سنڌ

تذليل جو شڪار خاندان ميڙ اچڻ تي جوابدارن کي معاف ڪري ڇڏيو

رهڙڪي مندر جي ياترا لا ويندڙ سانگهڙ واسي هندو ڪٽنب تي ميرپورماٿيلو ۾ قومي شاهراهه تي ڊاڪٽر شمشير پتافي جي اڳواڻي ۾ تشدد ڪري ڪار سوار اجي ڪمار ۽ سندس ڪٽنب جي عورتن مٿان وحشياڻو تشدد ڪري سندن تذليل ڪرڻ وارو معاملي تي پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو. جڏهن ته سوشل ميڊيا تي معاملو وائرل ٿيڻ کانپو پوليس تي دٻا بعد صوبائي وزير عبدالباري پتافي تشدد ۾ ملوث مک جوابدار شمشير پتافي جي وارثن کي ساڻ ڪري رهڙڪي مندر ۾ سنت ساڌرام وٽ پهتو، جتي تشدد جو شڪار ٿيل خاندان رهيل هو، اتي ميڙ وٺي پهتل پتافي برادري جي ماڻهن ۽ وارثن ڏوهه جو اعتراف ڪندي متاثر خاندان کان معافي طلب ڪئي، جنهن تي سنت ساڌ رام ۽ هندو برادري جي ماڻهن ميڙ منٿ ٿي آيل صوبائي وزير عبدالباري پتافي ۽ سندس مائٽن کي مان ڏيندي شمشير پتافي ۽ ٻين ملوث جوابدارن کي معاف ڪري ڇڏيو، جنهن کانپو ڌريون کير کنڊ ٿي ويون. ان موقعي تي صوبائي وزير عبدالباري پتافي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڊاڪٽر شمشير پتافي جو عمل انتهائي غلط هو، جنهن تي دلي ڏک پهتو آهي،

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button