سنڌ

امام حسين رضه جي قرباني ظلم خلاف بيهڻ جو درس ڏئي ٿي:بلاول ڀٽو

پاڪستان پيپلز پارٽِي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪربلا جو واقعو اسان کي ظلم جي خلاف ڄمي بيهڻ ۽ عظيم مقصدن لاءِ وڏي کان وڏي قرباني ڏيڻ جو درس ڏي ٿو. حضرت امام حسين رضه جي قرباني اسان کي اهو به سبق ڏي ٿي ته جيڪي قومون ۽ معاشرا حق تي ڄمي بيهن ٿا، باطل انهن اڳيان بيهي نٿو سگهي. ميڊيا سيل بلاول هائوس پاران جاري ڪيل پنهنجي هڪ پيغام ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته حضرت امام حسين ۽ سندن 72 جانثارن ۽ ساٿين جي قرباني قيامت تائين انسانن لاءِ مشعل راهه آهي. اهلبيت جي اڃ ۽ ڪربلا جي سرزمين جي معصوم شهيدن جو ڏک قيامت تائين هڪ اهڙو الميو آهي، جنهن جو غم اڄ به انهيءَ شدت سان محسوس ٿي رهيو آهي، جيڪا شدت پهرين ڏينهن هئي. ڪربلا ۾ حضرت حسين رضه حق جو علم بلند ڪيو. هڪ اهڙو جرئت منداڻو عمل آهي، جيڪو پوري انسانيت کي باطل جي خلاف جدوجهد لاءِ جوڙي ٿو. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته حضرت حسين ڪوڙ، تشدد جي خلاف ڄمي دين اسلام جي اصل پيغام کي عام ڪيو. هن وقت اسان کي شهيدن جي پيغام کي عام ڪرڻ ۽ شهيدن جي حق سچ واري رهنمائي وٺڻ جي ضرورت آهي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري عوام کي اپيل ڪندي چيو ته هو محرم جي موقعي تي ملڪ ۾ رواداري، ڀائپي، فرقيواراڻي هم آهنگي ۽ گڏيل احترام واري ماحول کي هٿي ڏئي ٻڌي ۽ قومي اتحاد جو مظاهرو ڪري.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button