ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سنڌ ۾ برساتن جي تباهي

Editorial

سنڌ ۾ برساتن جي ڪري اڪثر علائقن ۾ معمول واري زندگي اڃا تائين بحال نٿي سگهي آهي. جيتوڻيڪ موسميات جي ڄاڻوئن پاران هيل تمام ڳرين برساتن جي اڳڪٿي ڪئي پئي وئي، ٿيڻ ته ايئن گهربو هو ته سرڪار انهن سمورن اڳڪٿين کي نظر ۾ رکندي ڪا رٿابندي ڪري ها پر ان روايتي ڪن لاٽار جو مظاهرو ڪيو، جنهن جي ڪري سنڌ ۾ برساتن وڏي پئماني تي تباهي آندي آهي. سرڪار جي لاپرواهي جو عالم اهو آهي ته متاثرن جي زندگي اڃا تائين بحال نٿي آهي. تيز برساتن جي ڪري، اڪثر شهرن ۾ پاڻي بيٺل آهي، جنهن خلاف رهواسين جا احتجاج به رپورٽ ٿي رهيا آهن. پر سرڪار اڃا تائين متاثرن جي بحالي لا ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو آهي.
رپورٽون آهن ته نئين گاج جي پاڻي جي وهڪري ڪاڇي کي ٻوڙي ڇڏيو آهي، پاڻي جي لاٿ کانپو روڊ رستا تباھه ٿي ويا آهن، هڪ ھفتي کان سموري ڪاڇي جو دادو ۽ جوهي شهرن سان رابطو ڪٽيل آهي، جنهن سبب سوين ڳوٺن ۾ کاڌ خوراڪ جي شديد قلت پيدا ٿي وئي آھي. گندو ۽ ڌپ وارو پاڻي پيئڻ سبب سوين مرد، عورتون ۽ ٻار بيمارين ۾ وٺجي ويا آهن. ڪاڇي ۾ صحت جي سهولت جي کوٽ ۽ گيسٽرو وگهي ڪجهھ ٻارن جي فوت ٿيڻ جا اطلاع به مليا آهن، پر تصديق ناهي ٿي. ٻئي پاسي هزارين خاندان گاج جي برساتي ٻوڏ واري پاڻي سبب گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن. ان سلسلي ۾ متاثر ڳوٺاڻن دانهيندي ٻڌايو ته ڪاڇو نئين گاج جي پاڻي ۾ مڪمل ٻڏي ويو آھي، ڪاڇي ۾ کاڌ خوراڪ ۽ صحت جي سهولتن جي کوٽ آهي، ڪاڇو ملڪ جو تاريخي ورثو آھي، پر ماڻھو رستا بحال نه هئڻ ڪري سخت پريشان آهن. نئين گاج جي پاڻي ۾ آر ڊي 88 وٽ نوجوان علي ولد مريد کوسو سوين ماڻهن اڳيان ٻڏي ويو، پر سنڌ سرڪار پو به هنگامي صورتحال جو اعلان نه ڪيو، سنڌ حڪومت پاران دادو ضلعي لا مقرر ڪيل رين ايمرجنسي فوڪل پرسن فياض ٻٽ اڃان تائين ڪاڇي پهچي سار نه لڌي آهي. سنڌ حڪومت جون رين ايمرجنسي واريون دعوائون ڪاغذي ڪارروائين تائين محدود آهي. هنن گهر ڪئي ته ڪاڇي مان برساتي پاڻي ڪڍي صحت ۽ ٻيون سهولتون ڏئي مدد ڪئي وڃي.
