تازو برساتن ۾ جيڪا تباهي ٿي آهي، اها ڪنهن کان به ڳجهي ناهي ۽ هن قيامت جهڙي صورتحال کان عوام ۽ خاص طور حڪمران، سياستدان ۽ ڪامورا لاتعلق بڻيل آهن، اهو عمل اسان لا ڳڻتي جوڳو آھي. ڇاڪاڻ ته نام نهاد قومي ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي گهڻو زور سياسي سرگرمين ۽ حڪومتي وهنوار تي فوڪس ٿيل آھي ۽ لڳي ائين رهيو آھي ته اهي پنهنجي آقائن کي خوش ڪرڻ جي چڪر ۾ پنهنجي فرض ۽ غريب مسڪينن جي اهنجن کان لاتعلق بڻجي يا ڄاڻي واڻي چپ جو روزو رکيو ويٺا آھن. جڏهن ته برساتي تباهي به اهڙن علائقن ۽ صوبن ۾ ٿي آهي جيڪي سالن کان نظرانداز ڪرڻ جون شڪايتون ڪندا رهيا آهن ۽ شايد برسات سٽيل علائقن ۽ صوبن کي نظرانداز هجڻ ڪري انهن تي ڪوبه ڌيان ڪونه ڏئي رهيو آھي.
جيڪڏهن ڪنهن وڏي ۽ ميٽروپوليٽن شهر ۾ ڪو گٽر ۽ نالو به بند ٿئي ٿو ته سڄي حڪمران مشينري ۽ سياستدان اتي پهچي وڃن ٿا پر هتي سنڌو دريا سميت ڪيترن ئي واهن نالن ۾ انساني حياتيون لڙهي رهيون آهن پر سياستدانن سميت ڪابه ذميوار ڌر تحرڪ ۾ نه آئي آهي پر سندس چپن تي تالا لڳي ويا آهن ۽ ڪنهن کي ڪنهن جي تڪليف نظر نه پئي اچي جڏهن ته ڪا سماجي تنظيم به هن وقت تائين ميدان ۾ نه نڪتي آھي.
تازو سانوڻي جي برساتن سنڌ، بلوچستان ۽ پنجاب جي سرائيڪي پٽي ۾ تباهي مچائي ڇڏي آھي. برسات جي تباهي جون جيڪي پوسٽون ۽ تصويرون سوشل ميڊيا تي اچي رهيون آهن، اهي هوش حواس وڃائي ٿيون ڇڏين. سنڌ سرڪار ۽ بلوچستان سرڪار جيڪي برساتي صورتحال بابت انگ اکر جاري ڪيا آهن. اهي تباهي جي نقصانن جي شاهدي ڏئي رهيا آهن. بلوچستان جي چيف سيڪريٽري موجب سانوڻي جون برساتون پنج سئو سيڪڙو وڌيڪ پيون آهن، جن ۾ هڪ سئو يارهن انساني حياتيون ضايع ٿي ويون آهن، جڏهن ته سنڌ جي وڏي وزير جو فرمان آهي ته سڄي سنڌ ۾ برساتن دوران مختلف واقعن ۽ حادثن ۾ 93 ڄڻا حياتي وڃائي ويٺا آهن. سوين ماڻهن جا گهر ڊهي پٽ پئجي ويا آهن جيڪي دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي ويا آھن. جڏهن ته سندن واهر لا سرڪار ۽ صحت کاتي سميت نه ڪنهن ڪاموري اڳڀرائي ڪئي آھي نه ئي چونڊيل نمائندن توڙي سماجي تنظيمن. پيئڻ جي پاڻي ۾ نالين جو گندو پاڻي مڪس ٿيڻ ۽ مڇرن سبب مليريا ڊائريا، پيٽ جي سور، ڪالرا ۽ دستن منهن ڪڍيو آھي.
