ملڪ ۾ سياسي مانڌاڻ جاري آهي. وقت ان بحران جي شدت ۾ اضافو آڻي رهيو آهي. هڪ وقت اهڙو هو، جڏهن سياسي پارٽيون اسٽيبلشمينٽ جو ذڪر ستن پردن ۾ ويڙهي ڪنديون هيون. عدليا تي تنقيد کان اڳ وڏيون وضاحتون پيش ٿينديون هيون. هاڻي شايد ملڪ ۾ بي تڪلفيءَ جو دور هلي پيو آهي. ڪنهن کي ڪنهن جي پراوهه ڪونهي. جڏهن ڪنهن پارٽيءَ جي مفاد مٿان لت اچي ٿي، تڏهن اها نه ٿي ڏسي ته هن جا تنقيدي تير وردين تي وسي رهيا آهن يا ان عدليا تي، جنهن جو ڪڏهن تمام گهڻو خوف هوندو هو. ڇو ته اها ڪڏهن به ڪنهن به معتبر کي گهرائي، هن مٿان توهين عدالت جي تهمت مڙهي، هن کي سخت سزا ڏئي سگهي ٿي. ائين ٿيو به. جڏهن هڪ وڪيل سياست سبب عدليا جي مٿان پنجابي شعر پڙهيو هو ۽ هن جو وڪالتي لائسنس رد ٿي رهيو هو ته هن جي معافيءَ جا منظر ڪنهن کان به نه وسريا آهن. عدالت اڄ به چاهي ته اها ڪنهن به سياسي اڳواڻ جو ساهه سڪائي سگهي ٿي. پر محسوس اهو ٿي رهيو آهي ته هن مهل پاڪستان جا اعليٰ ادارا صبر جي موڙ تان گذري رهيا آهن. انهن جي ڪنهن به ردعمل ۾ اها ڪاوڙ ۽ اهو ڪروڌ ڪونهي، جنهن جو اڳ ۾ دهشت جهڙو ڊپ هوندو هو.
پاڪستان جون سياسي پارٽيون به پنهنجي مخصوص انداز سان ادارن مٿان حاوي ٿيڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آهن. هونءَ ته عدليا ۽ سياسي ڌرين جي وچ ۾ ڇڪتاڻ جي تاريخ تمام گهڻي پراڻي آهي. ڇو ته ذوالفقار علي ڀٽي کي مليل ڦاسيءَ ۽ نظريه ضرورت واري قانون کان وٺي سپريم ڪورٽ مٿان ٿيل حملي ۽ پرويز مشرف جي دور ۾ عدليا جي آزاديءَ واري تحريڪ تائين تمام گهڻا مثال موجود آهن. پر هن تازي تڪرار جي ابتدا اتان ٿي هئي، جڏهن عمران خان کي آئين تي عمل ڪرائڻ جي لاءِ مجبور ڪرڻ جي سلسلي ۾ سپريم ڪورٽ اڌ رات جو آفيسون کوليون هيون ۽ ملڪ ۾ سڀ حيران ٿي ويا هئا. ڇو ته ان قسم جو مثال اڳ ۾ ڪڏهن به نه ڏٺو ويو هو. ان بعد عمران خان جنهن تنقيد جو آغاز ڪيو، ان تنقيد کي موجوده حڪومت جنهن تيزيءَ ۽ تلخيءَ سان کڻي رهي آهي، اها ڪٿي پنهنجو انت ڪندي؟ ان سلسلي ۾ سڀ سوچي رهيا آهن.
ڇا هاڻي اها روايت ملڪ جي مضبوط روايت بڻجڻ واري آهي ته جنهن به سياسي ڌر جي حق ۾ فيصلو نه آيو، اها سياسي ڌر سرعام عدليا جي مٿان تنقيد کي پنهنجو حق سمجهندي؟ هن وقت اهو حق حڪومتي اتحاد استعمال ڪري رهيو آهي ۽ ان عمل تي پريشان عمران خان کي پنهنجي جيءَ ۾ جهاتي پائي اهو سوچڻ گهرجي ته ان قسم جي غلط روايت جو بنياد تازو هن ئي وڌو هو. جيڪڏهن هڪ پارٽيءَ کي اهو حق ملي ٿو وڃي يا هڪ پارٽي اهو حق حاصل ڪري ٿي يا هڪ پارٽي ان حق کي استعمال ڪرڻ ٿي لڳي ته ٻين پارٽين کي منع ڪرڻ مشڪل ٿي پوي ٿو. اهو ڪجهه هن مهل ٿي رهيو آهي.
