ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عمران خان ۽ صدر علوي جا عيش ختم

Editorial-Article-Dastgir Bhatti

جيئن سج کي کاري هيٺيان لڪائي نه ٿو سگهجي تيئن سچ کي به ڪوڙ، مڪر ۽ منافقيءَ سان ڍڪي نه ٿو سگهجي. پاڻ کي مديني واري رياست جو علمبردار سڏائيندڙ اڳوڻو وزير اعظم عمران خان پڙھيل لکيل نوجوان نسل کي روزگار سان لڳائڻ بدران ٺلھن نعرن ۽ بي بنياد ڳالهين تي ھرکائي، پاڪستان ۾ جيڪو ٻائيتال ٻاريو آهي ان جو ماضيءَ ۾ ڪوبه مثال نٿو ملي. سندس اھو چوڻ ته تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) سان سياسي ڊائلاگ ڪري سگهان ٿو پر ملڪ جي ٻن وڏين عوامي پارٽين سان ڪڏھن به ڪونه ڳالهائيندس ڇاڪاڻ ته ھو چورن جون سياسي جماعتون آهن، ھڪ ظالماڻو مذاق آهي. اھو ظالماڻو مذاق اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي اڱاري ڏينهن جاري ڪيل شوڪاز نوٽيس مان ثابت ٿي ويو آهي. اردو ۾ چوڻي آهي ته، ڏسو پاڻ فصيحت،
ٻين کي ڪري نصيحت! فصيحت معنيٰ فساد.
مون ھڪ مھينو اڳ ۾ ئي لکي ڇڏيو ھو ته چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان گذريل اٺن سالن کان ھوا ۾ لڙڪيل اڪبر ايس بابر پاران عمران خان جي بي ايماني ۽ ٺڳين جي ناقابلِ ترديد ثبوتن سان داخل ڪيل پٽيشن تي ٽيھن ڏينهن اندر فيصلو ڏيڻ لاءِ جيڪو اعلان ڪيو آهي، ان کي دنيا جي ڪابه طاقت روڪي نه سگهندي. جيستائين عمران خان ملڪ جو وزيراعظم ھو ته اليڪشن ڪميشن جي چيئرمين خلاف بيان بازي ڪري کيس دٻائيندو رهيو. مختلف بھانن سان سندس وڪيلن به تاريخون وٺي وٺي ھن ڪيس کي اينگھائي ڇڏيو هو. اليڪشن ڪميشن وٽ عمران خان جي بي ايمانيءَ کي پڌرو ڪرڻ خاطر سندس ئي سڀني کان پراڻي دوست ۽ تحريڪ انصاف جو بنياد وجھندڙن ۾ شامل اڪبر ايس بابر 8 سال اڳ ۾ ھيءَ ڪيس ان مقصد سان ته ڪونه داخل ڪيو ھو ته ان تي ڪڏهن به فيصلو نه ٿي سگهي. اڪبر ايس بابر لنڊن، آمريڪا ۽ عرب رياستن جي بئنڪن منجهان دستاويزي شاهديون حاصل ڪرڻ لاءِ جيڪا جفاڪشي ۽ محنت ڪئي سا به مثالي آهي.
مھينو اڳ جڏهن چيف اليڪشن ڪمشنر ھيءَ اعلان ڪيو ته عمران خان صفا مڇرجي پيو ۽ سڪندر سلطان کي ھٽائڻ لاءِ مطالبن جو ھڪ طوفان کڙو ڪري ڇڏيائين پنھنجن ٺڳ ساٿارين جي بيانن ۽ تقريرن وسيلي! آخر کيس ڪھڙو ڊپ ھو جو نه رڳو ايڏي ھاءِ گھوڙا ڪيائين پر ساڳئي وقت اڻڄاتل فون نمبرن تان سندس گهر وارن کي به ڌمڪيون ڏياريندو رهيو ته جيئن سڪندر سلطان جا پٽ ۽ ڌيئرون پنھنجي پيءُ کي اھو چئي روڪي ڇڏين ته، “بابا سائين، ڇو ٿا ھن خطرناڪ شخص سان وير وجھو؟ پچر ڇڏيوس!” پر ھيءَ 22 گريڊ جو سينيئر موسٽ ڪامورو رٽائرمينٽ تائين پنهنجي ساک کي قائم رکندو آيو تنھنڪري ئي ته ان زماني ۾ ھڪ ٻئي جا دشمن ميان نواز شريف، آصف زرداري ۽ خود عمران خان گڏيل منظوري ڏني ۽ عمران خان پاڻ لکت ۾ گڏيل منظوري ڏيئي سڪندر سلطان کي ھن حساس اداري جو سربراهه مقرر ڪرايو.
