پاڪستان

اي پي ايس سانحي جو ماسٽر مائينڊ عمر خالد خراساني بم ڌماڪي ۾ مارجي ويو

ڪابل: بندش پيل تحريڪ طالبان پاڪستان جو ڪمانڊر عمر خالد خراساني افغانستان ۾ هڪ بم ڌماڪي ۾ مارجي ويو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب اي پي ايس حملي جو ماسٽر مائينڊ عمر خالد خراساني افغانستان جي صوبي پڪتيڪا ۾ بم ڌماڪي ۾ مارجي ويو، ڌماڪي ۾ عمر خالد جا ٻه ساٿي مفتي حسن ۽ حافظ دولت پڻ مارجي ويا آهن. عمر خالد خراساني جي ڳاڻيٽو ٽي ٽي پي جي اهم ڪمانڊرن ۾ ٿيندو هو، عمر خالد خراساني ڪجهه ڏينهن پهريان ڪابل ۾ پاڪستان سان امن ڳالهين ۾ پڻ حصو ورتو هو، طالبان اڳواڻ احسان الله احسان ۽ ڪالعدم ٽي ٽي پي جي ذريعن عمر خالد خراساني جي مارجي وڃڻ جي تصديق ڪئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪالعدم ٽي ٽي پي جا ٽئين ڪمانڊرز افغانستان جي صوبي پڪتيڪا جي علائقي برمل ۾ گاڏي تي سفر ڪري رهيا هئا جو سندن گاڏي بارودي سرنگهه سان ٽڪرائجي وئي. ٽي ٽي پي جا ٽئين ڪمانڊرز افغانستان جي صوبي ڪنڙ ۾ ترسيل هئا ۽ ڳالهين لا برمل ويا هئا. آمريڪا عمر خالد خراساني بابت اطلاع ڏيڻ، جيئري يا مئل حالت ۾ پڪڙيندڙ کي 3 ملين ڊالر انعام ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button