پاڪستان

پاڪ فوج ۾ اعليٰ عهدن تي مقرريون، جنرل فيض حميد ڪور ڪمانڊر بهاولپور مقرر

راولپنڊي: پاڪ فوج ۾ اعليٰ سطحي مقرريون ۽ بدليون ڪيون ويون آهن جنهن تحت ڪور ڪمانڊر پشاور ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد کي بدلي ڪري ڪور ڪمانڊر بهاولپور مقرر ڪيو ويو آهي. آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج ۾ ٻن اعليٰ عهدن تي تبديليون ڪيون ويون آهن، موجوده ڪور ڪمانڊر پشاور ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد کي ڪور ڪمانڊر بهاولپور مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته ملٽري سيڪريٽري پاڪستان آرمي ليفٽيننٽ جنرل سردار حسن اظهر حيات کي ڪور ڪمانڊر پشاور مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته بهاولپور جو موجوده ڪور ڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل خالد ضياء ملٽري سيڪريٽري پاڪستان آرمي هوندو. ان حوالي سان وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته ليفٽيننٽ جنرل سردار حسن اظهر حيات اولهه واري سرحد جو وسيع تجربو رکي ٿو ۽ هو جي او سي ميرانشاهه به رهيو آهي. آ ءِ ايس پي آر مطابق ليفٽيننٽ جنرل سردار حسن اظهر حيات ڏکڻ وزيرستان ۾ برگيڊيئر طور برگيڊ جي ڪمانڊ ڪري چڪو آهي ۽ هن آ ءِ ايس آ ءِ ۾ مقرري دوران افغان امن عمل ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو جڏهن ته ليفٽيننٽ جنرل سردار حسن اظهر حيات چين ۾ دفاعي اتاشي طور پڻ ذميواريون انجام ڏئي چڪو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button