ڪجهه ڏينهن سپريم ڪورٽ پنهجو تفصيلي فيصلو جاري ڪيو آهي.
پهريون پنجاب ان قسم جو سخت بحران پيدا ٿيو آهي. ان جو سبب رڳو سياسي پارٽيون ڪونه آهن پر “ڪمپني بهادر” آهي، جنهن گذريل 75 سالن ۾ ڪجهه ناهي سکيو. اها هر ڀيري نئين سياسي پارٽي تيار ڪرائيندي آهي، ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ کي وزير اعظم جي عهدي تي ويهاريندي آهي، جيڪو ان جي اشارن تي هلندو رهي، ملڪ جا سياسي معاملا ان جي مداخلت کان سواءِ ڪونه هلي سگهندا ۽ نه ئي پرڏيهي پاليسي آزاد هوندي آهي. جڏهن کان ملڪ ۾ پي ٽي آءِ لاءِ هر قسم جو اسپيس پيدا ڪيو ويو آهي، ملڪ ۾ رڳو سياسي بحران ئي جنم وٺي رهيو آهي. پي ٽي آءِ کي ميدان ۾ لاهڻ ۽ عمران خان نيازيءَ کي وزير اعظم ڪرڻ لاءِ هر جائز توڙي ناجائز ڪم ڪيو ويو. عمران خان نيازيءَ جي رستن جون رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي جج جسٽس ثاقب نثار هر قسم جي رعايت کيس ڏني. هن قانون کان مٿانهان فيصلا ڪيا، ڇاڪاڻ ته ان وقت اسٽيبلشمينٽ کي نواز شريف مان جان ڇڏائڻي هئي ۽ اهي سڀ فيصلا اسٽيبلشمينٽ جي مرضيءَ سان ٿيندا رهيا آهن. جڏهن ملڪ جي سياسي پارٽين کي سوگهو ڪري رکبو ۽ انهن کي ايتري به آزادي نه ڏني ويندي ته اهي سياسي معاملا پنهنجو پاڻ ۾ ويهي حل ڪن ته پوءِ هڪ بحران مان ٻيو بحران جنم وٺندو رهندو آهي. تنهنڪري هاڻوڪي صورتحال ۾ اسٽيبلشمينٽ جي ڪردار کي ڪنهن به ريت وساري نٿو سگهجي.
جيڪڏهن ملڪ کي ڪنهن سياسي تبديليءَ جي ضرورت هئي ته اها تبديلي اسٽيبلشمينٽ جي مرضي موجب نه هجڻ گهرجي. پر اها تبديلي عوام جي ووٽ ۽ سياسي عمل ذريعي هجڻ گهرجي ها. پر هتي ته سياسي متبادل به اسٽيبلشمينٽ فراهم ڪندي ۽ عوام تي ان ڳالهه لاءِ دٻاءُ وجهندي آهي ته اهو انهن متبادل کي ووٽ ڏئي جيڪو نئون مارڪيٽ ۾ آندو ويو آهي. پر اهڙو متبادل ته عوام کي وڌيڪ ڏچي ۾ وجهي ڇڏيندو آهي، پي ٽي آءِ کي سياسي متبادل طور آندو ويو پر ان نه رڳو ملڪ کي تباهي ڪنڌي پهچايو پر هيستائين جيڪا حالت پنجاب ۾ ٿي رهي آهي، ان ۾ پي ٽي آَءِ به ڀاڱي ڀائيوار آهي. جنهن ملڪ جي سياست ۽ اخلاقيات کي خراب ڪيو آهي.
