ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

اليڪشن ڪميشن جو فارين فنڊنگ بابت فيصلو

Editorial-Article-Akhtar Hafeez

پرڏيهي فنڊنگ جي حوالي سان محفوظ ڪيل فيصلو اليڪشن ڪميشن نيٺ ڪجهه ڏينهن اڳ ٻڌائي ڇڏيو آهي. جنهن ۾ اليڪشن ڪميشن اهو چيو آهي ته پي ٽي آءِ ٻاهران کان فنڊنگ ڪئي ۽ ان کان سواءِ جيڪو قسم نامو عمران خان اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرايو هو، اهو به ڪوڙو آهي. عمران خان نيازيءَ کي ان وقت جي پي ٽي آءِ نواز جج ثاقب نثار صادق ۽ امين جو لقب ڏئي، ملڪ جو وزير اعظم ٿيڻ جو سرٽيفڪيٽ ڏئي ڇڏيو هو. ظاهر آهي اهو فيصلو هڪ ثاقب نثار جو ڪونه هو پر پوري اسٽيبلشمينٽ “مشن عمران” خان تي لڳل هئي. ان ڪري عمران خان نيازيءَ کي بچائڻ لاءِ جهانگير ترين کي قربانيءَ جو ٻڪرو بڻايو ويو ۽ هن کي نا اهل قرار ڏنو ويو. ڇاڪاڻ ته نواز شريف بنا ڪنهن بي ايمانيءَ جي نا اهل قرار ڏنو ويو هو، تنهنڪري ان تاثر کي ختم ڪرڻ لاءِ ته نواز شريف کي غلط طريقي سان نا اهل قرار ڏنو آهي، سو جهانگير ترين کي نا اهل قرار ڏنو ويو.

