ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڀٽن منجھه ڀونچال – VII

Editorial-Article- Noor Bajeer

ٿر ۾ سياحت:
روپلي جا يادگار: ننگر پارڪر شھر جي ڀرسان گوڌڙي نديءَ تي۔ جنھن جاءِ تي امر روپلي ڪولهيءَ کي ڦاھي ڏني ويئي ھئي، ان جاءِ تي يادگار ٺھيل آھي. امر روپلي ڪولھيءَ جي ڳوٺ ڪونڀاري ۾ وڏي ڀٽ تي آباد سنگراسي سوڍن جي گهرن جي اڳيان هڪ ٿلهي سان لورٽي لڳل روپلي ڪولهيءَ جو يادگار آھي. ڳوٺاڻن موجب هتي وڏو نم جو وڻ هو، جنهن جي پاڙ وٽ لورٽي لڳل هوندي هئي، نم جو وڏو وڻ صديون پراڻو سڪل حالت ۾ هتي ڪريل ان جاءِ کان ٻه سو فٽ جي فاصلي تي روپلي جو گهر هو.
انچليشور جو آستان: ڪارونجھر جي پھاڙي سلسلي ۾ ننگر پارڪر شھر کان اتر ۽ الھندي طرف ٻن ميلن جي فاصلي تي ٽڪريءَ جي وچ ۾ انچليشور جو آستان آھي. جتي مھاديو جو مندر ۽ پاڻيءَ جو چشمو آھي. مٿي چڙھڻ لاءِ ١٠٨ چاڙھيون ٺھيل آھن.
تروٽ جو ٿلھو: ڪارونجھر جي اونچي ۾ اونچي چوٽيءَ کي تروٽ جو ٿلھو سڏيو وڃي ٿو. ھتي پھچڻ سان ننگرپارڪر جا سمورا نظارا نظر ايندا آھن. ثقافت ۽ سياحت کاتي پاران تروٽ جي ٿلھي ڏانھن ويندڙ رستي تان گذرندڙ ندي مٿان لوھي پل تيار ڪئي ويئي آھي.
چوڙيو مندر: ننگر پارڪر کان تقريبن 45 ڪلوميٽر پري رڻ ڪڇ جي ڪنڌيءَ تي ڳوٺ چوڙيو وٽ ھڪ جابلو چوٽيءَ تي چوماڊا ماتا جو مندر آهي. جتي سال ۾ ھڪ ڀيرو ميلو لڳندو آھي.
ڪاسٻو: ڪاسٻي جو ڳوٺ ثقافتي سياحتي ۽ تاريخي حوالي سان اھم ماڳ آھي. کوھن تي ٿيندڙ واڙين جي ساوڪ ۾ گھيريل ھن ڳوٺ ۾ راما پير جي مندر ۽ مڙھي واري شو مندر جي آستان تي مور مٽڪو رمندي ملندا. وڏن وڻن ھيٺ راڳي يوسف فقير ۽ ڀڳتن جي ٽولي جا مٺڙا سر ٻڌڻ لاءِ ملن ٿا. ڪاسٻي ڳوٺ جي ڀر سان موجود زرعي زمين تي انب، ليمن جي وڻن سان گڏ ڪڻڪ، ڀينڊي، پالڪ ۽ ٻيون ڀاڄيون پوکيون وڃن ٿيون.
