مُند مُند جي واري ڦيري سان جڏهن به ساوڻ رُت ايندي آهي، ڌرتي سائي چادر پائيندي آهي ۽ پراڻيون يادون کُنڀين جيان ڦٽي اينديون آهن ته هُن جي من ۾ انهن واٽن جا ساز ٻيهر وڄڻ لڳندا آهن، جن واٽن تي هلندي هِن پنهنجي ذات جي ادراڪ ۽ ديس جي آجپي واري سفر ۾ توازن قائم رکڻ جا جتن ڪندي، آهي سڀ ماڳ ٿي ڀيٽيا، جتي نفي ۽ اثبات جي تعليم جون محفلون انهن فقيرن طرفان ٿي سجايون ويون، جن جي ظاهري ڏيک جي سمجهاڻي لاءِ هنن سٽن کان وڌيڪ شايد ٻيو ڪو به تعارف نٿو ٺهڪي بيهي:
هي جي ظاهر ايئن لڳن ٿا
ڄڻ ته زيان سِوا ٻيو تِن کي
ڪو به سئودو ڪين اچي ٿو
تِن جي باطن جي بازر ۾
جيڪي هيرا لعل ملن ٿا
تَن کي جيڪر ڄاڻي ڪوئي
ٻي پاسي پوءِ ڪين واجھائي
ڇڏي سڀ جهان جون خبرون
ويهي تن سان ساز وڄائي
ڳَلي ڳَلي ۾ رُلندي ڳائي
“آئون ڪيئن آتڻ وڃان ڙي ڀينر
جڏهن منهنجو چَرخو چيو نه ڪري”
ها، اهو چرخو جيڪو پِريت جي حاصل توڙي لاحاصل وارين ٻنهي ڪيفيتن ۾ اهڙن خيالن جي اُڻت ڪندو آهي، جن ۾ يا ته ماڻهو پِرينءَ سان گوڏي گڏ هوندو آهي يا پِرينءَ جي پچار هوندي آهي. مطلب ٻنهي پاسن کان مرڪز پِرين ئي هوندو آهي، جنهن کان ڌار هجڻ وارو دم حرام سمجهيو وڃي ٿو. پر مسئلو تڏهن ٿيندو آهي جڏهن ڪن معاملن ۾ اهو چرخو چيو ڪرڻ ڇڏي ڏيندو آهي. جڏهن ايئن ٿئي ته پوءِ ڇا ڪجي؟ پوءِ اهي نفي ۽ اثبات جا سَنک وڄائيندڙ نانگا سامي ئي ڪم ايندا آهن، جيڪي ٻڌائين ٿا ته چرخو چيو نه ڪري ته ان جي ٽُٽل تَند کي ٻيهر ڪيئن جوڙجي ۽ ڪيف جو تاڪيو اتان ئي وري ڪيئن ڪَتڻ شرع ڪجي، جتي سلسلو ٽٽي پيو هو!! سو هي مُند به هِن لاءِ ان چرخي کي ٻيهر چورڻ جا سَنيها کڻي آئي آهي، جنهن چرخي کي چوريندي هن ڪڏهن هي گيت به ڳاتو هو:
ديس سارو ُجهڙ ٿيو
ُمُند ٿي ماڻو ڪري
آءُ موٽي ساٿيا
ميگهه تو لاءِ ڳائيان
هو پَريان جيڪا پپر ۾
پينگهه آ تنها پئي
تنهن ۾ تو لُڏائيان
لال ميندي لائيان
مون ته “نه” ڪڏهن نه ڪئي آ
منهنجي ته اها ها ئي ساڳي
ها، جيڪا هئي سکي مون
ڪراچي واهھ جي آشرم تان
جنهن ۾ ٻُڌايو ڀڳوان ڳائي
بِرهه جو بئنجو وڄائي
“عشق هجين آباد
سدا شل سائو
اندر چرين عاشقن جا
تون ڍول وتين ڍائو
جيرا جگر تو ڏيان
منهنجا خان ڀلي کاءُ
توتان ساهه سِر صدقي ڪيان
اٿم هميشه هائو…..”
۽ پوءِ اڳتي ان ڪٿا ۾ اها به دعا هئي ته:
” اي منهنجي من جا اوتار!! تون جيڪي ڪجھه به گُهرندين، سو آئون ڏيڻ لاءِ تيار آهيان، بس هڪڙي ئي وينتي آهي ته تون اسان کي پاڻ کان پري نه ڪجان.”