ٻئي طرف سنڌو دريا ۾ پاڻي جي سطح ۾ مسلسل واڌ جاري آهي، جنهن سبب گڊو ۽ سکر بئراجن تي ننڍي ٻوڏ واري صورتحال برقرار آهي. ڪوٽڙي بئراج ۾ 5 ڏينهن اندر 14 هزار ڪيوسڪ پاڻي ۾ رڪارڊ واڌ ٿي آهي، جنهن بعد ڪوٽڙي بئراج جي ڪچي وارو علائقو پاڻي هيٺ اچڻ شروع ٿي ويو آهي. ڪوٽڙي بئراج جي اپ ۽ ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي جي صورتحال بهتر ٿيڻ ۽ ڪچي وارو علائقو ٻڏڻ بعد مقامي ماڻهن جا گهر پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، جنهن بعد متاثر ماڻهو حفاظتي بندن تي پناهه وٺڻ تي مجبور ٿي ويا آهن. ڪوٽڙي بئراج ڪنٽرول روم مطابق گڊو بئراج اپ اسٽريم ۾ جمعي جي شام 6 بجي تائين 3 لک 6 هزار 81 ڪيوسڪ ۽ ڊائون اسٽريم ۾ ڇوڙ 2 لک 83 هزار 176 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو.
آگسٽ جي مهيني ۾ به وڌيڪ برساتن جا امڪان ڏيکاريا پيا وڃن جنهن جي ڪري پنجاب، بلوچستان ۽ هندستان مان لکين ڪيوسڪ پاڻي پهچڻ جو امڪان آهي.تنهنڪري اهي غالب امڪان آهن ته سنڌ ۾ ڪا ٻڏي واري صورتحال پيدا ٿي وڃي. ان بابت سنڌ سرڪار جي ڪهڙي رٿابندي آهي، ان جي هن مهل تئاين ڪابه خبر پئجي نه سگهي آهي.
ڪيٽي بندر، ڳوٺ محمد اسماعيل صوباڻي، رسول بخش صوباڻي ۽ ڳوٺ حاجي شفيع گلڙي بلوچ ۽ آسپاس جي ڳوٺن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف ڳوٺاڻن دانهيندي ٻڌايو ته برساتي پاڻي گهرن ۾ ڪاهي پيو آهي، جنهن سبب گهرن کان ٻاهر به نڪري نٿا سگهون، ڪچا رستا ختم ٿي ويا آهن، ان لا سنڌ حڪومت کي گهرجي ته هتان جي ڳوٺن ۾ پڪا رستا تعمير ڪرايا وڃن. برساتن ۾ سامارو تعلقي جي يوسي ستڙيون جي ھيرل واري علائقي ۾ برساتي پاڻي تباھي مچائي ڇڏي آهي. ھيرل جي علائقي جون 5 ديھون ۽ ڳوٺ پاڻي ۾ ٻڏل آھن، جن ۾ ديهھ 14 ھيرل، 15 ھيرل، 12 ھيرل، 13 ھيرل ۽ 13 الف جاس وين ڳوٺ ۽ فصل پاڻي هيٺ آهن، پوکيل وونئڻن ۽ ٻين فصلن ۾ مسلسل پاڻي بيھڻ سبب فصل سڙي ويا آهن. گھرن ۾ پاڻي بيھڻ ڪري عام زندگي مفلوج ٿي وئي آهي، اڪثر متاثر روڊن تي کليل آسمان ھيٺ بي يارو مددگار ويٺل آهن، متاثرن احتجاج به ڪيو. هنن دانھيندي چيو ته تازو ٿيل زوردار برساتن ۾ اسان جا علائقا ۽ 5ديھن جا ڪيترائي ڳوٺ، فصل توڙي روڊ رستا پاڻي ۾ ٻڏل آھن، اسان روڊ رستن دڙن ڀڙن تي بي يارو مددگار ويٺل آھيون، پر تعلقي توڙي ضلعي انتظاميا جا عملدار لڙي به ناھن آيا.
اسان سمجهون ٿا ته سڄي سنڌ ۾ برساتن جيڪا تباهي آندي آهي، سنڌ سرڪار سڄي سنڌ کي آفت سٽيل قرار ڏئي، متاثرن کي معاوضو ڏئي. گڏوگڏ آگسٽ ۾ پوندڙ امڪاني برساتن ۾ پيدا ٿيندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ لا سمورا وسيلا ڪتب آڻي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button