ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عوام جي روحاني ترقي ۽ سوويت ادب-II

Editorial-Article- Yameen Jatoi

عوام پنهنجي سماجي عمل ۾، پنهنجي جدوجهد ۾، پنهنجي ڪم ۾ ۽ پنهنجي سياسي ۽ تنظيمي سرگرميءَ ۾ ترقي ڪئي آهي. اها ترقي اڄ خاص طور هر پاسي تي ڇائنجي وئي آهي جيڪا سڀ انساني خوبيون رکي ٿي ۽ عوام جي پاڻ رشتن ۾، سندن هڪٻئي جي مدد ڪرڻ ۾، روزمره جي زندگيءَ ۾، تهذيب ۾ ۽ انسان جي سڄي زندگيءَ ۾ ظاهر ٿئي ٿي. اهو چوڻ جي ڪا به ضرورت ڪانهي ته اهي خوبيون سماجي جمهوريت جي ارتقاءَ سان گڏ ڪمال تي پهتيون آهن جنهن سان عام ماڻهن جي ذهني/روحاني ارتقاءَ واڳيل هوندي آهي.
ظاهر آهي ته اهو پيچيدو عمل هوندو آهي ۽ ان جون پنهنجيون ڏکيايون هونديون آهن، پنهنجا تضاد هوندا آهن.
پر سوويت سماج کي پورو حق حاصل آهي ته هو انهن تاريخي سوڀن تي به فخر ڪري جيڪي ان ان ميدان ۾ به حاصل ڪيون آهن. ان کان پهرين ڪڏهن به عالمي تاريخ ۾، ڪنهن به انقلاب ۾ تبديليون ايڏي وڏي پئماني تي نه آيون هيون، اڳ ۾ ڪڏهن به ڪروڙين ماڻهن جي اهڙي واڌويجهه نٿي هئي. اهو اهڙو عمل آهي جنهن باشعور تاريخي تخليقي صلاحيت کي ايڏو وسيع بڻائي ڇڏيو آهي ۽ نه ڪڏهن ترقي يافتا آدرشن ۽ تهذيب تي اهڙو عبور حاصل ٿيو هو ۽ نه اخلاقي سطح تي ايترا بلند مطالبا ڪيا ويا هئا.
انهن عملن جي اثر هيٺ، سوشلسٽ سماج جي ذهني/روحاني زندگي وڌيڪ رنگارنگ، وڌيڪ مالامال ۽ صحيح معنائن ۾ جمهوريت پسند ٿي رهي آهي ان ڪري جو هزارين “چونڊيل” نه پر ڪروڙين ماڻهو هڪ فعال رول ادا ڪن ٿا، عوام جي صلاحيت جا اٿاهه ذخيرا، روشن، طبعزاد ۽ هنرمند شخصيتون فعال ڪردار ادا ڪن ٿيون ۽ هر ماڻهو عوام جي زندگيءَ جي ان خزاني ۾ پنهنجو پختو ڪردار، پنهنجي فڪر جو انداز، پنهنجن جذبن جي دولت، پنهنجون جسماني قوتون ۽ پنهنجي انقلابي توانائي کڻي اچي ٿو ۽ سوويت سماج کي هي زبردست مٿڀرائي حاصل آهي ته فردن ۾، يا انسان ۽ سماج ۾ هن وقت جيڪي تبديليون اچي رهيون آهن، انهن جي سمورن تضادن باوجود اهي سموريون شيون ڪميونزم لاءِ ارپجن ٿيون.
ان عمل سان اسان جي سماج جي پوري ذهني/روحاني زندگيءَ ۾ ۽ ان جي ارتقاءَ ۾ تيزرفتاريءَ جي اڳيان وڌڻ واري تحريڪ پيدا ٿي وڃي ٿي. اهو عمل جرئتمنداڻي تخليق جو هر موقعو فراهم ڪري ٿو، داخليت پسندي ۽ تشڪيڪ پسنديءَ کي، ڪٽر اصول پرستي ۽ ڪتاب پرستيءَ کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ملي ٿي ۽ اهو نت نين قوتن کي عمل ۾ آڻي ٿو ۽ انهن آڏو نوان ۽ اهم ڪم رکي ٿو.
معاشي رشتن جي نئين سوشلسٽ تنظيم عوام ۾ زبردست عام تبديليءَ جي ۽ فرد جي ذهني/روحاني ترقيءَ جو پڪو بنياد ۽ معروضي ضمانت هوندي آهي. لينن “سوويت اقتدار جا تڪڙا فرض” ۾ لکيو آهي “هاڻي ڪروڙين عوام جي زندگي انتهائي گهرن معاشي بنيادن کي نين انداز سان منظم ڪرڻ جو سوال آهي.”
لينن اهو ڪڏهن به ناهي سمجهيو ته عوام کي نئين انداز ۾ تخليق ڪرڻ جو اهو عمل زندگيءَ جي معاشي بنيادن جي سوشلسٽ تنظيم جو سڌو ۽ لازمي نتيجو آهي. ان عمل جا پنهنجا تضاد ٿين ٿا ۽ اهو پارٽيءَ سان انتهائي انقلابي توانائي ۽ مسلسل تنظيمي ڪوششن جو گهرجائو رهي ٿو.
