سنڌ

شمع گل جي ماتم ۾ پيهه،ساهه ٻوساٽجڻ سبب 6 عزادار فوت،200 بيهوش

روهڙي ۾ ساڍا چار سئو سالا قديمي ڪربلا معلي جي تعزيي کي ڪلهو ڏيڻ جي ڪوشش ۾ گرمي، حبس ۽ رش ۾ ساهه ٻوساٽجڻ سبب ٻن سڳن ڀائرن سميت 6 عزادار فوت ۽ 2 سئو کان وڌيڪ عزادار بيهوش ۽ زخمي ٿي پيا، جن کي ايڌي ۽ اسڪائوٽ جي رضاڪارن اسپتال پهچايو. لاش اباڻي علائقن ڏانهن نيا ويا. تفصيل موجب روهڙي ۾ 9 محرم جي صبح 4 وڳي شمع گل جي تاريخي رسم ۽ برآمد ٿيندڙ ساڍا چار سئو سالا قديمي ڪربلا معلي ۾ شرڪت ۽ ڪلهو ڏيڻ جي ڪوشش ۾ گرمي ۽ رش ۾ ساهه ٻوساٽجڻ سبب ڪشمور جو رهواسي دل شير پٽ مور زادو، گهوٽڪي جو ڪامران علي پٽ محمد اسلم، ميرو خان جو حاڪم علي پٽ سردار وسير، لوڪل بورڊ سکر جو حسن پٺاڻ سميت ٻه هالاڻي جا سڳا ڀائر منصور ۽ ذوالفقار پٽ بشير سولنگي فوت ٿي ويا ۽ 2 سئو کان وڌيڪ عزادار بيهوش ۽ زخمي ٿي پيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button