ڪجهه ڏينهن کان اهي خبرون گردش ڪري رهيون آهن ته اسٽيبلشمينٽ نرم مداخلت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ملڪي تاريخ ۾ ڪا اهڙي حڪومت رهي آهي، جنهن ۾ اسٽيبلشمينٽ مداخلت نه ڪئي هجي ۽ ان پنهنجي مرضيءَ جا فيصلا نه ڪرايا هجن، ته پوءِ هن وقت نرم مداخلت جي ڳالهه ڪرڻ جو ڪهڙوُ تُڪ آهي. جڏهن اهو چيو ويو ته اسين پاڻ کي سياست کان پري ٿا رکڻ چاهيون ۽ اسان جو سياست کان ڪو واسطو ناهي ته اصل ۾ اهو فيصلو پارٽي آشيرواد تبديل ڪرڻ جو هو. جڏهن اسٽيبلشمينٽ کي عمران خان نيازيءَ جي ضرورت نه رهي ته هن پنهنجو هٿ پي ڊي ڊيم تي رکيو ۽ ان کي ميدان ۾ لاهي اهو سڀڪجهه ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪو عمران خان نيازي ڪري ته ها پر هو هاڻ هنن جي اکين جو تارو نه رهيو هو. هن وقت تائين ته اهو ممڪن نه رهيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ پاڻ کي سياست کان پري ڪري ۽ اها سياستدانن کي پنهنجي مرضيءَ سان آزاداڻي طور فيصلا ڪرڻ ڏي. ڇاڪاڻ ته اها ملڪ جي سياسي عمل ۾ هڪ بااختيار اسٽيڪ هولڊر آهي، جنهن جي مرضيءَ کان سواءِ ڪوبه سياسي فيصلو، ڪو سياسي اپاءُ مشڪل آهي. تنهنڪري ميڊيا ۾ اها ڳالهه اڇلائي ڇڏڻ سولو آهي ته اسٽيبلشمينٽ غيرسياسي ٿي وئي آهي پر عملي طور ان کي ڪري ڏيکارڻ ڏکيو آهي. هن وقت تائين عملي طور اهو ئي نظر اچي رهيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ پاڻ کي سياست کان الڳ ناهي ڪيو پر ان جو ڪردار اڳ وانگر ئي سرگرم آهي، ڇاڪاڻ ته ملڪ جي ڪنهن به سياسي پارٽيءَ ۾ ايتري همت ناهي جو اها “ڪمپني بهادر” جو ڪردار محدود ڪري سگهي يا ان کي اهو چئي سگهي ته مهرباني ڪري اسان کي پنهنجو ڪم ڪرڻ ڏيو. سياسي فيصلا ڪرڻ اوهان ڪم ناهي. پر جيئن ته اهي سياسي پارٽيون ڪنهن نه ڪنهن ريت اسٽيبلشمينٽ وٽ سوگهيون آهن تنهنڪري اهي ائين نٿيون ڪن.
هاڻوڪو بحران هڪ سياسي بحران آهي پر اهو ان ڪري پيدا ٿيو آهي جو اسٽيبشلمينٽ پاڻ کي سياسي معاملن کان ڌار ناهي ڪيو. سياست ۾ عمران خان نيازيءَ جي اچڻ کان پوءِ اها ان کي هر قسم جي سهولت ڏيندي رهي آهي پر هو وقت اچڻ تي ان کي تارا ڏيکارڻ لڳو. کيس اها ته پڪ آهي، هو ان خلاف ڪري ڪجهه به نٿو سگهي پر هن وقت هو ان تي دٻاءُ ضرور وجهي رهيو آهي.
اهو مطالبو اڄ ڪلهه وڏي واڪي ٿيندو رهيو آهي ته ملڪ ۾ شفاف چونڊون ڪرايون وڃن ته سڀ مسئلا حل ٿي ويندا. اها ته سياسي عمل جي گهرج آهي، جڏهن ته بحران ان وقت حل ٿي سگهن ٿا، جڏهن اسٽيبلشمينٽ جي مداخلت مڪمل طور بند ڪئي وڃي. شفاف چونڊون ان کان اڳ 1970ع ۾ ٿي چڪيون آهن، ان سان به مسئلا ته حل نه ٿي سگهيا. ملڪ ۾ سياسي بحرانن جو جنم وقفي وقفي سان موجود رهيو آهي. هاڻ اسٽيبلشمينٽ کي سوچڻو پوندو ته اها پارليامينٽ کي آزاديءَ سان فيصلا ڪرڻ ٿي ڏئي يا ان جي ڪيل فيصلن کي عدالتن وسيلي واپس ڪرائي، سياسي پارٽين کي اهو احساس ٿي ڏيارڻ چاهي ته پارليامينٽ ۽ ٻين ادارن جي ڪابه حيثيت ناهي.