آڌيگام جا آثار: پارڪر جي سماجي، ثقافتي ۽ معاشي تاريخ ۾ آڌيگام جو اهم حصو آهي. صدين کان اها چوڻي مشهور رهي آهي ته ‘اڌ ۾ آڌيگام، اڌ ۾ پارڪر’. آڌيگام واري علائقي جون زمينون تمام گهڻيون زرخيز آهن. آڌيگام جي موجوده ڳوٺ جي ڀرسان پراڻي شهر جا آثار ملن ٿا. هيءَ شهر ڪڏهن ۽ ڪيئن اجڙيو؟ لوڪ روايتن جي ڍير مان آڌيگام جي اجڙڻ جي ڪهاڻي پڌري ٿي نه سگهي آهي. آڌيگام واري پاسي کان ڪارونجهر جا نرالا رنگ ڏسڻ جهڙا ھوندا آهن. اوڻ جي وانڊيي، سکپور ۽ سودراڻ ۾ کوهن تي ٿيندڙ واڙيون ڦلواڙيون بڻجي فطري حسناڪيءَ ۾ اضافو ڪنديون آھن.
ٿر ۾ روڊ نيٽ ورڪ ٺھڻ سان ھاڻي ھر سال سياحن جي انگ ۾ واڌارو پيو ٿئي. پاڪستان جي مختلف علائقن مان سياح ٿر گهمڻ اچن پيا پر ٿر ۾ سياحن جي رھائش توڙي کاڌي پيتي لاءِ ڪي معياري بندوبست ٿيل ناھن. گهمڻ واري هر ماڻهوءَ جي خواھش ھوندي آھي تھ ھو ننگرپارڪر ۾ ھڪ رات رھن پر ھيستائين ڪجهه رھائشي ريزورٽ يا گيسٽ ھائوس ٺھي سگھيا آھن. مختلف گھمڻ وارين جڳھين تي مقامي ماڻھن پنھنجي ڪاروبار لاءِ تھ ڪجھه شيون رکيون آھن پر ھو سياحن کي رھائش يا کاڌي پيتي جي اڃان آڇ نھ پيا ڪري سگهن. ٻين ملڪن ۾ سياح مھمان طور گھرن ۾ رھن ٿا ۽ مقامي ماڻھن سان گڏ رھڻ سان سندن ريتن رسمن ۽ ثقافتي قدرن جي باري ۾ ڄاڻ حاصل ڪن ٿا. سياحن کي ھو رھائش ۽ کاڌي پيتي جي سھوليت ڏيڻ تي ڪجهھ رقم پڻ چارج ڪن ٿا.
سڌريل ملڪن ۾ حڪومت پاران ذميوار سياحت جي حوالي سان قانون سازي ٿيل آھي ۽ ماڻھن کي ڄاڻ ھوندي آھي. ٽرانسپورٽ کان وٺي رھائش ۽ کاڌي پيتي تائين ماحوليات جو خيال رکيو ويندو آھي. ماڻھن جي گهڻي اچ وڃ سان گندگي ڦھلجڻ جو خطرو ھوندو آھي ۽ انھيءَ ڪري مختلف بيماريون ڦھلجنديون آھن.
جڏھن کان ٿر ۾ سياحت وڌي آھي، تڏھن کان سياحن جي ماڳن تي گندگي وڌي آھي، ڊسٽ بن گهٽ نظر ٿا اچڻ ۽ ماڻھن جي سجاڳي لاءِ پڻ ڪا مھم جوئي نظر نٿي اچي. واش روم وغيره گهٽ ھجڻ جي ڪري سموري غلاظت پڻ انھيءَ علائقي جي زمين تي پڌري پٽ نظر ايندي آھي.
تجويزون:

  1. سياحت کاتي کي نئون ڪوٽ قلعي جي ڀرسان مٺي روڊ تي سياحن لاءِ معلوماتي مرڪز ٺاھڻ گهرجي، جتي ٿر گھمڻ لاءِ ايندڙ ماڻھن جي رھنمائي ڪئي وڃي.
  2. ٿر جي سمورن تاريخي ۽ ثقافتي ماڳن جي باري ۾ بروشر ۽ وڊيو ٺاھي ويب سائيٽ ۽ معلوماتي مرڪز تي رکيا وڃن.
