ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڇا ڳالهھ رڳو فارين فنڊنگ تائين آھي؟

Editorial-Article-Irshad Laghari

اليڪشن ڪميشن پاران ملڪ جي “قابل احترام اڳوڻي وزيراعظم” محترم عمران خان صاحب بابت آيل ٿَڪل ٽُٽل فيصلي کان پوءِ اھا ڳالهھ واضح ٿي چڪي آھي ته اسٽيبلشمينٽ سڀئي مُھرا ھٿ ۾ رکڻ چاھي ٿي. ڇو ته عمران مخالف ڌر پاران فارين فنڊنگ ڪيس ھلائڻ تي جيڪو زور ھو، تنھن اٺن سالن کان پوءِ ڪجھه مڙئي رنگ ڏيکاريو ته سھي پر اھو رنگ اھڙو نه ھو جنھن کان پوءِ عمران خان جي سياسي صورت قانوني طور اھڙي بگڙي وڃي، جيئن ويچاري ميان محمد نواز شريف جي بگاڙي وئي ھئي. ھاڻ جيئن ته تحريڪ انصاف خيرن سان فارين فنڊنگ وارو ڪيس وري ان ئي عدالت سڳوري ڏانھن کڻي وڃڻ جو اعلان ڪيو آھي، جنھن عدالت سڳوري وٽ عمران خان لاءِ ھيستائين بھرحال مخصوص فيصلا رھيا آھن. انھن فيصلن مان تازو مثال اتحادي حڪومت خلاف ڊي چوڪ تي ڌرڻي جي اعلان واري تاريخ تي عدالت پاران منع ڪرڻ باوجود عمران خان پاران پشاور مان ڪاھي آيل ڌڻ کي ڊي چوڪ تائين وٺي اچڻ ھو پر جڏھن عدالت سڳوري وٽ اھڙي دانھن پھتي، تڏھن سڳوري عدالت اھو فرمايو ته “اسان کي لڳي ٿو ته عمران خان ويچاري تائين اسان جو نياپو پھچايو ئي ڪونھ ويو ھوندو نه ته ھو ايئن نه ڪري ھا”.
ڏسو ڇا تھ معصوميت آھي، اسان جي سڳوري عدالت جي!! سو ھاڻ ڏسون تھ عدالت سڳوري ۾ وڃڻ کانپوءِ ان فارين فنڊنگ ڪيس بابت ڪھڙو فيصلو اچي ٿو، جنھن ڪيس جو اٺن سالن جي ريڙهه پيڙهه ۾ نالو ئي تبديل ٿي چڪو آھي. عمران خان جا مخالف ان ڪيس کي فارين فنڊنگ ڪيس ڀل چوندا رھن پر اليڪشن ڪميشن جي ڪاغذن ۾ اھو “ممنوع فنڊنگ” درج ٿي چڪو.
دراصل ھي سڀڪجهھ ان ڪري ٿي رھيو آھي جو حقيقي عوامي مزاحمت موجود ناھي. نھ تھ اھو ڪيئن ممڪن آھي تھ ھڪڙن لاءِ ھڪڙا تھ ٻين لاءِ وري ٻيا قاعدا قانون ڏسڻ ۾ اچن. ايئن جيئن ھڪڙي دور ۾ شھيد محترمھ لاڙڪاڻي لاھور جو فرق ٻڌايو ھو پر ھاڻ تھ سڀني کي اھا شڪايت آھي تھ ھن ملڪ جي قاعدي قانون ۾ دادلي لاءِ ھڪ الڳ مخصوص خانو رکيو ويو آھي. بھرحال پاڻ جيئن تھ مسڪين ماڻھو آھيون سو ھن سڳوري ملڪ جي مانواري عدالت مٿان لڳندڙ اھڙن الزامن کان پري ٿا بيھون، جيڪو بھ جواب ھوندو سو جواب عدالت سڳوري پاڻ ڏيندي. پاڻ کي ڏسڻو آھي وري بھ ملڪ جي انھن سياسي پارٽين ڏانھن، جيڪي ھن وقت عمران خان کي اول آڻيندڙن ۽ ھاڻ وري ھر گھيري مان بچائيندڙن سان آمھون سامھون آھن.