سياسي پارٽين جي جهيڙي ۾ جهڙي طرح عدليا جو وقار داءَ تي لڳي رهيو آهي، ان تي رياست جا اهم ادارا تشويش محسوس ڪري رهيا آهن. هن وقت ملڪ کي هڪ نئين شروعات ڏيڻ جي سلسلي ۾ جيڪو ڪجهه ويچار هيٺ آهي، اهو عمل ۾ ڪڏهن ايندو؟ ان باري ۾ تازي معلومات حاصل ڪرڻ جي لاءِ ملڪ جا مشهور صحافي ڪافي حد تائين سرگرم آهن. انهن کي معلوم ٿي نه سگهيو آهي ته جنهن “نرم مداخلت” جي حوالي سان ميڊيا هوائي خبر ڏني هئي، اها نرم مداخلت ڪٿي پهتي يا ان نرم مداخلت جو خيال مخصوص صحافيءَ جي ذهن جي پيداوار هو يا اهو خيال خبر جي صورت ۾ پيش ڪري اندازو لڳائڻ جي ڪوشش پئي ڪئي وئي ته جيڪڏهن ان قسم جي نرم مداخلت ڪئي وڃي ته ان جو منطقي نتيجو ڪهڙو نڪرندو؟
نرم مداخلت جي خيال کي خبر جي صورت ۾ پيش ٿيڻ بعد ان سوچ مٿان سخت مٺيان لڳڻ لازمي هئي ته ڇا ملڪ ۾ هن وقت ڪٿان به ڪا مداخلت نه پئي ٿئي؟ جيڪڏهن اهو آهي ته پوءِ عمران خان جي پاران هلايل مهم ۾ ڪيتري صداقت ٿي سگهي ٿي؟ اها حقيقت آهي ته جڏهن به فوج پاران آءِ ايس پي آر جي سربراهه معرفت باضابطا بريفنگ ڏني ويندي آهي، تڏهن هر ڀيري اهو چيو ويندو آهي ته فوج کي ملڪي سياست ۾ نه گهليو وڃي. هر ڀيري ان تاثر جي ترديد به پيش ڪئي ويندي آهي ته فوج ڪنهن مخصوص سياسي پارٽيءَ جي مٿان نظر ڪرم ڪري رهي آهي. اهو خيال به سدائين مسترد ٿيندو رهيو آهي ته فوج پاران ملڪي سياست ۾ ڪنهن قسم جي مداخلت ٿي رهي آهي. پر سياسي پارٽيون ۽ خاص طور تي اقتدار کان محروم ٿيندڙ سياسي پارٽيون سدائين اها دانهن ڪنديون رهنديون آهن ته ملڪي سياست ۾ اسٽيبلشمينٽ پاران مداخلت ڪئي وئي آهي. اڳ ۾ اهو راڳ مسلم ليگ ن جو هو ۽ ان راڳ کي باقاعده عوام ۾ آڻيندڙ ميان نواز شريف پاڻ هو. جڏهن ته مريم نواز ان کي منطقي انجام تي پهچائڻ جي پوري ڪوشش ڪئي. ان سلسلي ۾ اقتدار کان نڪرڻ بعد عمران خان به گهٽ نه ڪيو پر ميان نواز شريف ته نالا کڻي واقعا بيان ڪندو هو. اسان کي اهو به وسارڻ نه گهرجي ته پي ڊي ايم ۾ مسلم ليگ ن ۽ پيپلز پارٽيءَ جي وچ ۾ پهريان اختلاف پيدا ئي ان پوائنٽ تي ٿيا هئا ته ميان نواز شريف فوج جي مٿان تنقيد ڪري رهيو آهي. پيپلز پارٽيءَ مان اها شڪايت پهريون ڀيرو بلاول ڪئي هئي. هن چيو هو ته ميان نواز شريف جي واتان فوج مٿان تنقيد ٻڌي هو وڏي صدمي ۾ اچي ويو هو. جڏهن ته هاڻي پنجاب جي حڪومت وڃائڻ بعد بلاول به ان رنگ ۾ رنگجي ويو آهي. هو به گذريل ڏينهن اسيمبليءَ ۾ وڏي آواز سان پڪاري چئي رهيو هو ته عدليا هجي يا اسٽيبلشمينٽ پر هڪ ملڪ ۽ ٻه آئين نه هلندا. جڏهن ته اڃان ڪالهه تائين پي ڊي ايم ۽ اتحادي حڪومت جو اهو موقف هو ته فوج باقاعده نيوٽرل ٿي چڪي آهي. پر هاڻي عدليا سان گڏ اسٽيبلشمينٽ جي مٿان به تنقيدي اشارا ٻڌائي رهيا آهن ته ملڪ جون سياسي پارٽيون هڪ پڪو پختو آغاز چاهين ٿيون. انهن جو خيال آهي ته انهن کي اقتدار جو اهڙو حصو پتي ملي، جنهن کي ڪڏهن به ڪٿان به ڪو به خطرو نه هجي.
