پاڪستان

13 آگسٽ تي قانون ٽوڙيو ويو ته 25 مئي کان به خراب حشر ٿيندو: گهرو وزير

فيصل آباد: وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته عمران نيازي جي پارٽي فوج خلاف مهم هلائي، جنهن سان ان جي ملڪ دشمني سامهون ٿي اچي، پي ٽي آءِ 13 آگسٽ تي قانون ٽوڙيو ته 25 مئي کان به خراب حشر ٿيندو. فيصل آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته سڄي قوم پاڪ فوج جي شهيدن سان گڏ بيٺي آهي، سڀني شهيدن کي سلام پيش ڪيون ٿا، فوج خلاف پروپئگنڊا ڪندڙ گمراهه آهن، اهڙي گندي مهم هلائيندڙن جي نشاندهي ٿي وئي آهي، عمران نيازي جي پارٽي فوج خلاف مهم هلائي، ان مهم سان انهن جي ملڪ دشمني سامهون آئي آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ سربراهه قوم کي ورهائي رهيو آهي، هو قوم کي گمراهه ڪري رهيو آهي، اليڪشن ڪميشن عمران خان جي پرڏيهي ايجنٽ طور سڃاڻپ ڪئي، اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کانپوءِ عمران خان جو دماغي توازن بگڙي ويو آهي، عمران خان کي نه روڪيو ويو ته اهو قوم کي ڪنهن حادثي ڏانهن وٺي ويندو. سندس چوڻ هو ته افغانستان ۾ ڊرون حملو ٿيو آهي، افغانستان ڪڏهن پاڪستان تي اهڙو الزام نه هنيو پر هي بدبخت پاڪستان ۾ رهندي پاڪستان تي الزام هڻي رهيو آهي، تحريڪ انصاف وارا 13 آگسٽ تي لياقت باغ يا پريڊ گرائونڊ ۾ جلسو ڪرڻ چاهين ٿا ته ڪن پر ياد رهي ته پي ٽي آءِ کي رڳو پرامن جلسي جي اجازت آهي، جيڪڏهن پي ٽي آءِ قانون ٽوڙيو ته انهن جو 25 مئي کان به خراب حشر ٿيندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button