مون کي ترڪيءَ ۾ رهندي ٻيو سال هلي رهيو آهي پر گذريل سال ڪووڊ جي ڪري سڄي دنيا ۾ خوف ۽ حراس پکڙيل هو. تنهنڪري عيد به باقي عام ڏينهن وانگر لڳي رهي هئي پر هن ڀيري ڪجهه نئون ۽ پرسڪون ماحول محسوس ٿي رهيو هو. جيئن ته 9 جولاءِ 2022ع تي هر هنڌ عيد جو اعلان ٿيو ۽ سعوديءَ سان گڏ ترڪيءَ ۾ به عيدالاضحيٰ ملهائي وئي.
پاڪستان ۾ جڏهن ٻاڪري عيد اچڻ واري هوندي آهي ته سڀ ماڻهو جانور جي ڳولا ۾ لڳل هوندا آهن ۽ ٻار گهٽين ۾ پنهنجا جانور کڻي گهمائيندا ۽ خوش پيا ٿيندا آهن ۽ ڌڻ جا مالڪ وري پنهنجن ڍڳن، ٻڪرن ۽ گهيٽن کي ميندي لڳائي سهڻو ڪري پيش ڪندا آهن ته ڪي وري انهن کي مختلف قسم جي زيورن سان به سجائيندا آهن. پر هتي اهڙو ڪن ڪن جاين تي نظر اچي رهيو هو ۽ لائين سان ڍڳا ۽ گهيٽا بيٺل هئا ۽ وڌيڪ وري استنبول کان 4 ڪلاڪ پري جي ڳوٺن ۾ به منڊيون موجود هيون. هتي ٻڪرا گهٽ انگ ۾ هوندا آهن. ڪجهه ڳوٺ آهن، جتي ٻڪرا موجود هوندا آهن. ٻڪرا گهيٽن کان اگهه ۾ به وڌيڪ هوندا آهن. هتان جا ماڻهو شوق سان وڏو گوشت کائيندا آهن، هتي ننڍي گوشت کي (Kuzu) چوندا آهن. ان ۾ گهيٽي ۽ ٻڪري جو گوشت شامل هوندو آهي. ان کان سواءِ وڏي جي گوشت کي (Dana) چوندا آهن. جڏهن ته ڪڪڙ جي گوشت کي Tavauk چيو ويندو آهي.
هتي جانور قربان ڪرڻ جون ڪجهه خاص جايون آهن ۽ هڪ گرين نالي مشين آهي جنهن ذريعي جانور قربان ڪيو ويندو آهي. هن سال جڏهن اسان جو جانور قرباني واري جڳهه تي پهتو ته قرباني ڪرڻ واري ٻڌايو ته هيءَ اوهان جو ٻارهون جانور آهي. جانور کي اُبتو ٽنگيو ويو ۽ ان کي بيهوش ڪري پوءِ ذبح ڪيو ويو. ڪجهه ماڻهن جو چوڻ هو ته اهو ٺيڪ آهي. پاڪستان ۾ جڏهن به قرباني ڪئي ويندي آهي ته هر ماڻهو پنهنجي گهر جي آڏو پنهنجو جانور ڪهرائيندا آهن ۽ سڄي گهٽي توڙي روڊ رستا گندگيءَ سان ڀرجي ويندا آهن ۽ هر جڳهه جانورن جو گند ڪچرو ۽ رت موجود هوندو آهي. ان کان سواءِ ڪجهه ماڻهو گهر ۾ بچيل گاهه به روڊ تي ڦٽي ڪري ڇڏيندا آهن.
هتي اهڙو ڪوبه مسئلو ئي ناهي بلڪه اسان کي خبر ئي نه پئي ته هيءَ ڪا عيدالاضحيٰ آهي، سڀني ماڻهن پنهنجو جانور کڻي قربان گاهه تي پهچايا ۽ گوشت جون پتيون کڻي پئي ويا. ٺيڪ اهڙي ريت ڪجهه حصو غريبن کي ڪجهه عزيز ۽ دوستن کي ۽ ڪجهه گهر لاءِ هو.
هتي ماڻهو پنهنجو پنهنجو گوشت کڻي پارڪن ۾ تڪا ٻوٽي ڪندي نظر ايندا آهن ۽ پارڪن ۾ باقاعده ڪجهه جايون ٺهيل آهن، جتي اوهان ڪوئلا ٻاري آرام سان گوشت پچائي سگهو ٿا. ڪجهه ماڻهو انهن پارڪن ۾ ڪيمپ هڻي به ويهي رهندا آهن ۽ سڄي رات گذاري صبح جو پنهنجن گهرن ڏانهن روانا ٿيندا آهن. هتي ٻار جهولن ۾ راند رهندي ۽ خوشگوار موڊ ۾ نظر ايندا آهن ۽ مرد وري ترڪش قهوو ٺاهڻ ۾ لڳا پيا هوندا آهن. ڪجهه مرد وري شيشو، جنهن کي هتي (Nargily) چيو ويندو آهي، اهو پيئندا آهن ۽ جڏهن ڪي ٻاهرين ملڪ جا ماڻهو ڪا خريداري ڪندا آهن ته هرڪو اهو سوچيندو آهي ته هيءَ ماڻهو هتان جو شهري ناهي تنهنڪري انهن کي اگهه به گهڻو ٻڌايو ويندو آهي. اهڙي ريت اسان سان به ائين ئي ٿيو.