ھن ڪيس جو حتمي فيصلو اچڻ ۾ ته اڃا ڪجھه وقت ضرور لڳندو، ڇاڪاڻ ته في الحال اليڪشن ڪميشن جي ٽن ميمبرن واري بئنچ عمران خان کي ھڪ شوڪاز نوٽيس اماڻي کيس سندس ڪڌن ڪرتوتن جي آرسي ڏيکاري، کانئس جواب گھريو آھي ته ٻڌاءِ ته ھيڏن سارن ثبوتن ھوندي به آئين جي آرٽيڪل 17 مطابق ڪوڙو ۽ ٺڳ ڊڪليئر ڪري توکي ڇو نه سياسي قيادت لاءِ نااهل قرار ڏيون؟ ياد رکڻ گهرجي ته جڏهن سرڪاري نوڪريءَ مان ڪنهن ڪلارڪ يا ماستر کي به نااهل ٺھرائي نوڪريءَ مان ڪڍبو آهي ته انھن ننڍن ملازمن کي به پھرين شوڪاز نوٽيس (سبب ڄاڻايو چتاءُ) ڏنو ويندو آهي. جڏهن سندس جواب مان فيصلو ڪندڙ اٿارٽي مطمئن نه ٿيندي آهي ته پوءِ کيس نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيندا آهن. ھيءَ ته پوءِ به وزير اعظم رهي چڪو آهي.
آئين ۾ مٿيان ٻيئي شرط وزير اعظم محمد خان جوڻيجي جي دور ۾ چونڊيل غير جماعتي قومي اسيمبليءَ کان ان وقت جي صدر ۽ آرمي چيف جنرل ضياءُ الحق مارچ 1985ع ڌاري، اسيمبليءَ جي پھرئين ئي ڏينهن واري اجلاس ۾ زوريءَ ترميم ڪرائي شامل ڪرايا ھئا. ان سان گڏوگڏ اسيمبلين کي ٽوڙڻ جا اختيار به آرٽيڪل 58 ٽو بي ذريعي پارليامينٽ ۽ ان جي سرواڻ وزير اعظم کان کسي ورتائين. جنرل ضياءَ جيڪڏهن پاڻ امين ۽ صادق ھجي ھا ته آڌيءَ رات مھل بندوق جي زور تي پي ايم هائوس راولپنڊيءَ تي چڙهائي ڪري، چونڊيل وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت کي ڊاهي غير آئيني مارشل لا نه مڙھي ھا ۽ نه ئي ڪروڙين وطن واسين کي اذيتون ۽ عذاب ڏئي ھا. 5 جولاءِ 1977ع تي پوئين دروازي مان اقتدار تي قبضو ڄمائڻ واري جنرل ضياءَ کان وٺي اڄ عمران خان تائين ھنن سڀني عوام دشمن حڪمرانن جي صداقت ۽ امانت (سچائي ۽ ايمانداري) دنيا کان ڳجهي ناهي. ھيءَ ماڻهو ان ڪاري مينھن وانگر آهن جيڪا ڍڳيءَ کي ڪار-پڇي چئي پنهنجي ڪاراڻ لڪائڻ خاطر ٻين سياسي جماعتن جي اڳواڻن تي چور چور ۽ بي ايمان ھجڻ جا الزام ھڻي پنهنجن بڇڙن ڪمن تي پردو وجهڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندا آھن.
جيتوڻيڪ هيءَ شوڪاز نوٽيس رڳو پارٽيءَ جي چيئرمين کي جاري ڪيو ويو آهي پر اھو به ٻڌي وٺو ته ساڳي ريت اھڙي پابندي لڳل پرڏيهي رقم صدر عارف علوي، اڳوڻي گورنر سنڌ عمران اسماعيل، اسد عمر، خيبرپختونخواهه جي تحريڪ انصاف ليڊر شاهه فرمان ۽ پنجاب جي صوبائي صدر محمود الرشيد ۽ ٻين ڪيترن ئي عھديدارن جي بئنڪ اڪائونٽس مان به ظاهر ٿي آهي جن جو مستقبل پڻ پنهنجي گرو گھنٽال عمران خان سان گڏ اونداهو ٿي ويندو. ھيءَ جو عمران خان جا اڳوڻا وزير ڪبير اسد عمر ، فواد چوڌري ۽ ٻيا ھام ٿا ھڻن ته اسان سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪنداسين ۽ اعليٰ عدالت اليڪشن ڪميشن جي انھيءَ فيصلي کي ھڪ ڌڪ سان اڏائي ڇڏيندي، سي ڀليل آھن. ھيءَ ڊرامي بازي سومر ڏينهن نوٽيس جاري ٿيڻ کانپوءِ رڳو پنهنجن پوئلڳن ۾ پيدا ٿيل مايوسيءَ کي روڪڻ لاءِ ڪن پيا. سڀئي عوام کي بيوقوف بڻائي رهيا آهن. کين ياد رکڻ کپي ته دلير ۽ دانشمند قانوندان عاصمه جهانگير پنهنجي سر جو نذرانو ڏيئي جنرل پرويز مشرف جي ڊڪٽيٽرشپ کي ختم ڪرائڻ لاءِ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي ساٿي وڪيلن کي منظم ڪرڻ خاطر پنهنجي ئي قيادت ۾ جيڪا سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن قائم ڪري ويئي سا اڄ به عوامي حقن ۽ قانون جي بالادستيءَ لاءِ جاکوڙي پيئي. پنجن ججن طرفان چيف جسٽس عمر عطا بنديال خلاف بغاوت ڪرڻ کانپوءِ سومر تي وڪيلن جي شاندار ساک واري ھن تنظيم چيف جسٽس کي خط لکي مٿس زور وڌو آهي ته تون ايڏي وڏي اعليٰ عھدي لائق نه آهين تنهنڪري ھڪدم استعيفا ڏيئي گھر ھليو وڃ.