ٿيو ڪجھه ھيئن آھي جو ارڙھين آئيني ترميم کانپوءِ ملڪ ۾ اسٽيبلشمينٽ جيڪا نئين راند شروع ڪئي آھي، تنھن ۾ فقط ھڪڙو ئي گھوڙو آھي جنھن تي ان کي اعتبار آھي ۽ ان گھوڙي جو نالو آھي عمران خان. ارڙھين آئيني ترميم کي اسٽيبلشمينٽ جيئن تھ ڪڏھن بھ دل سان قبول نھ ڪيو آھي، تنھنڪري اسٽيبلشمينٽ جي ھر ممڪن ڪوشش اھا آھي تھ ڪيئن بھ ڪري ان ترميم جي مٿان وري ڪا اھڙي ترميم آندي وڃي، جنھن سان اسٽيبلشمينٽ جي ڪجهھ مخصوص دائرن ۾ وڃايل اثر کي ٻيھر بحال ڪري سگھجي. سو انھي ڪم لاءِ واحد عمران خان ئي مناسب ماڻھو آھي. شروع ۾ تھ ارڙھين ترميم لاءِ نُون ليگ بھ چِنگھي ھئي پر پوءِ اھا ڪنھن بھ مجبوري سبب راضي جو ٿي تھ اسٽيبلشمينٽ جي ھٿن مان راند وڏي حد تائين کسڪي وئي. تنھنڪري ئي عمران خان کي آندو ويو ھو. خير عمران خان تھ آيو پر ان کي ايتري اڪثريت نھ ملي سگھي جو ھو اڪيلي سِر ارڙھين ترميم کي تبديل ڪري سگھي، تنھنڪري اھو ڪم اڌ ۾ رھجي ويو. ھاڻ وري ڪوششون اھي آھن تھ ڪيئن بھ ڪري اھڙو ماحول پيدا ڪجي، جيئن عمران خان کي ھڪ ڳري مينڊيٽ سان براجمان ڪرائجي تھ جيئن آئين کي ھڪ ڀيرو ٻيھر اسٽيبلشمينٽ جو ڳيجھو بڻائي ساڳيا پراڻا مزا وٺجن.
ھاڻ سوال اھو آھي تھ ڇا پاڪستان پيپلز پارٽي، نُون ليگ ۽ سندن ٻيون سموريون اتحادي ڌريون آئين جي تحفظ لاءِ ايئن پيون رڳو اڳيان پويان ٿينديون يا ڪنھن فيصلائتي مھاڏي اٽڪائڻ لاءِ اڳيان بھ اينديون؟ ان ڏس ۾ جيڪا صورتحال سامھون آھي، تنھن ۾ اڃان فيصلائتي مھاڏي وارو ماحول ڪونھ ٿو نظر اچي. ان جو ھڪ بنيادي سبب اھو بھ آھي جو ميان نواز شريف ملڪ ۾اچڻ لاءِ تيار ڪونھي. پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي قيادت ڪيئن ڀيرا ميان صاحب سان سڌو مخاطب ٿي کيس ملڪ موٽڻ جو چوندي اھو موقف رکندي پئي آئي آھي تھ جيستائين ميان صاحب ميدان ۾بيھي گڏجي مقابلو نھ ڪندو، تيستائين عمران خان مان گھٽ ۾ گھٽ نُون ليگ جي جند ڪانھ ڇٽندي. پر ميان صاحب بظاھر صحت جي خرابي جڏھن تھ اصل ۾ سَھل پَسندي سبب ملڪ نھ موٽي، پنھنجي سياست جا پاڻ ڪم لاھي ڇڏيا آھن ۽ جيڪڏھن ميان صاحب اڃان بھ رڳو ٻاھران ويھي جمھوريت جي بالادستيءَ جون فرمائشون ڪندو رھيو تھ پوءِ نُون ليگ جا ڪم پُورا سمجھڻ گھرجن. ان امڪان کي ڪنھن بھ ريت نظرانداز نھ ڪرڻ گھرجي تھ اھا ماڳھين ڊگھي عرصي لاءِ راند کان ئي ٻاھر ٿي وڃي.
اھو ان ڪري جو پنجاب ۾ عمران خان کي سوڙھو ڪرڻ شھباز شريف جي وس کان ٻاھر آھي. مريم نواز عمران خان خلاف جيترو ڳالھائي سگھي ٿي، اوترو ڳالھائي چُڪي. ھاڻ ضرورت اھا آھي تھ ميان صاحب ملڪ موٽي اچي پاڻ منھن ڏئي. باقي اھا خواھش رکڻ تھ عمران خان سان سموري ويڙهه آصف زرداري ڪري ۽ ان جو ڦَل وري ميان صاحب کائي تھ اھا ميان صاحب جي غلطي ھوندي. اھا ڳالهھ اڄ رڪارڊ تي رکڻ گھرجي تھ جيڪڏھن ميان صاحب نھ موٽيو تھ اڳيان ھلي آصف زرداري ۽ عمران خان پاڻ ۾ “ڪجھه ڏيو ڪجھه وٺو” جي بنيادن تي ٺھي بھ سگھن ٿا ۽ اھڙو ٺاهه اھي ئي ڌريون ڪرائينديون جن محترمھ جي شھادت کان پوءِ جڙندڙ اقتداري سيٽ اپ ۾ پيپلز پارٽي ۽ (ق) ليگ کي ھڪڙي ٿالھي ۾ گوڏي گڏ ويھي کائڻ جو پابند ڪيو ھو، جنھن (ق) ليگ کي پيپلز پارٽي قاتل ليگ ٿي سڏيو. تنھنڪري لازمي آھي تھ ميان صاحب مھل سان موٽي، پنھنجو ڪم سنڀالي. وري بھ ڳالهھ ساڳي تھ پنھنجي چوڻ آکڻ سان ڇا ٿو ٿئي!؟ ٿيندو وري بھ اھو جيڪو ميان صاحب سَندي واپسي بابت سوچي رکيو ھوندو.
