200 معاشي ماهرن جي ٽيم رکڻ جي دعويٰ ڪندڙ عمران خان ۽ آصف زرداري ۽ شريف ڀائرن جي متبادل طور پيش ڪيل عمران خان نه ئي اسٽيبلشمينٽ سان هڪ پيج تي آهي، نڪي وري واڳ ڌڻين جي ڊارلنگ رهيو آهي. عمران خان کي هڪ ڊگهي ايجنڊا تحت سبق سيکارڻ جي حڪمت عمليءَ تي عمل ٿي رهيو آهي. هيءَ ساڳيو شخص هو، جنهن تي اسٽيبلشمينٽ کي “ناز” هو ته هنن کي سياسي خاندانن جو متبادل ملي ويو آهي، جنهن کي ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ ڄاتو ۽ سڃاتو وڃي ٿو. ان کان اڳ هن تي ڪيترن ئي آمرن به سياسي سيڙپ ڪئي. هن جي ڪيترن ئي معاملن ۾ سهولت ڪاري ڪئي وئي. اهي جيڪي عمران خان جي ماضي کان واقف آهن، اهي ٻڌائين ٿا ته هن کي سدائين سيليبريٽي قرار ڏنو ويو ۽ اها اميد لڳائي وئي ته مستقبل ۾ هو اهم مهري طور ڪردار ادا ڪندو. نوي جي ڏهاڪي ڌاري، هانگ ڪانگ کان شايع ٿيندڙ رسالي “ايشيا ويڪ” ايشن ليڊرز جي حوالي سان جتي ٿائيلينڊ جي مسٽر ڪنڊوم کي گريٽ ايشن قرار ڏنو هو، اتي عمران خان کي سنگل ڪالم ۾ مستقبل جي اهڙي اڳواڻ طور لکيو هو، جنهن ۾ حڪمران ٿيڻ جي سگهه يا Potential آهي. هاڻ ماضي جي سمورن خوابن ۽ خيالن کي رڃ قرار ڏنو ويو آهي.
ماضي ۾ جن اڳواڻن ۽ سياسي پارٽين تي پابنديون لڳرايون ويون، انهن کي سٺو عمل قرار نه ڏنو ويو. ساڳي سوچ کي سامهون رکجي ته هاڻ به اهو عمل بهتر ٿي نٿو سگهجي. قانون مطابق عمران خان ڪيتريون ئي ڀڃڪڙيون ڪيون آهن، ان تي ٻه رايا ناهن، هن پارٽيءَ کي سياسي انداز سان هلائڻ بدران cult طور هلائڻ جي ڪوشش ڪئي. هن کي پلصراط تان پار ڪرائڻ لاءِ واڳ ڌڻين تمام گهڻيون ڪوششون ڪيون. ان جي باوجود هو گهربل اڪثريت سان پارليامينٽ ۾ اچي نه سگهيو. ان جي باوجود هن کي بيساکين ذريعي ليڊر بنائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر ناڪامي ٿي. هو سياسي ليڊر ٿيڻ بدران توهم پرست cult leader بڻجي سامهون آيو. جيتوڻيڪ هو آڪسفورڊ مان تعليم پرائي آيو هو، ان ڪري هن روشن خيال هجڻ گهرجي ها. پهرين هن جي ذهن ۾ انگريزن خلاف نفرت هئي، جنهن کي هو مسٽر برائون سڏيندو هو. ان جي ابتڙ هن شادي به مسٽر برائون جي ڌيءَ سان ڪئي. صبح شام هو يهودين خلاف ڳالهائيندو رهيو ۽ فارين فنڊنگ ڪيس ۾ سڀني ڏٺو ته هن انهن کان به پيسا ته خيرات جي نالي تي ورتا، پر خرچ سياسي مقصدن لاءِ ڪيو. هي عمران خان جو پنهنجي ئي ذات ۾ تضاد آهي. هاڻ به هو تضادن جو شڪار آهي، کيس درست سياسي دڳ نظر نٿو اچي.