چيف جسٽس پنھنجن غير قانوني ۽ غير آئيني تازن فيصلن وسيلي انصاف جي نظام کي جيڪو ھاڃو رسايو آهي، اھو سندس بدناموسيءَ جو باعث بڻجي ويو آهي. ظاھر آھي ته ھُو سولائيءَ سان استعيفا نه ڏيندو، تنهنڪري آئون سڄي ملڪ اندر وڪيلن پاران سمورين ڪورٽن جي بائيڪاٽ، ھڙتالن ۽ ڪارن ڪوٽن جي ڪرامت کي تمام جلد ٿيندي ڏسان پيو.
وڪيلن جي اھا تحريڪ فطري طور ملڪ جي وڏين سياسي پارٽين مسلم ليگ نواز ۽ پيپلزپارٽيءَ سان گڏوگڏ پاڪستان جمھوري اتحاد (پي ڊي ايم) ۾ شامل سمورين جماعتن جي حمايت حاصل ڪندي. ھيءَ ملڪ گير ھلچل عدالتن جي آزاديءَ واري تحريڪ جو روپ ڌاري سياسي ڪارڪنن کي متحرڪ ڪري ڇڏيندي. ھيءَ ڪالم لکڻ مھل شام پنجين وڳي ڌاري ٽي وي چئنلز تي خبرون ٻڌڻ ويٺس ته بريڪنگ نيوز اھا ٻڌائي وئي ته اڄ وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ھيٺ پي ڊي ايم سربراهن جي گڏجاڻيءَ ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو ته اليڪشن ڪميشن جي فيصلي مطابق نه رڳو سپريم ڪورٽ ۾ ريفرنس داخل ڪنداسين بلڪه فارين فنڊنگ ڪيس ۾ ملوث پي ٽي آءِ جي سڀني اڳواڻن جا نالا ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ شامل ڪرڻ لاءِ وفاقي ڪابينه جي گڏجاڻيءَ ۾ اهم فيصلا ڪيا ويندا ته جيئن عمران خان ۽ سندس ساٿاري ملڪ ڇڏي ڀڄي نه وڃن. ھنن فيصلن بابت ڪجهه دير کانپوءِ مولانا فضل الرحمان پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته عمران خان خلاف مليل ثبوتن مان منهنجو ھيءَ انومان سچو ثابت ٿيو آهي ته عمران خان عالمي طاقتن جو مھرو بڻجي پاڪستان کي برباد ڪرڻ جي مشن تي ڪم ڪري رهيو آهي. ھن وڌيڪ چيو ته عمران خان آمريڪا، اسرائيل، ڀارت، ڊينمارڪ، فنلينڊ ۽ ٻين اھڙن ملڪن کان غيرقانوني طريقي سان ڏيڍ ارب رپيا ورتا آهن، جيڪي پاڪستان جي وجود جا ويري آهن. اسڪروٽني ڪميٽيءَ به عمران خان جي فرمائش تي ٺاھي ويئي هئي جنهن جي 95 شنوائين مان 34 ۾ نه رڳو عمران خان پاڻ شريڪ نه ٿيو بلڪه پنهنجن وڪيلن کي به حاضر ٿيڻ کان روڪيندو رهيو. مولانا فضل الرحمان چيو ته پي ڊي ايم اڄ پاڪستان جي صدر عارف علويءَ کي به صلاح ڏني آهي ته هو هن عالمي سطح جي مقدمي ۾ ھڪڙو ملزم آهي، تنهنڪري هڪدم استعيفا ڏيئي صدارتي محلات خالي ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button