روسي ڪميونسٽ پارٽي بالشيوڪ جي اٺين ڪانگريس ۾، مارچ 1919ع ۾، پارٽيءَ جي پروگرام جي سلسلي ۾ لينن پورهيت عوام کي سرڪار ۾ شريڪ ڪرڻ واري اهميت جو ذڪر ڪيو آهي. خاص طور هن چيو ته “اهو ڪم اسان لاءِ خاص ڏکيو آهي ان ڪري جيئن مون کي اڪثر چوڻو پوندو آهي، انهن مزدورن جو انگ ناقابل يقين حد تائين گهٽ آهي، جيڪي سرڪار ۾ ڪم ڪري رهيا آهن اسان کي اڃا مدد ملڻ گهرجي. ان ڳالهه جون علامتون نظر اچن ٿيون ته ملڪ ۾ محفوظ جٿو وڌي رهيو آهي. ان ڳالهه ۾ ٿورو به شڪ نٿو ڪري سگهجي ته علم جي زبردست تڙپ ۽ تعليم ۾ زبردست ترقي، جيڪا اڪثر اسڪولن کان ٻاهر حاصل ڪئي وئي آهي، پورهيت عوام جي تعليم جي ميدان ۾ تمام گهڻي ڪاميابي آهي. اها ڪاميابي ڪنهن به اسڪولي ڍانچي ۾ پوري نٿي لهي پر پوءِ به زبردست ڪاميابي آهي. هر شئي مان اهو ئي ظاهر ٿئي ٿو ته ويجهي مستقبل ۾ ئي اسان کي تمام وڏو محفوظ جٿو ملي ويندو جيڪو مزدور طبقي جي ان ننڍڙي حصي جي جاءِ والاريندو جيڪو هن وقت ڪم جو ايترو بار محسوس ڪري رهيو آهي.”
انهن لفظن مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته لينن انهن ڏکيائن جو اندازو ڪيتري نه ڳنڀيرتا سان ڪيو هو جن سان پرولتاري ۽ پارٽيءَ جي ڪارڪنن جا انتهائي تجربيڪار حصا منهن ڏئي رهيا هئا ۽ اهو ته هن ڪيتري نه پراميد طريقي سان مستقبل کي ڏٺو ۽ عام ماڻهن جي وڌندڙ نين قوتن کي ڏسي تازا توانا ٿي ويا.
ڳالهه اها آهي ته عام ماڻهو پاڻ ئي تهذيب ۽ تعليم حاصل ڪري رهيا هئا، انهن مان باصلاحيت منتظم ۽ اڳواڻ، ٽيڪنالوجي، سائنس ۽ آرٽ جي مختلف شاخن ۾ وڏا ماڻهو پيدا ٿي رهيا هئا.
گڏوگڏ لينن کي انهن خطرن جو به مڪمل احساس هو جيڪي پورهيت عوام کي ۽ عام ماڻهوءَ جي اوسر کي سرمائيداريءَ جي ڇڏيل عادتن مان هئا. هن ڏاڍو ڳنڀيرتا پر وڏي سختيءَ سان جائزو وٺڻ کان پوءِ انهن اوڻاين ڏانهن اشارو ڪيو.
سوشلزم جي جدوجهد انسان کي بلند ڪري ٿي ۽ مقدس بڻائي ٿي. ان کي انسان جيان چيلهه سڌي ڪري هلڻ ۽ پنهنجين ڀلين خوبين ۽ صلاحيتن کي عمل ۾ آڻڻ سيکاري ٿي. اهڙي نموني جيڪي ماڻهو گهرو ويڙهه جي انتهائي سخت سالن ۾ پارٽيءَ ۾ شريڪ ٿيا هئا انهن ۾ لينن جنهن شئي جو سڀ کان وڌيڪ قدر ڪندو هو اها هئي سندن ڪردار جي مضبوطي ۽ سندن احسان جي توانائي. هو انهن کي عام ماڻهن ۾ سڀ کان وڌيڪ وفادار، مخلص ۽ لائق ماڻهو سڏيندو هو. پر پورهيت عوام جي اڪثريت جي ذهني/روحاني جوڙجڪ ۾ لينن نه رڳو اهو ته انهن جي جوش، طاقت، انهن جي جذبن جي خلوص ۽ سندن انقلابي توانائيءَ کي ڏٺو پر اهو به ٻڌايو ته سندن ذهني/روحاني زندگي خيالن جي لحاظ کان ڏاهپ ۽ ذهانت جي سطح تي به مالامال ٿي رهي آهي. عام ماڻهن جو فڪري انداز سائنس ۽ اسريل سائنسي فڪر ۾ ضم ٿيڻ لاءِ هٿ پير هڻي رهيو هو. پراڻن ماهرن جو دانشور پرت سوويتن ۾ شريڪ ٿي رهيو هو، گڏوگڏ عوام جو هڪ نئون دانشور پرت اڀري رهيو هو.
(هلندڙ)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button