سنڌيءَ ۾ افسانوي ادب پڙهندڙن لا اها وڏي ۾ وڏي خوشخبري آهي ته گذريل ويهارو کن سالن کان ناول جي صنف تي تيزيءَ سان ڪم ٿي رهيو آهي. عام طور تي چيو ويندو آهي ته جيڪڏهن اوهان کي ڪنهن به قوم جو مزاج سمجهڻو آهي ته ان جا ناول پڙهو. نه رڳو اهو پر ناول پنهنجي اندر ايتري ته وسعت رکي ٿو جو اهو هڪ نئين دنيا کي به جنم ڏئي ڇڏيندو آهي. هڪ اهڙي دنيا جيڪا اسان جي دنيا جهڙي هوندي به اسان جي دنيا نه هوندي آهي. پر ان هوندي به ناول اسان کي اسان جي دنيا جي سماجي بيهڪ ۽ ان جي ڍانچي کان روشناس ڪرائي ويندو آهي.
اڄ جي هن تيز رفتار دنيا ۾ به ناول ڀرپور انداز ۾ لکجي ۽ ڇپجي رهيو آهي. جيڪڏهن اڄ جي سنڌي ناول تي نظر وجهجي ته ان ۾ موضوع ۽ فن جي حوالي سان نت نوان تجربا ڏسڻ ۾ اچن ٿا ۽ عبدالواحد سومري جو تازو آيل ناول “مس ڪال” به سنڌي ناول جي حوالي سان هڪ خوبصورت تجربو آهي.
واحد سومرو سنڌي ڪهاڻيءَ جي حوالي سان ڪو نئون نالو نه آهي. هن ناول کان اڳ سندس ٽي ڪتاب “مان سنڌ گهمڻ نه ويندس (ڪهاڻيون)”، “ڌرتي جو پٽ (ڪهاڻيون)” ۽ “ايلسا (ناوليٽ)” ڇپجي چڪا آهن. هن جي رومانوي ۽ حقيقت نگاري تي آڌاريل ناوليٽ ايلسا کي سٺي موٽ ملي. واحد سومري جي لکڻين ۾ اسان کي رومانويت، حقيقت نگاري ۽ سماجي حقيقت نگاري پڙهڻ لا ملي ٿي. هن جي ڪهاڻين ۽ ناول جي هڪ ٻي خوبي اها به آهي ته انهن مان اڪثر ڪهاڻيون ڪراچيءَ جي سيٽنگ ۾ لکيل آهن. منهنجو خيال آهي ته سنڌي ادب تي ٻهراڙي جي منظر نگاري حاوي رهي آهي ۽ اهو محدود ۽ علائقائي ادب جي رنگ ۾ رڱيل نظر اچي ٿو. پر ان جي ڀيٽ ۾ واحد سومرو شهري زندگيءَ کي پنهنجي لکڻين ۾ نروار ڪري ٿو ۽ شهر ۾ رهندڙ ماڻهن جي مسئلن کي اڀاري ٿو، جيڪو پڻ سنڌي پڙهندڙ لا نواڻ کڻي اچي ٿو.
سندس تازو ڇپيل ناول “مس ڪال” به انهيءَ نواڻ سان ڀريل آهي. هيءَ لڳ ڀڳ 130 صفحن جو ناول آهي جيڪو مرڪ پبليڪيشن، ڪراچي سال 2021ع ۾ ڇپرايو. هن ناول جي ڪهاڻي جميلا پمپنگ اسٽيشن جي پسمنظر کان شروع ٿئي ٿي ۽ ڪراچي ۾ رهندڙ مڊل ۽ لور مڊل ڪلاس جي مسئلن کي اجاگر ڪري ٿي. ڪهاڻيءَ ۾ لاهور جو هڪڙو خاندان ڏيکاريل آهي. ڪهاڻيءَ جو مک ڪردار هڪ عام رواجي نوجوان سلمان آهي، هو واٽر بورڊ ۾ ڪم ڪري ٿو ۽ سڄو ڏينهن موٽرسائيڪل تي گهمندو وتي ٿو ۽ هر وقت ڪن تي موبائيل لڳل اٿس.
“سلمان چست طبعيت جو نوجوان جنهن جو ايئن موبائيل تي مختلف ماڻهن سان، مختلف وقتن، مختلف نمبرن تي ڳالهائڻ ٿئي ٿو، جنهن مان ڪيترائي نمبر روزمره جي زندگي جو حصو آهن….”
هن ڊسڪرپشن مان ڄاڻ ملي ٿي ته موبائيل سلمان جي زندگي جو هڪ اهم حصو آهي ۽ هن جو لڳ ڀڳ سمورو ڪاروهنوار انهي تي هلندڙ آهي. هڪ ڏينهن کيس ڪنهن اڻ ڄاڻ نمبر تان مس ڪال اچي ٿي، جڏهن هو ان نمبر تي ڪال بيڪ ڪري ٿو ته هن سان صائمه نالي هڪ ڇوڪري ڳالهائي ٿي. ڇوڪريءَ جي آواز تي سلمان عجيب ڪيفيتن ۾ هليو وڃي ٿو ۽ هن جو نمبر سيو ڪري ٿو ڇڏي. هوريان هوريان هو صائمه سان فون تي دل پشوري ۽ ٽائيم پاس ڪرڻ لڳي ٿو ۽ پو اهو عمل هن جي زندگيءَ جو اهم حصو بڻجي وڃي ٿو، جيئن ليکڪ هنن سٽن ۾ ٻڌائي ٿو:
“سلمان ۽ صائمه جون مختصر ڳالهيون پُر اثر ٿينديون ويون، موبائيل پيڪج کين آن لائين ملائي گهڻو ويجهو ڪري ڇڏيو هو.”
