ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڪراچي ۽ حيدرآباد جو انفرااسٽرڪچر

Editorial

ٽائون پلاننگ ڪنهن به مهذب سماج ۾ هڪ اهم ترين شعبو آهي، ڇاڪاڻ ته ٽائون پلاننگ کان سواءِ شهرن کي ڪنهن به ريت رهڻ لائق نٿو بڻائي سگهجي. جن شهرن جي ٽائون پلاننگ بهتر هوندي آهي، اتي عوام لاءِ مسئلا به گهٽ پيدا ٿيندا آهن ۽ ان کان سواءِ قدرتي آفتن وقت به شهرن ۾ معمول واري زندگي گهٽ متاثر ٿيندي آهي ۽ ماڻهو پنهنجن ڪمن ڪارين ۾ لڳا پيا هوندا آهن. پر اسان وٽ شهرن جي حالت ايتري ته خراب آهي جو جڏهن برسات وسندي آهي ته عوام جي زندگي سخت متاثر ٿيندي آهي ۽ ان کان سواءِ جيڪي به ڪاروهنوار آهن، انهن کي ڪرڻ ۾ سخت رنڊڪون اچي وينديون آهن. تنهنڪري شهرن جو انفرااسٽرڪچر بهتر ڪرڻ لازمي هوندو آهي. اهو تڏهن ٿي سگهي ٿو جڏهن شهرن جو ڊرينيج سسٽم بهتر هجي، روڊ رستا سٺا ٺهيل هجن، فوٽ پاٿن تي ماڻهن جي هلڻ لاءِ جاءِ هجي ۽ ڪٿي به ڪا ڪچي آبادي يا وري ڳتيل آبادي نه هجي. پر سنڌ جي شهرن جي حالت اها آهي جو جتي به ڪو زمين جو ٽڪرو ڪنهن بلڊر کي نظر ايندو آهي ته اهو بنا ڪنهن پلاننگ جي اتي ڪو پلازه يا شاپنگ مال اڏي ڇڏيندو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ شهر هاڻ رهڻ لائق ئي ڪونه رهيا آهن. پر سنڌ حڪومت کي ان پاسي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. هر شهر لاءِ ڪروڙين ۽ اربين روپين جون بجيٽون منظور ڪيون وينديون آهن پر اهي ڪٿي ٿيون خرچ ٿين، اهو عوام کي نظر ڪونه ايندو آهي.
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان خواجا اظهار جي اڳواڻي ۾ ايم ڪيو ايم جي 17 رڪني وفد وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ تازين برساتن سبب تباهه ٿيل انفرااسٽرڪچر جي مرمت ۽ بحالي بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفد جي ٻين ميمبرن ۾ جاويد حنيف، محمد حسين، حامد الظفر، راشد خلجي، عديل شهزاد ۽ ٻيا شامل هئا. اجلاس ۾ صوبائي وزيرن شرجيل ميمڻ، ناصر شاهه، سعيد غني، مرتضيٰ وهاب ۽ وقار مهدي پڻ شرڪت ڪئي. ايم ڪيو ايم اڳواڻ خواجا اظهار وڏي وزير کي ٻڌايو ته تيز برساتن سبب ڪراچي ۽ حيدرآباد جو انفرااسٽرڪچر گهڻو متاثر ٿيو آهي، روڊن تي کڏا بڻجي ويا آهن ۽ نيڪال جي لائينن کي سخت نقصان پهتو آهي. خواجا اظهار جو چوڻ هو ته نيڪال جي لائين جو ٽٽل هئڻ سبب ڪراچي ۽ حيدرآباد ٻنهي شهرن ۾ ٽريفڪ جي رواني مسئلو بڻجي وئي آهي، جنهن سبب ٽريفڪ جام ٿيڻ روز جو معمول بڻجي ويو آهي. وڏي وزير ايم ڪيو ايم جي وفد کي ٻڌايو ته سندس حڪومت شهر جي روڊن ۽ نيڪال سسٽم جي مرمت ۽ بحاليءَ لاءِ 5 ارب رپيا اڳواٽ ئي مختص ڪيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته ڪابينا شهر ۾ تازو شروع ڪيل ستين پيپلز بس سروس جي روٽ سان گڏ خراب ٿيل روڊ ۽ نيڪال لائينن جي مرمت لاءِ وڌيڪ 1 ڏهائي 5 ارب رپين جي منظوري ڏني. مراد علي شاهه چيو ته اسيمبلي حيدرآباد جي روڊن جي مرمت لاءِ الڳ بجيٽ پڻ منظور ڪئي آهي. هن دوري تي آيل وفد کي يقين ڏياريو ته ٻنهي شهرن ۾ جلد مرمت ۽ سار سنڀال جو ڪم شروع ڪيو ويندو. وڏي وزير چيو ته هن شهر سميت سمورن ڊپٽي ڪمشنرن کي هدايت ڪئي آهي ته هو تيز برساتن سبب ٿيل جاني ۽ مالي، گهرن ۽ فصلن کي ٿيل نقصان جو جائزو وٺن ته جيئن ماڻهن جي مدد لاءِ ضروري قدم کنيا وڃن. ڪراچي ۽ حيدرآباد انتظامي طور وڏي وقت تائين ايم ڪيو ايم وٽ رهيا آهن پر هن وقت تائين جيڪا حالت ٻنهي شهرن جي ڪئي وئي آهي، ان ۾ ايم ڪيو ايم جو وڏو هٿ آهي. ٻئي شهر برساتن سبب متاثر ٿيندا آهن ۽ انهن ڊرينيج نظام به ڪم ڇڏي ويندو آهي. ان جو هڪ اهم ترين سبب حددخليون آهن. ڪراچيءَ ۾ حددخليون ٻين شهرن جي ڀيٽ ۾ ڪجهه وڌيڪ آهن. تنهنڪري اتي مسئلا به وڌيڪ ٿين ٿا. ايم ڪيو ايم جي ناظمي واري دور ۾ چائنا ڪٽنگ وسيلي جيڪي ڪجهه ڪراچيءَ ۾ ڪيو ويو، اهو ڪنهن کان ڳجهو ڪونهي. پر ايم ڪيو ايم سوڌو سنڌ حڪومت جي به ذميواري آهي ته اها سنڌ جي ٻن وڏن شهرن سوڌو ٻين شهرن جو انفرااسٽرڪچر به بهتر ڪري ته جيئن عوام لاءِ پريشانيون گهٽجي سگهن.
اسين سمجهون ٿا ته شهرن جي حالت رڳو شڪايتون ڪرڻ سان بهتر ڪونه ٿينديون پر ذميواريون نڀائڻ سان بهتر ٿينديون. قبضا ختم ڪرائڻ سان بهتر ٿينديون. جڏهن ڪراچي ۽ حيدرآباد مان قبضا ڇڏائي شهر اصل حالت ۾ بحال ڪيا ويندا، تڏهن شهرن کي برساتن دوران ٻڏڻ کان بچائي سگهبو ۽ ماڻهن جي رهڻ لائق بڻائي سگهبو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button