سنڌ

ارشد نديم ۽ نوح دستگير پاڪستان جا هيرو آهن: بلاول ڀٽو

پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ پيپلزپارٽي جي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري دولت مشترڪه راندين ۾ سونو ٻلو کٽڻ تي ارشد نديم کي مبارڪ ڏني. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران چيو ويو ته ڪامن ويلٿ گيمز ۾ نيزو اڇلائڻ جي مقابلن ۾ ارشد نديم جو رڪارڊ پوري پاڪستان لاءِ فخر واري ڳالهه آهي، زخمي هئڻ جي باوجود سونو ٻلو کٽي ارشد نديم اسپورٽس مين اسپرٽ جو بي مثال مظاهرو ڪيو. اڌ صدي کان وڌيڪ عرصي کان پوءِ دولت مشترڪه راندين ۾ پاڪستان کي گولڊ ميڊل ملڻ هڪ وڏي ڪاميابي آهي. بلاول ڀٽو چيو ته ارشد نديم ۽ نوح دستگير جهڙا جوان پاڪستان جا هيرو آهن. اڳوڻي صدر آصف زرداري به ارشد نديم کي ڪامن ويلٿ گيمز کٽڻ تي مبارڪ ڏني ۽ چيو ته ارشد نديم گولڊ ميڊل کٽي ملڪ ۽ عوام جو ڪنڌ فخر وچان مٿي ڪري ڇڏيو. ارشد نديم ملڪ جو نالو روشن ڪيو آهي، اهڙن نوجوانن تي قوم کي ناز آهي. آصف علي زرداري ارشد نديم لاءِ وڌيڪ ڪاميابيون ماڻڻ جي دعا به ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button