ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

برسات کان پوءِ امدادي ڪارروايون

Editorial

سڄي ملڪ ۾ برساتون وسڻ جو سلسلو جاري آهي. برساتن کان پوءِ واري صورتحال وڌيڪ اهم هوندي آهي، ڇاڪاڻ ته پاڻي نيڪال نه ٿيڻ، واهن کي گهارا پوڻ ۽ فصلن ۾ پاڻي بيهي وڃڻ ڪري عوام جو گهڻو نقصان ٿي ويندو آهي، ان نقصان جو ازالو به ضروري هوندو آهي، پر ڇا هاڻوڪي حڪومت ان نقصان جو ازالو ڪرڻ لاءِ تيار آهي. ان وٽ ايترا وسيلا ۽ سنجيدگي آهي جو اها عوام جي ٿيل نقصان جو ازالو ڪري سگهي ۽ ان کي پيش ايندڙ سمورا مسئلا حل ڪري سگهي. هن وقت سنڌ ۽ بلوچستان ۾برساتن سبب وڏي تباهي ٿي آهي. اها تباهي هڪ پاسي جاني آهي ته ٻئي پاسي مالي پڻ آهي.
ڪالهوڪي خبر موجب سانوڻي جي ٽئين وسڪاري سنڌ ۾ تباهي آڻي ڇڏي آهي، 2 هزار کان وڌيڪ گهر مڪمل تباهه ٿي ويا ۽ 11 هزار کان وڌيڪ گهرن کي شديد نقصان پهتو آهي، جڏهن ته 90 انساني زندگيون اجل جو شڪار ٿي ويون آهن. خبر موجب پروينشل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي طرفان هلندڙ هفتي ٿيل برساتن جي 22 جولاءِ کان 26 جولاءِ تائين ٿيل تباهڪارين جا انگ اکر جاري ڪيا ويا آهن، جن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 2 هزار 165 گهر مڪمل طور تي تباهه ٿي ويا آهن. 11 هزار 701 گهرن کي شديد نقصان پهتو آهي. سڀ کان وڌيڪ ٺٽي ضلعي ۾ 9 هزار 980 گهرن کي شديد نقصان پهتو آهي ۽ ٻئي نمبر تي ڄامشورو ۾ 1250 گهر شامل آهن. رپورٽ ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته برساتن سبب هڪ پل ٽٽي ۽ مجموعي طور 98 ڪلوميٽر روڊ کي نقصان پهتو آهي، زرعي شعبي ۾ 71 هزار 747 ايڪڙ تي پوکيل فصل کي شديد نقصان پهتو آهي، جنهن ۾ پڻ ٺٽو ضلعي ۾ 35هزار 995 ايڪڙ زمين تي بيٺل فصل تباهه ٿيو ۽ ٻئي نمبر تي شهيد بينظير آباد ۾ 35 هزار 753 ايڪڙ زمين تي پوکيل تباهه ٿيو آهي، جڏهن ته برساتن دوران ٻڌايو پيو وڃي ته 75 ڍور مري ويا آهن ۽ 90 انساني زندگيون اجل جو شڪار ٿيون آهن، جڏهن ته 51 ماڻهو زخمي ٿيا آهن.
ٻئي پاسي بلوچستان ۾ برسات ۽ پاڻي جي وڏن وهڪرن تباهي ڪري ڇڏي آهي، بلوچستان جو سنڌ سان چئن ڏينهن کان زميني رابطو ڪٽجي ويو آهي، ڪوئيٽا – ڪراچي شاهراهه به مختلف هنڌن تي پُليون ٽٽڻ سبب آچر تائين بند ڪيل آھي. لسٻيلي جي علائقي اوٿل ۾ پاڻي جي وهڪرن ۾ لڙهي ويل 4 ڄڻن جا لاش هٿ ڪيا ويا، فوتين ۾ 2 ٻار ۽ هڪ عورت شامل آھي. ٻئي پاسي وزيراعظم ملڪ ۾ برساتن دوران ٿيل نقصان جي سروي لاءِ وفاقي وزيرن جي ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، وزيرن کي برسات متاثر علائقن جا دورا ڪري 4 ڏينهن ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آھي. برساتن سبب ٿيل نقصان جي جائزي لاءِ اجلاس دوران وزيراعظم چيو آهي ته ڪميٽي جي سفارشن تحت جامع پلان جوڙيو ويندو، متاثرن ۽ زخمين لاءِ امداد 50 هزار مان وڌائي 5 لک رُپيا ڪئي ويندي، ڪچن ۽ پڪن گهرن جي ڪيٽيگري ختم ڪري سمورن متاثرن کي هڪ جهڙي امداد ڏيڻ گهرجي. وفاقي سرڪار قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ صوبن سان ڀرپور سهڪار ڪندي، عالمي امدادي ادارن سان رابطا ڪري مالي مدد وٺڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي، برساتن سبب تباهه ٿيل انفرااسٽرڪچر جي بحالي لاءِ سُپريم ڪورٽ ۾ موجود فنڊز وٺڻ بابت وفاقي سرڪار عدالت کي خط لکندي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هن صورتحال ۾ امدادي سرگرميون ضروري آهن ۽ اهي سرگرميون اسان کي ڪاغذن ۾ ته نظر اچن ٿيون پر عملي طور نظر نٿيون اچن، جنهن جي ڪري عوام کي ڪوبه لاڀ نٿو ملي سگهي ۽ نه ئي برسات متاثرن جا مسئلا حل ٿي سگهن ٿا. تنهنڪري سنڌ توڙي بلوچستان جي جن به علائقن ۾ برساتون وسيون آهن، اتي امدادي ڪارروايون بنا ڪنهن فرق جي جاري رهڻ گهرجن. ائين نه ٿيڻ گهرجي جو ڪن علائقن ۾ امداد جاري رکي وڃي ۽ ڪن علائقن ۾ اهو ڪم بلڪل به نه ڪيو وڃي. ان کان سواءِ ان ڳالهه کي به ذهن ۾ رکيو وڃي ته برساتن سبب رڳو ماڻهو متاثر نه ٿيندا آهن پر مال به گهڻو متاثر ٿيندو آهي. اهو به برساتن ۾ لڙهي ويندو آهي ۽ جيڪو مال برساتن ۾ بچي ويندو آهي، ان جي چاري جو مسئلو ٿي ويندو آهي. ان کي چاري ۾ ڪا شيءِ ڪانه ملي سگهندي آهي، تنهنڪري پنهنجن پنهنجن تڪن جي چونڊيل نمائندن کي ان پاسي به ڌيان ڏيڻ گهرجي. انهن کي گهرجي ته پنهنجن علائقن ۾وڃي اهي هر قسم جي امداد ڪرڻ ۾ سرگرم ٿي وڃن.
اسين سمجهون ٿا ته هاڻوڪين برساتن سبب ماڻهو تمام گهڻا متاثر ٿيا آهن، تنهنڪري انهن کي ترت امداد جي ضرورت آهي ۽ اها امداد هر سطح تي ٿيڻ گهرجي. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته حڪومتي نمائندا امداد جي معاملي ۾ ڪابه ڪوتاهي نه ڪن ۽ نه ئي هڪ سنجيده مسئلي کي معمولي سمجهن، ڇاڪاڻ ته هيءَ انساني زندگين جو معاملو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button