  3. ٿر ۾ سياحت کي هٿي ڏيڻ لاءِ ٿري نوجوانن کي ٿر گھمائڻ يعني ٽوئرسٽ گائيڊ جي تربيت ڏيڻ گهرجي ۽ حڪومت سنڌ پاران ماھوار وظيفو پڻ مقرر ڪري ڏنو وڃي، جيئن سياحت گهٽ ھئڻ وارن ڏينھن ۾ پنھنجو گذارو ڪري سگهن.
  4. ٽوئرسٽ گائيڊ کي تاريخي ڄاڻ ڏيڻ سان گڏ فوٽوگرافي، وڊيو ٺاھڻ ۽ ايڊٽ ڪرڻ جي باري ۾ پڻ سکيا ڏني وڃي.
  5. ٿر گهمڻ لاءِ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ھيٺ سرڪاري ۽ غيرسرڪاري ادارن جي سهڪار سان ٽوئر بس جو منصوبو جوڙيو وڃي ۽ ڪراچيءَ کان ننگرپارڪر ھفتي ۾ ٻھ ڏينھن ٽرانسپورٽ جو بندوبست ڪري گروپ ٽورئرزم کي هٿي ڏني وڃي.
  6. ٿر ۾ ڊيزرٽ سفاري لاءِ ڪارپوريٽ سوشل ريسپانسيلبٽي فنڊ مان مالي مدد ڪري ھڪ جامع رٿا جوڙي وڃي ۽ وسڪاري توڙي سياري ۾ مقابلا ڪرايا وڃن ۽ سياحن کي پڻ انھي عمل ۾ شامل ڪيو وڃي. ياد رھي تھ ڊيزرٽ سفاري لاءِ سنڌ حڪومت پاران تازو لکين روپين جي لاڳت سان رستو تيار ڪيو ويو آھي.
  7. سياحت کاتي پاران ننگر پارڪر ۾ وسڪاري وارن ڏينھن ۾ ٽينٽ سٽي تيار ڪري سياحن جي رھائش جو بندو بست ڪيو وڃي.
  8. سياحن جي گهڻي انگ ۾ اچڻ جي ڪري ھن وقت ڪجھه ھنڌن تي ٺھيل پبلڪ ٽوائليٽ ناڪافي ثابت ٿيا آھن، انھيءَ ڪري سنڌ حڪومت کي مختلف جڳھن تي پاڻي ۽ ٽوائليٽ جو بندوبست ڪرڻ گهرجي.
  9. ٿر جي آرگينڪ فوڊ کي هٿي ڏيڻ لاءِ سنڌ حڪومت پاران عوامي ڪاروباري مرڪز ٺاھڻ گھرجن، جتي مقامي ماڻھن جي مالي مدد ڪري ٿر جي آرگينڪ ڀاڄين ۽ ثقافتي کاڌن جي وڪري لاءِ سھوليت فراھم ڪئي وڃي.
  10. ڪارونجھر جبل تي چيئر لفٽ لڳائي تروٽ جي ٿلھي تائين پھچڻ جي رسائي ڏني وڃي .
  11. ٿر ۾ سياحن جي سھوليت ڪاري لاءِ معلوماتي مرڪز تي رجسٽريشن پاس جاري ڪئي وڃي ۽ مختلف ھنڌن تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران چيڪنگ لاءِ بيھاري ڊگھين لائينن ۾ بيھڻ جي تڪليف کان بچايو وڃي.
  12. ٿر ۾ ايڪو ٽوئرزم کي متعارف ڪرائڻ لاءِ رٿابندي ڪئي وڃي، جيئن ماحول کي بچائي سگھجي ۽ گندگيءَ جي ڪري ڦھلجندڙ بيمارين کان بچي سگهجي.
  13. سياحت مان فائدو وٺڻ ۽ پنھنجي ماحول کي صاف سٿرو رکڻ جي حوالي سان عام ماڻھن لاءِ سجاڳي مھم شروع ڪئي وڃي.
    )هلندڙ)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button