ھاڻ ٿورو اچو تھ ڪجھه انھن سياسي ڌرين کي ڏسون، جيڪي روايتي اقتداري راند کان ٻاھر رھي، عوام جي سمورن بنيادي حقن جي بحالي واري جدوجھد ھلائينديون رھيون آھن ۽ اڄ بھ ھلائي رھيون آھن. ھونئن تھ اھڙا سياسي گروپ سموري ملڪ اندر سرگرم آھن پر پاڻ ڳالهھ پنھنجي سنڌ جي ڪنداسون. سنڌ ۾ ھن وقت اسان جون قومپرست ڌريون ھجن يا ڪي ٻيون، انھن مان اڪثريت جو سمورو زور پيپلز پارٽيءَ کي نشانو بڻائڻ تي آھي. پيپلز پارٽيءَ جي ھاڻوڪي حڪومتي دور کي اھي ڌريون سنڌ جو بدترين دور ڳڻين ٿيون. دراصل اھڙين ڌرين کي اھا خوشفھي آھي تھ پيپلز پارٽيءَ جي ڪمزور ٿيڻ سان شايد کين فائدو ملندو ۽ اھو عوام جيڪو ھن وقت پيپلز پارٽي سان گڏ آھي، سو جڏھن پيپلز پارٽيءَ مان بيزار ٿيندو تھ ساڻن اچي ملندو. منھنجي نظر ۾ ايئن ٿيندي نظر نٿو اچي. ان جو ھڪ بنيادي سبب سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي مخالفت ڪندڙ ڪجھه قومپرست ۽ ڪجھه ترقي پسند ڌڙن جو عمران خان يا نواز شريف تي ھلڪو ھٿ رکڻ يا ڪن موقعن تي تھ ماڳھين کين ڀلو ڪري پيش ڪرڻ آھي. جڏھن تھ سنڌ جو عام شعور اھو ڄاڻي ٿو تھ عمران خان سنڌ لاءِ ڪيترو خطرناڪ آھي، ساڳي ريت ميان صاحب پڻ اڳي پوءِ پنجاب جي ئي مفادن جو پوئيوار رھڻو آھي. تنھنڪري جيڪي ماڻھو عمران خان يا نواز ليگ کي سنڌ لاءِ پيپلز پارٽيءَ جي ڀيٽ ۾ بھتر سمجھن ٿا، سي اڻ سڌي ريت پاڻ کي سنڌ جي عام لوڪ جي نظرن ۾ مشڪوڪ بڻائي ٿا ڇڏين. سو في الحال تھ اھو ئي لڳي ٿو تھ پاڻ انھن ئي ساڳين وڏن گھوڙن جي ڊوڙ کي ڏسڻ لاءِ پابند رھڻا آھيون جيستائين سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ ڪي حقيقي عوامي انقلابي ڌريون نٿيون نروار ٿين ۽ جيستائين اقتداري ڊوڙ جي انھن آزمايل گھوڙن جو تعلق آھي تھ انھن ۾ پيپلز پارٽي وري بھ ھڪ حد تائين اسٽيبلشمينٽ سان جھيڙيو آھي. ھن وقت بھ جيڪا صورتحال آھي، تنھن ۾ عمران خان کي بچائيندڙن سان جيڪو سندرو پيپلز پارٽي ڪيو بيٺي آھي، سو ٻين جو ناھي. ان جو واضح مثال ارڙھين آئيني ترميم آھي. سو جيڪڏھن ڳالهھ اڳيان ھلي ڪنھن فيصلائتي جھيڙي ۾وئي تھ وري بھ ارڙھين ترميم جي دفاع لاءِ پيپلز پارٽيءَ جو ڪردار مزاحمت وارو ھوندو. ان سان گڏ بلوچستان ۽ پختونخوا جون عوامي ڌريون بيٺل ھونديون. جڏھن تھ نواز ليگ مڙئي پئي سُر ملايو ايندي جيئن ھيستائين ملائيندي پئي آھي. تنھنڪري سنڌ جي سمجھدار حلقن کي ھن ويڙهه ۾ ذاتي پسند ناپسند کان مٿاھون بيھي پنھنجي تنقيد توڙي حمايت کي عوامي انقلابي مفادن سان سلھاڙڻو پوندو. تھ جيئن اسٽيبلشمينٽ جي راند ۾ فاتح عوام، مظلوم ۽ محڪوم قومون ۽ طبقا فاتح ٿين. اھو تڏھن ئي ممڪن ٿي سگھندو، جڏھن سڀ کان اول ملڪ ۾ جمھوريت تھ ھجي!! هتي حالت اھا آھي جو اڃا تھ جمھوريت کي ئي ھلڻ نٿو ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button