ملڪي آئين ۾ جيڪڏهن قومي حڪومت جي ڪائي گنجائش هجي ها ته اڄ تمام گهڻيون پارٽيون ان کي عمل ۾ آڻڻ جي لاءِ تحريڪ هلائڻ جي حق ۾ هجن ها پر ملڪ جو آئين سياسي پارٽين جي اميدن کي حسرتن جي صورت عطا ڪري رهيو آهي ۽ اهو ڪجهه هاڻي سياسي پارٽين کان برداشت نه پيو ٿئي. خاص طور تي اهي سياسي پارٽيون جيڪي عوامي حمايت کان واجهيون ٿي رهيون آهن، انهن کي پنهنجي آئيندي جو تمام گهڻو اونو آهي. انهن جو خيال آهي ته ڪنهن طرح سان هڪ اهڙو ماحول تيار ڪيو وڃي، جنهن ۾ اقتدار کان دوريءَ جو ڪو به امڪان باقي نه بچي. ڇا اهو ممڪن آهي ته اهڙو سياسي سيٽ اپ وجود ۾ اچي، جنهن ۾ اقتدارپرست پارٽيون ڪنهن به قسم جي خوف ۽ خطري ۾ نه هجن. انهن کي مستقل طور تي هڪ پڪ هجي ته انهن کي نه ته اقتدار کان محروم رکيو ويندو ۽ نه وري انهن جي مٿان احتساب جو پاڇو پوندو. ڇو ته هن مهل جيڪو ڪجهه به ٿي رهيو آهي. هن مهل ملڪ ۾ جهڙي به قسم جو ماحول جڙيو آهي ان جا سبب اهي آهن ته اڪثر پارٽيون اقتدار کان دوري برداشت ڪري نه ٿيون سگهن ۽ انهن کي اهو به خوف آهي ته انهن مٿان احتساب جو عذاب ڪنهن به وقت ڪڙڪي سگهي ٿو. ان ڪري انهن ۾ هڪ طرح جو ڊپ آهي ته اهي قانون جي پڪڙ ۾ اچي سگهن ٿيون. اهو ئي سبب آهي ته هن مهل سياسي ڌرين جي نشاني تي عدليا آهي. ڇو ته عدليا انهن جي مفادن کي متاثر ڪرڻ جو سبب بڻجي ٿي. مسلم ليگ ن ۽ پيپلز پارٽيءَ جي لاءِ اها عياشي هئي ته وفاقي حڪومت سان گڏ انهن کي پنجاب حڪومت به مليل هئي پر جڏهن انهن کان پنجاب حڪومت کسجي وئي، تڏهن انهن جو ڪاوڙ ۾ اچڻ وارو عمل سمجهه ۾ اچي سگهڻ وارو آهي ۽ هن مهل به انهن جي ڪاوڙ ان تي آهي ته انهن کان پنجاب حڪومت ڇو کسي وئي ۽ هن وقت انهن کي اهو خوف به کنڀي رهيو آهي ته مٿان ڪجهه انگن جي ڦير گهير سبب حڪومتي ڌر وفاقي سطح تي مخالف ڌر بڻجي وڃي. ان ڪري حڪومتي اتحاد ۾ هڪ طرح جي تشويش آهي. ان تشويش کي عمران خان جي وڌندڙ سياسي قوت گهڻو شديد ڪري رهي آهي. عمران خان جي حوالي سان اهي افواهه به گردش ۾ آهن ته جيڪي معاملا بگاڙ جي طرف ويا هئا، هاڻي انهن ۾ هڪ قسم جي بهتري پيدا ٿي رهي آهي ۽ ان قسم جو امڪان به هڪ اهڙو ڪان آهي، جيڪو هن وقت حڪومت ڪندڙ ڌرين جي ڪک ۾ لڳي سگهي ٿو. ان ڪري هو جيڪي احتجاجي تقريرون ۽ پريس ڪانفرنسون ڪري رهيا آهن، انهن ۾ سندن مفادن جي تحفظ جو هڪ اهڙو خيال موجود آهي، جنهن کي هر سياسي سمجهه رکندڙ محسوس ڪري سگهي ٿو.
پي ڊي ايم ۽ اتحادي نرم مداخلت کي غلط قرار نه پيا ڏين. انهن جي خاموش نيم کان وڌيڪ رضامنديءَ جو اظهار ڪري رهي آهي. جڏهن ته بظاهر اهو محسوس ٿي رهيو آهي ته ان قسم جي نئين سر آغاز ڪرڻ يعني جنهن جيڪو کاڌو ۽ جنهن جيڪو ڪيو، ان کي اهو ڪجهه ڦٻيو واري اين آر او جي راهه ۾ وڏي مداخلت عمران خان جو اهو ضد آهي، جنهن جو اظهار هو هن وقت به ڪري رهيو آهي ۽ مسلسل چئي رهيو آهي ته هو ڪڏهن به چورن سان سمجهوتو نه ڪندو. هن مهل اهم سوال اهو آهي ته ڇا عمران خان پنهنجو اهو ضد ڇڏيندو؟ نرم مداخلت جو خيال عمل ۾ اچڻ جي سلسلي ۾ عمران جي طرف تڪي رهيو آهي!