سنڌ

جلوسن جي سيڪيورٽي لاءِ فول پروف انتظام ڪيا آهن:شرجيل انعام ميمڻ

سنڌ جي اطلاعات کاتي واري وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ ليبر واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته ڪراچي سميت سموري سنڌ ۾ محرم الحرام جي جلوسن ۽ عزاداران جي سيڪيورٽي جي لاءِ سنڌ حڪومت ۽ سنڌ پوليس طرفان فول پروف سيڪيورٽي انتظام ڪيا ويا آهن. سنڌ پوليس پاران ڪراچي جي هيڊ آفيس ۾ مانيٽرنگ سيل کان علاوه جلوس جي سڪيورٽي تي مقرر ڪيل اھلڪارن جي گاڏين سميت سمورن رستن تي سي سي ٽي وي ڪئمرائون نصب ڪيون ويون آهن. جڏهن ته جلوسن جي سيڪيورٽي جي لاءِ پوليس، رينجرز ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا هزارين اهلڪار پنهنجون خدمتون سر انجام ڏئي رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هنن سومر ڏينهن 9 محرم الحرام جي مرڪزي جلوس جي رستن جي دوري ۽ سينٽرل پوليس آفيس سي پي او جي دوري جي موقعي تي ڪيو. صوبائي وزيرن پوليس هيڊ آفيس ڪراچي ۾ سنڌ پوليس پاران قائم ڪيل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر جو معائنو پڻ ڪيو. ان موقعي تي ايڊمنسٽريٽر ڪراچي بئرسٽر مرتضيٰ وهاب، آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ۽ ٻيا اعليٰ آفيسر به موجود هئا. صوبائي وزيرن کي آءِ جي سنڌ بريفنگ ڏني ۽ ڪراچي مان نڪرندڙ 9 محرم الحرام جي جلوسن جي سيڪيورٽي جي حوالي سان تفصيل کان آگاهه ڪيو. صوبائي وزيرن شرجيل انعام ميمڻ ۽ سعيد غني مختلف جاين تي لڳايل ڪلوز سرڪٽ ڪئمرائن کان علاوه پوليس ۽ ٻين امن امان جي ادارن جي گاڏين تي لڳايل ڪئمرائن جو به جائزو ورتو. شرجيل انعام ميمڻ ۽ سعيد غني چيو ته سنڌ پوليس پاران ڪيل سيڪيورٽي جا فول پروف انتظام تعريف جي لائق آهن ۽ جهڙي ريت گذريل ڏينهن 8 ۽ اڄ 9 محرم الحرام جو مرڪزي جلوس پرامن طريقي سان پنھنجي منزل ڏانهن گامزن آهي، انشاءَ الله سڀاڻي 10 محرم الحرام جي جلوسن جي لاءِ به اهڙي قسم جي سيڪيورٽي جا انتظام ڪيا وڃن. صوبائي وزيرن چيو ته ھنن جلوس جي مختلف رستن جو به دورو ڪيو آهي ۽ اتي سيڪيورٽي جي انتظامن جو به جائزو ورتو آهي ۽ اسان جي ڀرپور ڪوشش هجڻ گهرجي ته جلوس ۾ شرڪت ڪندڙن کي ڪا به پريشاني نه ڏسڻي پوي. صوبائي وزيرن چيو ته پوليس ۽ ٻيا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا جلوس ۾ شرڪت ڪندڙن ۽ عوام جي حفاظت جي لاءِ مقرر ڪيا ويا آهن، ان لاءِ عوام به هنن سان ڀرپور سهڪار ڪري. ان کان اڳ صوبائي وزيرن شرجيل انعام ميمڻ ۽ سعيد غني نشتر پارڪ، نمائش چورنگي، ريمبو سينٽر، صدر ايمپريس مارڪيٽ، ايم اي جناح روڊ، بولٽن مارڪيٽ سميت جلوس جي رستن جو دورو ڪيو ۽ اتي انتظامن جو جائزو پڻ ورتو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button