اڄ به اهي ساڳيا ڏينهن آهن ۽ اها ساڳي ئي پچار سندس روح ۾ هڪ ازلي واڄي جيان وڄي رهي آهي. پر ان وچ ۾ سندس ظاهري سفر جي حوالي سان جيڪي اڻٽر لَڪ ۽ لانگها هن لنگهي پار ڪيا آهن، تن ۾ کيس پنهنجي هڪ سنگي جا چيل اهي آخري جملا ياد اچي رهيا آهن، جيڪي سندس دوست کيس ان شام چيا هئا، جڏهن هو شام جي ڌرم جو آخري شنان ڪري، اوسيئڙي جي رات کان ڪجهه وقت لاءِ موڪلاڻي وارو لباس پائي، ان ماڳ ڏانهن وڃي رهيو هو، جتي هڪ رهجي ويل واعدي جي فصل جي کيس آبياري ڪرڻي هئي. پر اهو جيئن ته سندس اڪيلي ذات جي ڳُجهھ جو بِنهه ڳُجهو سفر هو، جنهن جي وضاحت هن ڪنهن جي به اڳيان ڪرڻ نٿي چاهي ۽ نه اهڙي وضاحت ضروري به هئي، تنهن ڪري سندس سَنگ جي گهڻن تڻن ساٿين کي سمجهھ ۾ نٿي آيو ته هي ڪيڏانهن وڃي رهيو آهي!؟ پر اهو سندس يار، جيڪو هن جي ڪيترن ئي اوجاڳن جو شاهد هو، تنهن پنهنجي پر ۾ سندس هن نئين پنڌ جي باري ۾ خبر ناهي ڇا طئي ڪري اهو فيصلو ٻڌائيندي کيس چيو هو ته:
“پنڌ ۾ طرف جي درستگي جو يقين پهرين شرط آهي”
۽ پنهنجي دوست جي اهڙي راءِ جي ورندي ڏيندي هن جواب ۾ چيو هو ته: جيڪڏهن ڪنهن کي لڳي ٿو ته منهنجو پنڌ تصورِ يار کان الڳ ڪنهن غلط رُخ ۾ آهي ته مون سان گڏ هلڻ لاءِ ڪو به پابند ناهي. جنهن کي جيڪو پنڌ درست لڳي، سو پنهنجي ان راهه تي هلڻ لاءِ آزاد آهي. اهي ڏينهن ۽ هي ڏينهن، وري کيس اهو سَنگي ٻيهر نه ملي سگهيو آهي، جنهن سان گڏ ڪُفر جي بازار ۾ رلندي پنهنجي جواني جي پهرئين گناھه سان سندس اوچتي ملاقات تڏهن ٿي هئي، جڏهن زماني جي نظرن ۾ هي تمام وڏو پارسا بڻجي چڪو هو. ۽ شهر جي ڳلين چوڪن تي هي موت کان پوءِ واري حياتي يا جيئري مرڻ واري مام جي فلسفي تي ايئن ڳالهائيندو وتندو هو، جيئن ڪڏهن يونان ۾ سقراط پنهنجي ديوانگي عام ٿي ڪئي.
ها، انهن ئي ڏينهن ۾ اهي نظم به ته لکيا هئائين، جيڪي کانئس هڪ ڀيري ان جوڳڻ به پڙهڻ لاءِ گهريا هئا، جنهن پنهنجي پيار جي ڳولها ۾ اهو سمجهيو هو ته:
“هي سج ئي آهي جيڪو سنسار جي لاحاصل محبتن جي کنڊرن جو سڀ کان پراڻو ۽ اڪيلو گواهه آهي” ۽ ٻيا درٻار جا اهي سڀئي ڏاها، جن کي پنهنجي گفتار تي وڏو ناز هو، سي به کانئس خبر ناهي ڇو ايترا خائف بڻجي پيا، جو هن کي ماڳهين نگر مان نيڪالي ڏيئي ڇڏيائون. پر هاڻ اهي ڏينهن ناهن رهيا. معصوم گناھه جي راهنمائي ۾ ڪيل پنڌ گهڻو اڳيان نڪري چڪو آهي ۽ هي اڄڪلھه ڪن طئي ڪيل نتيجن جي ناوَ ۾ چڙهي اوڏانهن وڃي رهيو آهي، جتي کيس هڪ ازل جي لکيل واعدي واري ڦُلواڙي کي پاڻي ڏيڻو آهي. پر ان پنڌ ۾ هو پنهنجي ان دوست جي باري ۾ ڪڏهن ڪڏهن سوچي ضرور ٿو، جنهن کي هِن جي نئين وک تي اعتراض هو. اڄ هي ان دوست کي ياد ڪري رهيو هو ان پپر جي هيٺيان، جنهن جا پن ساوڻ ۾ ستار جيئن وڄن ٿا، جنهن جي هيٺيان ويهي، هن پنهنجي ان سنگي سان سڌارٿ جي ماٺ واري وَرت تي پهرن جا پهر گفتگو ڪئي هئي. هي سوچي ٿو، کيس ته پنهنجي پنڌ جو جيڪو به تجربو ٿيو سو ته هن وٽ آهي ئي آهي پر سندس دوست جيڪو پنهنجي “درست دڳ” سان هجڻ واري گمان ۾ هو، تنهن ان عرصي ۾ پنهنجي مارڳ کي ڪيتري معنى ڏني هوندي!؟ ۽ پوءِ سوچيائين ته ٻي جي پنڌ جي باري ۾ پريشان ٿيڻ بدران وٺ پنهنجي پنڌ کي!! ۽ پوءِ هن ٻيهر وک کنئي ۽ واعدي واري ان ڦُلواڙي ڏانهن روانو ٿي ويو، جتي ڪيترائي ڦُول هيلوڪي ساوڻ کان پوءِ نئين جوڻ ۾ ڦُٽي رهيا آهن ۽ هن کي ڀئنور بڻجي انهن ڦُلن کي ريجهائڻو آهي، ها آخري دَم تائين ريجهائڻو آهي.