جيڪو گهيٽو 25000 ترڪي ليرا جو هو اهو هن اسان کي 50000 جو چيو پئي ۽ اسان گهٽ ڪرائيندي 30000 تائين آياسين. اسان قربانيءَ لاءِ جانور وٺي ڇڏيو، ڇو ته مارڪيٽ جو اگهه به اهو هلي رهيو هو. هڪ ٻي ڳالهه اها ته جڏهن اسين گهيٽو وٺڻ وياسين ته سڀئي گهيٽا آزاد هڪ جڳهه تي گهمي رهيا هئا. اهي ڪنهن رسي يا زنجير سان ٻڌل نه هئا. انهن جي مالڪ ٻڌايو ته اهي ڪڏهن به رسي ۾ نه هوندا آهن، اهي آزاد گهمندا ڦرندا آهن. مون لاءِ اها هڪ نئين ۽ زبردست ڳالهه هئي، ڇو ته مون اڄ تائين اهڙيون شيون ناهن ڏٺيون.
جڏهن ترڪيءَ ۾ ڪوبه تهوار، وڏو ڏينهن يا وري ڪو جشن جو ڏينهن هوندو آهي ته (Metro) جي ڪابه قيمت ناهي لڳندي. هتي بند ٽرين ۾ سفر ڪرڻ لاءِ (Metro) جنهن ۾ اسان پئسا هڪ مشين ذريعي وجهندا آهيون. هڪ رائيڊ يعني هڪ پاسي وڃڻ جا Central Metro ۾12 ڏهائي 11 ليرا لڳندا آهن. جيڪڏهن اسان شيرين ايولار کان فلوريه اچون ٿا ته ايترا پئسا لڳندا ۽ جيڪڏهن ڪو شاگرد آهي ته هن لاءِ اها قيمت گهٽ آهي. جيڪڏهن اوهان مهيني جو پيڪيج ڪرائيندا ته 170 ترڪي ليرا ۽ جيڪڏهن ائين ئي پئسا ڪارڊ ۾ (Save) ڪندا ته هڪ رائيڊ جا 3 ڏهائي 4 ترڪي ليرا ٿيندا آهن.
عيد هجي يا ڪو ٻيو ڏهاڙو، اوهين جيئن مشين تي ڪارڊ رکندا ته لکجي ويندو آهي. اجرت يوڪ معنيٰ Free، اهڙي ريت هڪ اخبار ۾ اها رپورٽ شايع ٿي هئي ته ترڪي سرڪار هڪڙي ڏينهن ۾ 80000 تائين رائيڊون فري ڪيون. جيڪڏهن 80000 لک کي 1211 سان ضرب ڏجي 9 ڪروڙ سٺ لک پئسا ٿين ٿا.
ڏسجي ته ٻه ڏينهن ٻيا به ان کان وڌيڪ يا ان جيتريون ئي رائيڊون هونديون ته حڪومت پنهنجن شهرين کي ڪيڏي سهولت ڏئي ويٺي آهي. جولاءِ ۾ چار ڏهاڙا اهڙا به آيا جنهن ۾ ڪڏهن اسپورٽس ڊي ڪڏهن، 15 جولاءِ جو ڏهاڙو هو. انهن سڀني ڏينهن ۾ ٽرانسپورٽ فري هئي. جيڪڏهن ترڪيءَ جي پاڪستان يا انڊيا سان ڀيٽ ڪريون ته اسان جي ۽ هنن جي ڪلچر ۾ الاهي فرق آهي. ترڪيءَ ۾ پاڪستان ۽ انڊيا وانگر عيدگاهن ۾ نماز ناهي پڙهائي ويندي بلڪه هتي نماز مسجد ۾ ئي پڙهائي ويندي آهي. هتي عيد نماز کان پوءِ ڀاڪر پائي ملڻ جو رواج ناهي بلڪه ترڪ پنهنجي وڏن جو ساڄو هٿ جهلي ان کي چمندا آهن. هتي پاڪستان وانگر شيون، حلوه وغيره ناهي پچندو بلڪه هتي بازار مان مٺائي ، ترڪش ناشتو، ترڪش کاڌو، ترڪش ڪافي، ترڪش قهوو، ترڪش چانهه، وغيره هڪ مخصوص ڊش جيڪا موجود آهي، اها سرما ۽ اها انگور ۽ چانورن سان ٺاهي ويندي آهي. اهي سلاد جا وڏا ساوا پن هوندا آهن، انهن ۾ انگور جو رس وجهي رکيو ويندو آهي ۽ چانور ڀري رول ڪري رکيو ويندو آهي. هتي ٻارن کي خرچي نه ڏيندا آهن. پر هتان جي ٻارن کي وڌيڪ ٽافين جو شوق هوندو آهي ۽ ٻار ٽافيون گڏ ڪندي نظر ايندا آهن. هتي عيد کي (Byramlar) چيو ويندو آهي ۽ بس، ٽرين هر جڳهه (Multo Bayramlar) لکيل نظر ايندو آهي ۽ هتان جا ماڻهو پنهنجي ڪلچر ۽ ٻوليءَ کي ڏاڍي اهميت ڏيندا آهن ۽ ملڪ هر صوبي ۾ هر شهر جو رهڻ ٿورو الڳ آهي. ٺيڪ اهڙي ريت هتان جي ڳوٺن جا ماڻهو به انهي طرز تي زندگي گذاريندا آهن پر اهي پراڻين رسمن سان پڻ نڀائيندا اچن. ڪافي ماڻهو استنبول مان وڃي ڳوٺن ۾ عيد ڪرڻ کي بهتر سمجهندا آهن.