سنڌ

خيرپور ۾ قديمي شمع گل جو ماتم،نوحه خواني ۽ سينا زني

خيرپور ۾ امام عالي مقام حضرت امام حسين عليه السلام، سندس ڪٽنب ۽ ساٿين پاران ڪربلا جي رڻ ۾ اسلام جي سربلندي لاءِ ڏنل لازوال قرباني کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ 9 محرم الحرام جي فجر جي اذان بعد 157 سالا قديمي “شمع گل” جو ماتم علمن، ذوالجناح سان گڏ قديمي ڪربلا تان برآمد ٿيو، جيڪو روايتي رستن تان گذرندو امام بارگاهه حجتيه عليه السلام و درگاهه بخاري شاهه تي مهماني لاءِ پهتو، جتي سوين مرد ۽ عورت عزادارن نوحه خواني ۽ سينا زني ڪئي. مهماني بعد شمع گل جو قديمي ماتم روايتي روٽن تان ٿيندو امام بارگاهه حجتيه عليه سلام، امام بارگاهه علي رضا شاهه ٿلي تي مهماني لاءِ پهتو، جنهن دوران سوين عزادارن نوحه خواني ۽ سينا زني ڪئي بعد ۾ واپس شمع گل جو ماتم قديمي ڪربلا تي اختتام پذير ٿيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button