جنهن قسم جو دٻاءُ هينئر پي ٽي آءِ سان گڏ عمران خان تي نظر اچي رهيو آهي، اهو معمولي نوعيت جو ناهي. اهو تاثر به ڏنو پيو وڃي ته ملڪ جي عدليا ۽ عسڪري هائوس ۾ هن لاءِ نرم گوشو آهي، اهي کيس ريسڪيو ڪري وٺندا، پر ايترو آسان نظر نٿو اچي. عمران خان جيڪي سياسي Moves ڪري رهيو آهي، اهي ڪنهن به صورت ۾ هاڪاري ناهن. ان سان هي پارٽي بحران مان نڪرڻ بدران سياسي ڌٻڻ ۾ وڌيڪ ڦاسي رهي آهي. اسٽيبلشمينٽ اهڙي چور گپ آهي، جنهن مان نڪرڻ بدران ان ۾ ڦاسي رهيو آهي. هڪ طرف عمران خان کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن، هن جي نااهل ٿيڻ جو گهڻو خطرو موجود آهي. هن جا مخالف به چاهين ٿا ته جيئن عمران خان ميان نواز شريف ۽ ان جي پارٽيءَ کي نشانو بنجڻ وقت، سلطاني شاهد جهڙو ڪردار ادا ڪيو هو، هو به ان جو ساڳيو حشر ڪندا. شريف خاندان سان جيڪو ڪجهه عمران خان ڪيو، ان کي سياسي ڏاڍ، حسد ۽ ساڙ قرار ڏنو ويو. هاڻ ميان نواز شريف پنهنجي پارٽي ۽ اتحادين اڳيان واضح ڪيو آهي ته عمران خان جو حشر اهڙو ئي ٿيڻ گهرجي، جهڙو ڪردار هن جو ٿيندو رهيو آهي. هونئن ته سموريون سياسي پارٽيون واڳ ڌڻين جي در جون مٽيون ڀرينديون رهيون آهن، پر هر ڀيري نتيجو ساڳيو ئي نڪري رهيو آهي. واڳ ڌڻين جو سياستدانن خلاف ڪردار ڪنهن آئيني جيان صاف ۽ شفاف آهي، پر ان جي باوجود سياستدانن، واڳ ڌڻين جي سهولت ڪاري ڪئي آهي. ساڳي انداز سان واڳ ڌڻي به سياستدانن جي سهولت ڪاري ڪندا رهيا آهن. اڳ ۾ عمران خان لاڦون هڻندو هو. هن جي پارٽي ۽ واڳ ڌڻي جيترا هينئر هڪ پيج تي آهن، ملڪ جي تاريخ ۾ ائين ڪڏهن به نه ٿيو آهي. جڏهن عظيم گهوڙيسوار سموري دنيا جي اڳواڻن کي عمران خان جي مدد لاءِ چوندو هو ته هي خوش ٿيندا هئا ۽ چوندا هئا ته فوجي ۽ سويلين قيادت کي گڏيل طور تي ملڪ جا مسئلا حل ڪرڻ گهرجن، پر هاڻ جڏهن ساڳيو ڪم موجوده حڪمرانن لاءِ ڪيو پيو وڃي ته شيخ رشيد کان وٺي عمران خان تائين سمورا ان کي پسنديده عمل قرار نٿا ڏين!
اهو طئي ٿيڻ گهرجي ته واڳ ڌڻين کي سويلين معاملن ۾ ڪيتري مداخلت جي اجازت هوندي. جيڪڏهن ان حوالي سان فريم ورڪ هوندو ته ڪو آڱر به نه کڻندو، پر واڳ ڌڻين جي ٽريجڊي هيءَ آهي ته هو اقتدار ۾ سڌي ريت هجن يا ڪنهن جي ڪلهي تي بندوق رکي هلائين، انهن جي ڳالهه فائنل سمجهي ويندي آهي. جيڪڏهن هو اليڪشن ڪميشن سان گڏجي چونڊ نتيجا پنهنجن پسند جي اميدوارن جي حق ۾ ظاهر ڪن ۽ انهن کي هٿرادو طريقي سان کٽرائي اقتدار جي ڪرسيءَ تي ويهارين ته ملڪ ۾ شايد ڪا اهڙي قوت هجي، جيڪا مزاحمت ڪري. ماضي قريب ۾ پهرين ميان نواز شريف،واڳ ڌڻين خلاف ڳالهائڻ شروع ڪيو. ان کانپوءِ عمران خان ۽ ان جي حامين سموريون حدون پار ڪري ڇڏيون آهن. ماضي ۾ ته فوجي بجيٽ تي ڪو پارليامينٽرينز تبصرو ڪرڻ لاءِ تيار نه هوندو هو، نڪي وري اها بجيٽ پارليامينٽ اڳيان بحث لاءِ رکي ويندي هئي، پر هاڻ ائين ناهي. هاڻ ته عالمي سطح تي فوج جي سياسي ڪردار ۽ دفاعي بجيٽ جي حوالي سان سوين هزارين صفحن تي ڪتاب لکيا ويا آهن. واشنگٽن کان وٺي اسلام آباد تائين واڳ ڌڻين جي والار کي لکت جو موضوع بڻايو ويو. ان حوالي سان ڊاڪٽر عائشه صديقي جي ڪتاب Military Inc. Inside Pakistan’s Military Economy جو نالو ته سڀني ٻڌو آهي، پر ان کان اڳ ذوالفقار علي ڀٽو جو ڪتاب به ان موضوع تي موجود هو. ان سان گڏ آمريڪي جارجيا يونيورسٽيءَ جي هڪ عورت اسسٽننٽ پروفيسر جا اهم ڪتاب ساڳي عنوان هيٺ آهن، پر انهن کي پڙهڻ کان روڪيو پيو وڃي.
