پاڪستانسنڌ

سنڌ ۾ برساتن سبب سنگين صورتحال، وڏي وزير وفاق کان مدد گهري ورتي

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وزيراعظم پاڪستان ميان شهباز شريف سان وزيراعليٰ هائوس مان وڊيو لنڪ ذريعي ملاقات ۾ ٻڌايو ته سندس صوبي ۾ چوماسي ۾ معمول کان 369 سيڪڙو وڌيڪ برسات پئي جنهن ۾ 47 ٻارن سميت 93 ڄڻا فوت ۽ 2807 گهر مڪمل طور تباهه ٿي ويا آهن. هن چيو ته ڳوٺاڻن علائقن کي شهر سان ڳنڍيندڙ 388 ڪلوميٽر روڊ مڪمل طور تباهه ٿي ويا آهن. هن چيو ته هن سنگين صورتحال ۾ انساني جانين، انفراسٽرڪچر، فصلن ۽ گهرن جي نقصان جي ازالي لاءِ وفاقي حڪومت جي مدد جي گهربل آهي ۽ زرعي بئنڪ کي هدايت ڪئي وڃي ته سنڌ جي هارين کي ڏنل قرضن جي اوڳاڙي کي روڪيو وڃي. اسلام آباد ۾ وزيراعظم سان وڊيو لنڪ ذريعي ملاقات ۾ لاڳاپيل صوبن جي وڏن وزيرن ۽ چيف سيڪريٽرين شرڪت ڪئي. سيد مراد علي شاهه وزيراعظم کي بريفنگ ڏيندي چيو ته جولاءِ مهيني ۾ سندس صوبي ۾ تيز برساتون ٿيون. پهريون اسپيل 2 جولاءِ کان 11 جولاءِ تائين، ٻيو اسپيل 14 کان 18 جولاءِ تائين ۽ موجوده اسپيل 23 جولاءِ کان شروع ٿيو. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ هن وقت تائين رڪارڊ ٿيل برسات معمول جي ڀيٽ ۾ اٽڪل 369 سيڪڙو وڌيڪ آهي. مراد علي شاهه چيو ته انهن ٽنهي دورن ۾ ڪراچي اندر 556 ملي ميٽر کان وڌيڪ برسات ٿي آهي. برساتن ۾ جاني ۽ مالي نقصان بابت ڳالهائيندي چيو ته صوبي ۾ 47 ٻارن سميت 93 ڄڻا فوت ۽ 59 زخمي ٿيا آهن. هن چيو ته شهر جي مختلف هنڌن تي ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ جون 35 سيوريج لائينون متاثر ٿيون آهن ۽ ضلعي اولهه ۽ ملير جون 3 پلون به گهڻيون متاثر ٿيون آهن. ڪراچي جا اهم روڊ جهڙوڪ اي بي ايم ڪاز وي، ڪراسنگ ڪاز وي ۽ ٻيا گهڻا متاثر ٿيا آهن. مراد علي شاهه چيو ته شهرن ۽ تعلقن جي مختلف علائقن کي ڳنڍيندڙ 388 ڪلوميٽر روڊ به خراب ٿي ويا آهن. هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي، حيدرآباد، بدين، سکر، ٺٽو، سجاول ۽ دادو جهڙن شهري مرڪزن ۾ مختلف روڊن کي ٿورو نقصان پهتو آهي. سنڌ جي وڏي وزير وزيراعظم کي ٻڌايو ته اٽڪل 15547 گهرن کي ٿورو ۽ 2807 مڪمل طور تي نقصان پهتو آهي ۽ 89213 ايڪڙ تي بيٺل فصل اندر ٻوڏ جو پاڻي آهي. مراد علي شاهه پنهنجي حڪومت پاران ڪيل امدادي سرگرمين جا تفصيل ڏيندي چيو ته برساتي پاڻي جي تُرت نيڪالي لاءِ PDMA جا 62 هيوي ڊي واٽرنگ پمپ، جيڪي ٽرڪن تي لڳل آهن مختلف ضلعن ۾ لڳايا ويا آهن. هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي اندر 62 مان 30 پمپ لڳايا ويا آهن، ان کان علاوه مختلف کاتن پاران پاڻي صاف ڪرڻ جا پمپ اڳ ئي لڳايا ويا آهن. مراد علي شاهه چيو ته هن وقت تائين برسات متاثر ٿيندڙن خاندانن کي 6280 خيما، 17675 مڇر داڻيون، OBM جون 20 ٻيڙيون، 3280 جيري ڪين ۽ ٻيو امدادي شين سميت فولڊنگ هنڌ، وهاڻا، چادرون فراهم ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ڄامشوري ضلعي کي 300 راشن بيگز فراهم ڪيا ويا آهن ان کان علاوه برسات سٽيلن کي جتي ضرورت هجي اتي پچيل کاڌو ۽ پيئڻ جو پاڻي پڻ فراهم ڪيو پيو وڃي. امڪاني مسئلن تي ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته بلوچستان ۾ وڌيڪ هڪ هفتي برسات پوڻ جو امڪان آهي جنهن سان حب ڊيم ۽ ڪراچي جي ڀرپاسي وارن علائقن جي موجوده صورتحال وڌيڪ خراب ٿي ويندي. هن وڌيڪ چيو ته کيرٿر رينج ۾ تيز برساتن سبب قمبر شهدادڪوٽ، دادو ۽ ڄامشوري ضلعن ۾ وڌيڪ پاڻي اچي سگهي ٿو. گڊو ۾ ٻوڏ واري صورتحال جا تفصيل ڏيندي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته گڊو وٽ هن وقت سنڌو درياهه 283 (هزار ڪيوسڪ) جي سطح تي وهي رهيو آهي جيڪو هيٺائين سطح تي هو پر ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ اها سطح 290 کان وڌي 340 (هزار ڪيوسڪ) تائين پهچڻ جو امڪان آهي. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن پاڻي جو وهڪرو 400 (هزار ڪيوسڪ) کان وڌيڪ آهي ته ڪچي وارن علائقن ۾ رهندڙ آبادين جي لڏپلاڻ ضروري آهي. ڊگھي عرصي واري حل بابت ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته بلوچستان کان ايندڙ ٻوڏ واري بچاءُ بند کي وڌائڻ ۽ مضبوط ڪرڻ جي تجويز ڏني ته جيئن سنڌ ۾ ايندڙ ٻوڏن جي خطري کي گهٽ ڪري سگهجي. هن وزيراعظم کي ليفٽ بينڪ آئوٽ فال ڊرين (LBOD) جي مضبوطي ۽ صلاحيت ۾ واڌ جي حمايت ڪرڻ جي پڻ درخواست ڪئي. مراد علي شاهه چيو ته هن وزيراعظم کي گذارش ڪئي ته رائيٽ بئنڪ آئوٽ فال ڊرين (RBOD) جي جلد مڪمل ٿيڻ ۽ ڪراچي ۾ برساتي پاڻي جي نيڪال جي حوالي سان تعاون ڪيو وڃي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته انهن سمورن ڪمن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ وڏي ناڻي جي ضرورت آهي تنهنڪري بحريا ٽائون وٽان ملندڙ فنڊ کي نالن جي تعمير ۽ ٻين اهم تعميراتي ڪمن لاءِ سنڌ حڪومت کي ڏنو وڃي. وزيراعظم سنڌ جي وڏي وزير کي يقين ڏياريو ته هو ميسرز بحريا ٽائون کان ملندڙ رقم بابت سندس مدد ڪندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button