رانديون

رانديگرن کي سهولتون ڏيڻ بدران روزگار بھ کسيو ويو: انعام بٽ

ريسلنگ ۾ پاڪستان کي چاندي جو ميڊل کٽي ڏيندڙ ريسلر انعام بٽ چيو آهي تُھ رانديگرن کي سهولتون ڏيڻ تھ پري رهيو، پر انهن کان روزگار بھ کسيو ويو آهي. ڪامن ويلٿ گيمز ۾ ميڊل کٽڻ بعد ايڪسپريس سان ڳالهائيندي هن جو چوڻ هو تھ دنيا ۾ راندين تي سيڙپڪاري ڪئي ويندي آهي، اهي اڳتي نڪري رهيا آهن، پر اسان رڳو پوئتي وڃي رهيا آهيون. هن چيو تھ ڀارتي ايٿليٽس جي جيتري بجيٽ رکي ويندي آهي، پاڪستان ۾ ان جو تصور ناهي. هن چيو تھ گولڊ ميڊل ماڻڻ لا جديد سهولتن جو هجڻ لازمي آهي، هر ڀيري پرڏيهه ۾ ٽريننگ جو چوندو آهيان، جيڪا هن ڀيري بھ نھ ٿي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button