فارين فنڊنگ ڪيس ۾ عمران خان جي خلاف ته اپائن جون تياريون ٿي رهيون آهن، پر ان دوران اهي به اطلاع آهن ته پي ٽي آءِ جا ڪجهه اڳواڻ سلطاني شاهد به ٿي سگهن ٿا. انهن مان ڪيترائي عمران خان جي خلاف نجي محفلن ۾ ڳالهائيندي ٻڌا ويا آهن. هيءَ صورتحال عمران خان کي گهڻو نقصان پهچائي سگهي ٿي. فواد چوڌري ۽ ٻيا ڀلي ماڊل ٽائون کان وٺي ٻيا ڪيس کولين پر ان سان وفاق کي جهڪائي ته نه سگهبو، پر جيڪڏهن چوڌري شجاعت پلان بي تي عمل ڪيو ته چوڌري پرويز الاهيءَ کي ته وڃائڻ لاءِ ڪجهه به نه هوندو، پر عمران خان جي پارٽي ابتي ڦاسي سگهي ٿي. هيءَ ويڙهه توڙي جو ظاهري طور ٻن پارٽين جي وچ هلندڙ آهي، پر ان پٺيان اهي ڌريون به نظر اچن ٿيون، جيڪي عمران خان مان مستقل بنيادن تي جان آجي ڪرائڻ گهرن ٿيون. ان ڳالهه جي خبر ته عمران خان کان وٺي فواد چوڌري تائين سڀني کي هوندي.جيڪي ڌمڪيون ڏين ٿا ته هو وفاقي وزيرن کي گرفتار ڪندا، انهن کي سمجهڻ گهرجي ته عمران خان به اسلام آباد ۾ رهي ٿو. هيءَ ويڙهه شروع ٿي وئي ته صورتحال 1990ع ۾ محترما بينظير ڀٽو ۽ ميان نواز شريف واري ٿي ويندي.
عمران خان جي صفن ۾ ڪيتريون ئي Faultlines آهن. اهي اڳواڻ جن ڏانهن اشارا ڪيا پيا وڃن ته اهي عمران خان جي نااهلي جي صورت ۾ فائدي ۾ وڃي سگهن ٿا. اهي هينئر کان پارٽيءَ جي قيادت سنڀالڻ يا وري اشاري ملڻ تي اڏري به سگهن ٿا. اهي جيڪي قومي اسيمبليءَ ۾ پ پ ۽ (ن) ليگ جي خلاف وڏيون وڏيون جذباتي تقريرون ڪندا هئا، اهي وري حڪومتي صفن ۾ بيهي عمران خان جي خلاف ڳالهائيندا. اهو سڀ ڪجهه هن ملڪ ۾ ٿيندو رهيو آهي.
پي ٽي آءِ جي حڪمت عملي ڪيتري sound آهي، ان جو اندازو عمران خان جي ان اعلان مان لڳائي سگهجي ٿو ته اليڪشن ڪميشن جن نون سيٽن تي ننڍي چونڊ جو اعلان ڪيو آهي، انهن تي هن اڪيلي سر سمورين سيٽن تي چونڊ وڙهڻ جو اعلان ڪيو آهي. ان مان پارٽي جي رينڪس ۾ هي پيغام ويندو ته هو ڪنهن ٻئي اڳواڻ تي يقين ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. جيڪڏهن عمران خان جي نامزدگي فارمن تي اعتراضن سامهون اچن ٿا ته اليڪشن ڪميشن اهي رد به ڪري سگهي ٿي. اها ڳالهه سمجهڻ لائق آهي ته عمران خان ذوالفقار علي ڀٽو ناهي، جيڪو جيترو پشاور ۾ مقبول هجي، اوترو هو ڪراچي ۽ پنڊي يا پنجاب ۾ هوندو. اهي خبرون به اچن پيون ته عمران خان رڳو ڪراچيءَ جي ٽن چئن سيٽن تان کٽي نٿو سگهي، ڇاڪاڻ ته اهو تاثر عام آهي ته اڳوڻيون اليڪشن آر ٽي ايس ذريعي کٽيون ويون، جيڪا سهولت هينئر ميسر ناهي. ان ڪري ان سان پي ٽي آءِ کي فائدو پهچڻ بدران وڌيڪ نقصان ٿي سگهي ٿو.