ڪجهه ڏينهن اڳ ٺاروشاهه ۾ ڊائريا وبائٔي صورت اختيار ڪري وئي آھي اهڙي حالت ۾ سرڪاري اسپتال مان ڊاڪٽر گم ۽ دوائن جي سخت کوٽ سبب علاج نه ٿيڻ ڪري ٺاروشاهه وارڊ نمبر 8 جي واسي هوٽل تي مزدوري ڪندڙ پورهيت صابر چنه جا ٻه معصوم پٽ ڊائريا وگهي فوت ٿي ويا آهن، جڏھن ته سندس هڪ معصوم نياڻي پڻ گيسٽرو سبب ڳڻتي جوڳي حالت ۾ هڪ نجي اسپتال ۾ داخل آھي. ٺاروشاهه شھر سميت سموري سنڌ جا ڪيترائٔي معصوم ٻار گيسٽرو سميت ٻين وبائي مرضن ۾ ورتل ھجڻ سبب بي يارو مدد گار گھرن ۾ پيل آھن، جن جي پڻ ڪير سار لهڻ لا تيار ناهي. ڄڻ ته سنڌ واسين جو سڪون ۽ خوشيون انهن برساتن ۽ نئين مان ايندڙ پاڻي جي تيز وهڪرن ۾ لڙهي ويون آهن.
موسم جي ماهرن جو چوڻ آهي ته برساتن جو اهو سلسلو اڃا جاري رهندو. هاڻ نئون برساتي سلسلو سنڌ ۾ داخل ٿي رهيو آهي جنهن مان اڃان به وڌيڪ تباهي ٿيڻ جو امڪان آهي. پٺ تي پيل علائقن ۾ برسات سبب اڳ ئي ٻوڏ واري صورتحال آهي ۽ ماڻهن وٽ رهڻ لاءِ پڻ جوڳا بندوبست نه آھن ۽ روڊ رستا به تيز وهڪرن ۾ لڙهي ويا آهن ۽ ماڻهن جي اچ وڃ ۽ شھرن سان رابطا پڻ ڪٽجي ويا آھن. بک، بدحالي ۽ بيمارين پڻ منهن ڪڍيو آهي.
حڪومت ۽ صحت کاتي پاران پڻ انهن علائقن ۾ صحت جون ڪي به سهولتون مهيا نه ڪيون آھن ۽ نه ئي ڪي متبادل رستا مهيا ڪيا آھن، نه ئي ڪئمپون قائم ڪيون ويون آھن. جن تائين بيمارن کي پهچائي ڪا واهر ڪئي وڃي پر موجوده صورتحال ۾ اهو ناممڪن نظر اچي رهيو آهي. مقامي انتظاميه عملي قدم کڻڻ بدران ڪاغذي ڪارروائي ۽ نالي ماتر خانه پري ڪرڻ ۾ مشغول آھي.
ڏٺو وڃي ته مون سون برساتن سبب تباهي ۽ وبائي بيمارين منهن ڪڍيو آهي، انهن جي واهر نه ٿيڻ سبب صورتحال ڪنٽرول کان نڪري سگهي ٿي ۽ ايندڙ برساتي اسپيل سبب وڌيڪ تباهي ۽ وبائي مرض منهن ڪڍي سگهن ٿا. موجوده صورتحال ۾ ايڏي پئماني تي رليف جا ڪي ڪم نظر نه پيا اچن ۽ متاثر ماڻهو پنهنجي مدد پاڻ تحت وقت گذارڻ ۽ تڪليفن کي منهن ڏيڻ تي مجبور آھن.
رياست توڙي حڪومت متاثرن جي واهر لاءِ تڪڙا ۽ اثرائتا کڻڻ بدران رڳو ڪاغذي ڪارروائي پوري ڪندي ته پوءِ عوام ڪنهن در دانهيندو، جڏهن ته حڪومت کي فوري طور تي متاثر علائقن تائين پهچي متاثر ماڻهن ۾ کاڌ خوراڪ ۽ صحت جون سهولتون مهيا ڪري کين رليف فراهم ڪري ۽ اهو ڪم هنگامي بنيادن تي ڪيو وڃي. ضرورت ان ڳالھه جي آھي ته حڪومت ۽ مقامي انتظاميا کي اهي اپا برساتن ۽ ٻوڏ صورتحال کان اڳ کڻڻا هئا ڇاڪاڻ ته موسميات کاتي پڻ اڳواٽ آگاهه ڪيو هو ته تيز برساتون اينديون ۽ جيڪڏهن اڳواٽ صورتحال تي ضابطو آندو وڃي ها ته ايتريون ڏکيون حالتون پيدا نه ٿين ها، وري حڪومت کي گهرجي ته صحت کاتي ۽ مقامي انتظاميه کي اگهور ننڊ مان جاڳائي عملي طور تيار رهڻ جون هدايتون ۽ ماڻهن جا مسئلا حل ڪرڻ جو پابند بڻائي.