ايئن ته هيءَ هڪ پريم ڪهاڻي آهي، پر ان جي نواڻ ۽ خوبصورتي اها آهي ته هن ناول ۾ ٽيڪنالاجيءَ جي استعمال، ان مان نڪرندڙ هاڪاري ۽ ناڪاري نتيجن کي ناول ۾ سهڻي نموني سان قلمبند ڪيو ويو آهي. ڪردار هڪ ٻئي کان ڏور هوندي هڪ ٻئي جي ويجهو آهن ۽ هيءَ ناول اڄ جي نوجوان جي نمائندگي ڪري ٿو.
ڪردار نگاري:
ناول ۾ ڪردار نگاري خوبصورت انداز ۾ ڪئي وئي آهي، ناول جا ٻه مک ڪردار سلمان ۽ صائمه آهن ۽ انهن سان لاڳاپيل ڪيترائي ڪردار آهن. ناول ۾ صائمه جو ڪردار اهڙو ته سٻاجهڙو ڪردار آهي جو ان سان پرهندڙ کي ايتري ته همدردي ٿي وڃي ٿي جو جڏهن هن جي زندگي جي ڏکن سورن جو داستان پڙهي ٿو ته ان جون اکيون به آليون ٿي وڃن ٿيون. صائمه جي ڪردار کي ڪجهه هن ريت بيان ڪيو ويو آهي:
“جوان جماڻ، حسين و جميل ڇوڪري، دل ۾ هزارين رنگين ارمان رکندڙ صائمه هن دنيا جي تختي تي کيس پنهنجي حياتي محدود لڳندي هئي.”
هو سليم نالي لاهور جي هڪ بزنس مين جي ڌي آهي. هڪ رات هو ما پيءُ کي پنهنجي بيماري بابت ڳالهائيندي ٻڌي ٿي ۽ ان رات اوچتو ئي اوچتو هن جي حالت بگڙجي وڃي ٿي. هن کي ترت اسپتال کڻائي اچن ٿا، جتي هن کي ڪينسر هجڻ جي نشاندهي ٿئي ٿي. ان ڪري ئي هو اڪيلي رهڻ لڳي ٿي، نه ڪو دوست ٿي ٺاهي ۽ نڪو ئي وري ڪنهن جوان جي عشق ۾ پاڻ وڃائڻ جو ارمان اٿس. پر ان هوندي به جڏهن هڪ مس ڪال کان پو سلمان هن جي زندگي ۾ اچي ٿو ته هو هن سان ڳالهائڻ ۾ ڪجهه وقت لا فرحت ۽ راحت محسوس ڪري ٿي.
ٻئي پاسي سلمان جو ڪردار آهي جيڪو ڏينهن رات نوڪري ڪري ماڻهن جا بنيادي مسئلا حل ڪرڻ سان گڏ پنهنجي گهر جا مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش به ڪندو رهي ٿو ۽ وقت سر صائمه کي به فون تي دلداري ڏيندو رهي ٿو. ٻنهي ڪردارن جي شخصيت سٻاجهڙي ڏيکاري وئي آهي ۽ سندن دلين ۾ انساني همدرديءَ جي احساس کي نروار ڪيو ويو آهي. اهي ٻئي ڪردار اهڙي ته خوبصورت نموني تخليق ڪيا ويا آهن جو اهي ڪيتري ئي عرصي تائين پرهندڙ سان گڏ رهن ٿا.
پلاٽ ۽ انداز:
ايئن ته هن ناول جو مک پلاٽ رومانويت آهي ۽ هيءَ ناول نيو اڊلٽ فڪشن جي دائري ۾ اچي ٿو. نيو اڊلٽ فڪشن ناول جو اهو قسم آهي جنهن ۾ مک ڪردار 18 سالن کان 30 سالن جي ڄمار جي وچ وارو هوندو آهي ۽ ان ۾ نوجوانن جو گهر ڇڏي وڃڻ، پنهنجي جنسي سڃاڻپ جي ڳولا ڪرڻ، تعليم جي حوالي سان پيش ايندڙ مسئلا يا وري نوڪري ۽ ڪيرئير جي حوالي سان مشڪلن کي بنياد بڻايو ويندو آهي. ان حوالي سان ڪولن هور، چيتن ڀڳت ۽ ڪجهه ٻيا ليکڪ سموري دنيا ۾ مشهور ٿيا آهن.
ان کانسوا ناول ۾ اسان کي حقيقت نگاريءَ سان گڏ ڪراچيءَ جي مختلف عمارتن جو تاريخي پسمنظر به پڙهڻ لا ملي ٿو ۽ ڪيترائي سياسي سماجي واقعا به پڙهڻ لا ملن ٿا. ناول جي ڪهاڻي ٿرڊ پرسن ۾ بيان ڪيل آهي، جنهن مان مراد ته راوي ناول کان ٻاهر آهي يا راوي پاڻ ناول مان غير حاضر آهي.
مان سمجهان ٿو هيءَ واحد سومري جو هڪ سهڻو ناول آهي، جيڪو خاص ڪري نوجوان پڙهندڙن ۾ سٺي جا ولاريندو ۽ ناول جي ڪهاڻي ۽ ڪردارن کي وڏي وقت تائين ياد رکيو ويندو.