ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڪربلا ۽ حق جو رستو

Editorial

اڄ سڄي ملڪ ۾ يومِِ عاشور روايتي عقيدت، احترام ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي. هي ڏهاڙو انساني تاريخ ۾ حق ۽ باطل وچ ۾ اهو فرق ظاهر ڪري ٿو، جنهن کي تا ابد حق جي سربلندي واري علامت طور ياد رکيو ويندو. نه فقط اسلامي پر سموري انساني تاريخ ۾ شهدا ڪربلا پنهنجي عظيم ۽ لافاني قرباني سان جيڪو درس ڇڏيو آهي، تنهن کي ڪوبه وساري نٿو سگهي. اهو درس حق ۽ سچ جي واٽ تي هلندي پنهنجو پاڻ کي قربان ڪرڻ جو آهي. بظاهر هڪ محدود اقليت هڪ تمام وڏي اڪثريت سان ڪربلا جي ڪارزار ۾ جيڪا جنگ ڪئي سا ان دين جي تحفظ لا هئي، جنهن کي سلامتي جو دين سڏيو وڃي ٿو. ان ويڙهه ۾ هڪ پاسي اهي هئا، جن پنهنجي زندگيءَ جي پرواهه ڪانه ڪئي ۽ ٻيا اهي هئا، جن پاڻ کي بچائڻ لاءِ ناحق ڪيو. ڪربلا جي شهيدن جي قرباني رڳو هڪ واقعي کي بيان نٿي ڪري پر اها سڄي عالم کي درس ڏئي ٿي ته حق لا ويڙهه ضروري آهي. مزاحمت ضروري آهي. نه رڳو پنهنجي حق لاءِ ويڙهه پر پوري انسان ذات جي حقن لاءِ ويڙهه ضروري آهي. اڄ جڏهن سموري مسلم دنيا جنهن ويڳاڻپ جو شڪار آهي، تنهن ۾ ڪربلا جي عظيم فڪر مان جيڪڏهن ڪجهه حاصل ڪيو وڃي ته ڪو سبب ناهي جو اسلامي دنيا پنهنجو اهو مقام ٻيهر حاصل ڪري وٺي جيڪو منجهس تيزي سان پکڙجندڙ دهشتگردي جي ڌنڌ ۾ اوجهل ٿيندو ٿو وڃي.
ڪربلا جي ميدان ۾ ڏنل قربانين اسان کي اهو سيکاريو آهي ته ڪهڙي ريت جڏهن ماڻهو حق تي بيهي رهي ٿو ته پو هو ان واٽ تان هٽڻ لا تيار نه هوندو آهي. ڇاڪاڻ ته ان کي خبر هوندي آهي ته هو جيڪڏهن پنهنجي حق لاءِ نٿو وڙهي سگهي ته پوءِ ان جو هجڻ اجايو آهي. ان فڪر جي آبياري صدين کان ٿيندي پئي اچي. اسان جي به اها ذميواري آهي ته حق لا آواز اٿاريون ۽ ظالم آڏو جهڪڻ بدران ظالم کي اهو ٻڌايون ته هو سچ چوڻ وارن کي ڪنهن به ريت جهڪائي نٿو سگهي. ڪنهن به ريت ان کي زوري آڻ مڃڻ تي مجبور نٿو ڪري سگهي. هي انسانيت جو درس آهي. اها ئي انسانيت جيڪا پاڻ ۾ ڳنڍيل آهي. هڪ مسلمان جو درد ٻئي مسلمان جو درد آهي. هڪ انسان جو درد ٻئي انسان جو درد آهي. ان درد کي محسوس ڪرڻ ۽ ان جو دارون ڪرڻ جي ضرورت آهي. اسان جو ملڪ به انهن ملڪن جي فهرست ۾ آهي، جتي زندگي کي فرقيوار سوچ مفلوج بڻائي ڇڏيو آهي ۽ اسان جا شهري ان باهه جي سيڪ ۾ مسلسل سڙي رهيا آهن. دنيا ۾ جتي جتي به حق لاءِ ويڙهه هلي رهي آهي، اها ان درس جو ئي تسلسل آهي، جيڪا اڄ کان سوين سال اڳ انسان ذات پرايو هو. هڪ پاسي اهو لشڪر هو، جنهن حق لاءِ وڙهندڙن جو پاڻي به بند ڪري ڇڏيو هو ۽ ٻئي پاسي اهي هئا، جن هر حال ۾ جدوجهد کي جاري رکيو ۽ پاڻ کي قربان ڪندا ويا.
اڄ جي سموري اسلامي دنيا ۾ ان سوال تي ويچارڻ جي ضرورت آهي ته ڇا اها ان هدايت تي عمل ڪري رهي آهي؟ جي نه ته پو اهو ڪيئن ممڪن آهي ته اسين امن ۽ سلامتي سان اهو سڀڪجهه حاصل ڪري سگهنداسين، جنهن تي عمل ڪرڻ جي صورت ۾ اسان کي دنيا توڙي آخرت ۾ سرخرو ٿيڻ جي يقيني بشارت مليل آهي. اسان کي ويچارڻو پوندو ته آخر اسين ان واٽ تان ڪهڙي موڙ تان ٿڙيا آهيون، جيڪا بقا جي واٽ آهي ۽ هي ڏينهن اسان کي اهو سڀڪجهه ياد ڏيارڻ ۽ پنهنجي عمل ۽ فڪر جو پاڻ احتساب ڪندي، ان کي حق سان سلهاڙڻ ۽ همڪنار ڪرڻ جو درس ڏئي ٿو. هي اهو ڏينهن آهي، جيڪو اسان کي اهو به سيکاري ٿو ته ڪڏهن به باطل جي ظاهري طاقت کان مرعوب ٿي سچ جي واٽ ناهي ڇڏڻي. ڪنهن به ڏاڍي جي اڳيان هٿيار ڦٽا ناهن ڪرڻا ۽ نه ئي پنهنجو پاڻ کي هيڻو ڏيکارڻو آهي، پر ان جي آڏو پاڻ کي حوصلي مند ڏيکارڻو آهي. ان کي اهو ٻڌائڻو آهي ته اصل سوڀ حق جي ئي ٿيڻي آهي. اسان کي زوال کان بچڻو آهي ته پوءِ ان ويساهه جي واٽ وٺڻي پوندي، جيڪو ويساهه ڪربلا جي سرزمين ۾ شهدا ڪربلا پنهنجي قرباني سان قائم ڪيو. هي ئي اهو وقت آهي جنهن ۾ سڄي اسلامي دنيا کي هاڻ پنهنجون اکيون کولي پاڻ ۾ اعتماد پيدا ڪندي وڇوٽيون ختم ڪرڻ لا اڳيان اچڻ گهرجي. جيڪو نه رڳو عالمِ اسلام بلڪه سموري عالم لا سٺو سنئوڻ ثابت ٿيندو، جنهن وسيلي سموري انسان ذات کي انهي ڳالهه جو احساس پڻ ڏياري سگهجي ٿو ته اها ڪنهن به ريت هڪٻئي کان ڌار ناهي، بلڪه حق ۽ سچ جي واٽ تي هلڻ چاهي ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button