پي ٽي آءِ جا ڪارڪن توڙي اڳواڻ اليڪشن ڪميشن جي فيصلي مان ظاهري طور مطمئن لڳي رهيا آهن ۽ اهي اهو دليل ڏئي رهيا آهن ته هيءَ منع ٿيل فنڊنگ جو ڪيس آهي، پر ڪيس جي فيصلي ۾ لکيو ويو آهي، پرڏيهي منع ٿيل فنڊنگ. پر جيئن ته عمران خان نيازي ۽ سندس ڪارڪن ڪڏهن به سچ ٻڌڻ لاءِ تيار نه هوندا آهن ۽ نه ئي اهي ڪنهن اهڙي فيصلي کي قبولڻ لاءِ تيار هوندا آهن، جيڪو انهن جي خلاف آيو هجي يا بلڪل آئيني هجي. هونئن پي ڊي ايم جي هاڻوڪي حڪومت عمران خان نيازيءَ خلاف رڳو ڳالهائي سگهي ٿي، پر عملي طور هن خلاف ڪجهه به نٿي ڪري سگهي. اڄ به عمران خان نيازي هاڻوڪي حڪومت کان ڏاڍو لڳو پيو آهي. هن جو ائين آزاد رهڻ سندس ٻل تي ناهي پر جيئن ته هو ڪنهن ٽيڪ تي بيٺل آهي تنهنڪري هو اهو سڀڪجهه ڪندو رهي ٿو ۽ جيستائين اها ٽيڪ کيس مليل آهي، ان وقت تائين هو ائين ئي پنهنجي مرضي هلائيندو رهندو. کيس اقتدار ۾ آڻڻ وارا ڪردار هڪڙا ته اهي آهن، جيڪي پڌرا لڳا پيا آهن، پر ٻيا اهي آهن، جيڪي پردي پويان آهن ۽ عمران خان نيازيءَ جون ڏوريون لوڏي رهيا آهن. تنهنڪري پي ڊي ايم جي حڪومت بيان بازي تائين عمران خان نيازيءَ کي ڌمڪيون ڏيندي رهندي آهي پر هن وقت تائين محسوس ائين ٿي رهيو آهي ته اها عمران خان نيازيءَ جي حوالي سان بيوس نظر اچي رهي آهي. اهو به ممڪن آهي ته اڃا به عمران خان نيازيءَ کي اها پڪ ڏني وئي هجي ته ايندڙ چونڊن ۾ هو ئي سوڀارو ٿيندو ۽ کيس وري ملڪ جو وزير اعظم بڻايو ويندو.
اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کان پوءِ هاڻي جيڪي ڪجهه ڪرڻو آهي سو حڪومت ۽ ڪورٽ کي ڪرڻو آهي. حڪومت اليڪشن ڪميشن جي فيصلي جي روشنيءَ ۾ پي ٽي آءِ خلاف ريفرنس موڪلي سگهي ٿي، پي ٽي آءِ وري ان فيصلي خلاف ڪورٽ ۾ وڃي سگهي ٿي ۽ ان کي اها سئو سيڪڙو اميد آهي ته اتان ان کي رليف ملي ويندو ۽ ان خلاف ڪا ڪارروائي نه ٿيندي. هيستائين ته اهو ئي نظر آيو ته عمران خان نيازي ۽ سندس پارٽيءَ کي هر حوالي سان رليف ملندو رهيو آهي. سپريم ڪورٽ آئين کي پاسيرو رکي به عمران خان نيازيءَ جي پارٽيءَ کي رليف ڏيندي رهي آهي، جڏهن سندس ئي فيصلا آئين جي ٽڪراءُ ۾ اچن ٿا ته اها ان کي غلطي قرار ٿي ڏئي.
پي ٽي آءِ خلاف حڪومتي ڪارروائي ڪيتري اثرائتي هوندي ۽ اها ڪهڙي ريت عمران خان نيازيءَ جا رستا سوڙها ڪندي، ان جو اندازو به ڪجهه وقت ۾ ٿي ويندو پر ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته هن وقت به عمران خان نيازيءَ لاءِ اهڙو ماحول نظر ڪونه پيو اچي، جنهن ۾ کيس اهو احساس ٿيندو هجي ته ان لاءِ سياسي ڏکيائيون وڌايون پيون وڃن يا ايندڙ وقت ۾ هن جو سياست ۾ ڪو ڪردار نه رهندو. هاڻوڪي فيصلي کان پوءِ هڪ آپشن پي ٽي آءِ تي پابندي لڳائڻ جو به آهي. عمران خان نيازي سڄي ڄمار ملڪ جي هر سياستدان کي چور ۽ بي ايمان چوندو رهيو، کيس پنهنجو پاڻ کان سواءِ ملڪ ۾ ڪو ايماندار ماڻهو نظر ناهي ايندو پر هاڻوڪي فيصلي هن کان صادق ۽ امين هجڻ وارو لقب به کسي ورتو آهي، جيڪو هڪ سازش وسيلي کيس ڏنو ويو هو، ڇاڪاڻ ته ان وقت ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ اهو فيصلو ڪري ورتو هو ته پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ مان جان ڇڏائڻي آهي ۽ ملڪ ۾ ون پارٽي سسٽم آڻي. سڄي ملڪ کي پنهنجي وس ۾ ڪجي پر پي ٽي آءِ وارو تجربو مڪمل طور تي ناڪام ويو، تنهنڪري وري به پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ کي ميدان ۾ لاهڻو پيو. انهن ٻنهي پارٽين عمران خان نيازيءَ جو ڪيل گند صاف ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، اسٽيبلشمينٽ جي ونگار به وهي ۽ هاڻ عوام کي منهن ڏيکارڻ جهڙيون به رهيون آهن.
ملڪ ۾ قانون موجب جيڪڏهن فيصلا ٿيندا هجن ها ته هن وقت عمران خان نيازي ملڪ جي سياست مان ڪڏهڪو توبهن تائب ٿي وڃي ها، پر هتي ته عدالتون آئين موجب نه پر ملڪي حالتن موجب فيصلا ڪنديون آهن. تنهنڪري هاڻوڪي فيصلي تي ايترو خوش به نه ٿيڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته ڪورٽن ۾ وڃڻ کان پوءِ ڪجهه به ٿي سگهي ٿو ۽ ان امڪان کي رد نه ڪرڻ گهرجي ته هڪ ڀيرو وري پي ٽي آءِ کي ڪورٽن وسيلي صادق ۽ امين قرار ڏنو ويندو.
پر ڇا هن ملڪ جي اڇي ڪاري جون مالڪ ڌريون اڃا به اهو تماشو جاري رکڻ ٿيون چاهين؟ اهي سياستدانن کي بدنام ڪري سياسي اخلاقيات کي تباهه ڪري عوام جي دلين ۾ ان احساس کي وڌيڪ پڪو ڪرڻ ٿيون چاهين ته سياست ئي ملڪ کي تباهه ڪيو آهي ۽ سياستدانن جهڙي خراب مخلوق هن ملڪ ۾ ٻي ڪابه ناهي. سياسي ماحول ۽ سياست کي گندو ڪرڻ ۾ سڀ کان اهم ڪردار پي ٽي آءِ ادا ڪيو آهي. پر اهو طئي آهي ته ملڪ جي هر بحران جو حل سياستدانن کان سواءِ ڪنهن وٽ ناهي. سياستدان به اهي جيڪي واقعي به سياست کي سياست سمجهن ٿا. اهي عمران خان نيازي وانگر فاشسٽ نه هجن ۽ نه ئي پنهنجن ذاتي مفادن خاطر جمهوريت جو راڳ آلاپيندا هجن. هيستائين ملڪ ۾ جيڪي به بحران آمرن پيدا ڪيا آهن يا اسٽيبلشمينٽ پيدا ڪيا آهن، انهن کي حل وري به سياستدانن ڪيو آهي. جيتوڻيڪ ملڪ ۾ سياسي آزادي نالي ماتر آهي ۽ جڏهن به ڪا سياسي پارٽي اقتدار سنڀاليندي آهي ته ان جا هٿ ئي ٻڌا ويندا آهن ته جيئن اها آزاديءَ سان فيصلو نه ڪري سگهي ۽ اسٽيبلشمينٽ سدائين ڪنهن نه ڪنهن سياسي پراجيڪٽ تي ڪم ڪندي ڪا نئين سياسي پراڊڪٽ پيدا ڪندي رهندي آهي، جيئن تازو اسان کي پي ٽي آءِ جي پراڊڪٽ ڏني وئي آهي.
تنهنڪري پي ٽي آءِ خلاف جيڪا به ڪارروائي ڪرڻي آهي، اهو عمل سويلين حڪومت کي ڪرڻ گهرجي. ان خلاف جيڪو به قانوني يا آئيني رستو آهي، ان تي حڪومت ڪم ڪري ۽ پي ٽي آءِ کي به جيڪي ڪجهه ڪرڻو آهي سو قانون جي دائري ۾ رهي ڪري سگهي ٿي، پر عمران خان نيازيءَ کي مليل اجائي ڇوٽ هن ملڪ لاءِ وڌيڪ خطرناڪ ٿي سگهي ٿي. تنهنڪري اهي قانون ۽ قاعدا جيڪي ٻين سياستدانن تي لاڳو ٿيندا رهيا آهن، هاڻ اهي عمران خان نيازيءَ تي به لاڳو ٿيڻ گهرجن ته جيئن کيس قانون جي حڪمرانيءَ جو احساس ٿئي، جنهن لاءِ هو سدائين رڙيون ڪندو رهيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button